سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

ٻن ڪهڪشائن ۾ ٽڪر جي 100 ميگا پڪسل تصوير رليز

ڪائنات جي ٻن وڏين ڪهڪشائن ۾ ٽڪر واري هڪ 100 ميگا پڪسل تصوير جاري ڪئي وئي آهي، جيڪا تمام گهڻي مقبول ٿي وئي آهي. ميڊيا مطابق چلي جي ڊارڪ انرجي دوربين تي لڳل حساس ڪيمرا ڪائنات جي اهڙي هميشا هميشا يادگار رهجي ويندڙ منظر کي محفوظ ڪري ورتو آهي، جنهن ۾ اوهان ڪائنات جي غيرمعمولي تماشي کي اکين سان ڏسي سگهو ٿا، جيڪو زوم ڪرڻ سان وڌيڪ چٽائي ۾ نظر ايندو.

ڪهڪشائن جي ميلاپ يا ٽڪرائجڻ جو هڪ ٻيو ڏيک

هن تصوير ۾ ٻن وڏين ڪهڪشائن اين جي سي 1512 ۽ اين جي سي 1510 کي هڪٻئي سان ٽڪرائيندي يا ملندي ڏيکاريو ويو آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي تھ هن قسم جون تصويرون سدائين ناياب رهيون آهن، ڇاڪاڻ تھ ڪهڪشائن جي اهڙي ميلاپ سان انهن کان بھ وڏيون ڪهڪشائون ٺهنديون آهن، نوان تارا پڻ وجود ۾ ايندا آهن ۽ اهڙي طريقي سان ڪائنات وسيع ٿيندي ويندي آهي.

ڪهڪشائن ۾ ٿيندڙ غير معمولي چرپر جو هڪ منظر

رپورٽ ۾ اهو بھ ڄاڻايو ويو آهي تھ اهي ٻئي ڪهڪشائون زمين کان 4 ڪروڙ نوري سال جي فاصلي تي آهن، جن ۾ وڏي ڪهڪشان اسپائرل جهڙي ۽ ان کان ننڍي ڪهڪشان وري ان ڏي جهڪيل محسوس ٿيندي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button