اسلام آباد

عمران خان خلاف مذمتي قرارداد منظور/عمران خان جي زبان نه روڪي ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو: وزيراعظم

پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي فوج مخالف بيانن تي قومي اسيمبلي ۾ مذمتي قرارداد متفقه طور تي منظور ڪئي وئي آهي. پارلياماني معاملن واري وزير مرتضى جاويد قرارداد پيش ڪئي. ان کان پهرين وزيراعظم شهباز شريف چيو ته عمران خان جي زبان کي روڪڻو پوندو نه ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي شهباز شريف چيو ته عمران خان عوام جي ذهن ۾ زهر پيدا ڪري رهيو آهي، ان لاڏلي کي جيڪو ادارن سپورٽ ڪيو، ان جو مثال نٿو ملي، هن چيو ته هڪ ڌمڪي کي بنياد بڻائي سازش قرار ڏنو پيو وڃي، ڌمڪي ته هنري ڪسنجر ڀُٽي کي به ڏني هئي، ڌمڪي ته نائن اليون کانپوءِ پرويز مشرف کي به ڏني وئي، ڌمڪي جي تاريخ گهڻي ڊگهي آهي، ڌمڪي مان سازش ڪٿان نڪري آئي؟هن چيو ته پي ٽي آئي چيئرمين ڪالهه جيڪا ٻولي استعمال ڪئي اها خطرناڪ آهي، هو نه کيڏنداسين ۽ نه کيڏڻ ڏينداسين ته عمل ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن نوٽيس وٺي ان کي نه روڪيو ويو ته ملڪ وڌيڪ ورهائجي ويندو، آئين ۽ قانون موجب ان جي زبان کي روڪڻو پوندو. وزيراعظم چيو ته ڪالهه عمران نيازي نواب سراج الدوله کان غداري وارو جيڪو مثال اسان جي قومي اداري جي حوالي سان ڏنو اهو خوفناڪ آهي، ان اداري توهان کي جڏهن ٻار جيان کير پياريو هو ته ان وقت سڀ صحيح هو، جيڪي حمايت هن لاڏلي کي ملي ايتري اسان کي ملي ها ته ملڪ بلندين تي هجي ها.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button