ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪڻڪ کوٽ: زراعت ۾ جدت جي ضرورت

ملڪ ۾ گذريل ٻن سالن کان وٺي ڪڻڪ ۽ اٽي جو بحران هلي رهيو آهي، جنهن کي نه ته پي ٽي آءِ حڪومت ختم ڪري سگهي هئي ۽ نه ئي هاڻوڪي حڪومت ختم ڪري سگهي آهي. جڏهن ته اٽو هڪ عام واهپي جو اسم آهي، جنهن کي غريب غربو به استعمال ڪري ٿو ته امير ماڻهو به استعمال ڪندا رهندا آهن، پر عجيب ڳالهه آهي ته ڪڻڪ اپائيندڙ ملڪ به ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ تي زور ڏئي رهيو آهي، جنهن جي ڪري ملڪ ۾ اٽو ڏينهون ڏينهن مهانگو ٿي رهيو آهي، هن وقت ذري گهٽ اٽي جو هڪ ڪلو 90 روپين تائين وڃي پهتو آهي. امڪان اهي آهن ته ايندڙ وقت ۾ اهو اگهه اڃا به وڌي سگهي ٿو. تنهنڪري ان کي ڪنٽرول ڪرڻ جي ضرورت آهي. ڪالهه جيڪا رپورٽ آئي آهي، ان مان اهو لڳي رهيو آهي ته ايندڙ وقت ۾ اٽي جو بحران وڌي ويندو آهي ۽ عام ماڻهو لاءِ اٽو خريد ڪري کائڻ به ڏکيو ٿي ويندو.
رپورٽ موجب فلور ملز قيمتن ۾ امڪاني گهٽتائي سبب ڪڻڪ جي خريداري ۽ اٽي جي پيسائي گهٽ ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته طلب ۽ رسد ۾ فرق وڌڻ جي صورت ۾ اٽي جو بحران پيدا ٿيڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي. حڪومتي ذريعن جي دعويٰ آهي ته ڪڻڪ وڏي مقدار ۾ موجود آهي، تمام جلد نئين پاليسي جو اعلان ٿيندو ۽ اٽي جو بحران پيدا نه ٿيندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته سرڪاري ڪڻڪ جي ڪوٽا بند ٿيڻ، اوپن مارڪيٽ ۾ مهانگي ڪڻڪ ۽ گهٽ هجڻ سبب اٽي جو شديد بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. پنجاب ۾ اٽي جي قيمتن ۾ 1300 روپين تائين اضافي جي باوجود دستيابي مستحڪم ناهي ٿي رهي. حڪومت طرفان ڪڻڪ جي اٽي وارين قيمتن ۾ امڪاني گهٽتائيءَ کي نظر ۾ رکندي فلورملز ڪڻڪ خريداري گهٽ ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته حڪومت فلورملز کي وقت کان اڳ سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪرڻ تي حتمي مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. فلورملز کي جون بدران هلندڙ مهيني ئي سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي شروع ڪرڻ جو امڪان آهي. ذريعن موجب وزيراعظم اوپن مارڪيٽ جي اٽي جي قيمتن ۾ 200 کان وٺي 300 رپيا في ٿيلهو گهٽ ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪري ورتو آهي، جنهن جي تحت حڪومت 20 ڪلو واري اٽي جي ٿيلهي جي قيمت 1 هزار روپين کان وٺي 1100 روپين جي وچ ۾ مقرر ڪرڻ تي غور شروع ڪري ڏنو آهي. ذريعن موجب حڪومت عوام کي سستي اٽي جي فراهمي لاءِ 20 ڪلو جي ٿيلهي تي 600 روپين کان وڌيڪ سبسڊي برداشت ڪندي. حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ تي به مشاورت شروع ڪري ڇڏي آهي. ٻئي طرف پنجاب جي خوراڪ کاتي هينئر تائين 41 لک ٽن ڪڻڪ خريد ڪري ورتي آهي. جڏهن ته 50 لک ٽن هدف پورو ڪرڻ لاءِ ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن اٽي جي في 20 ڪلو ٿيلهي جي موجوده قيمت ۾ 200 کان 300 رپيا گهٽتائي جو اصولي فيصلو ڪيو آهي. اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 1000 کان 1050 رپين جي وچ ۾ مقرر ٿيڻ جو امڪان آهي. اٽي جي قيمت ايندڙ مهيني بدران ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ شروع ٿيڻ جو امڪان آهي. ان کان علاوه وفاقي حڪومت ملڪ ۾ ڪڻڪ جي ذخيرن کي مستحڪم ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ 2 ملين ٽن ڪڻڪ درآمد ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي، ان حوالي سان اقتصادي رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ سمري پيش ڪئي ويندي.
اسين سمجهون ٿا ته هر سال جيڪو ڪڻڪ جو بحران پيدا ٿي رهيو آهي، ان جا ڪي بنيادي سبب آهن. ملڪ ۾ زراعت ۾ جديد ٽيڪنالاجيءَ کي جاءِ نٿي ڏني وڃي. في ايڪڙ پيداوار وڌائڻ بدران زمين تي گهڻو فصل پوکي پيداوار وڌائڻ تي زور ڏنو پيو وڃي. ان کان سواءِ پاڻي به گهڻو ضايع ڪيو وڃي ٿو، ان کان سواءِ سڄو زور زرعي دوائن تي ڏنو وڃي ٿو ۽ نه ئي وري ڪنهن نئين ٻج جو تجربو ڪيو ٿو وڃي. ان ڪري ملڪ جي زرعي ماهرن کي گهرجي ته اهي زراعت ۾ جدت آڻين، دنيا هن وقت فارمنگ ۾ نوان نوان تجربا ڪري رهي آهي، ٿوري جاءِ ۾ گهڻو فصل اپايو ٿو وڃي، تنهنڪري ان پاسي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. پاڪستان ۾ جهڙي ريت آبادي وڌي رهي آهي، ان حساب اسان کي گهڻي کان گهڻو فصل ٿوري زمين ۾ پوکڻو پوندو، پر اهو تڏهن ئي ٿي سگهي ٿو، جڏهن زراعت جي حوالي سان جديد طريقا اختيار ڪيا ويندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button