اڃا تائين ذهن ان ڳالهه کي مڃڻ لا تيار ناهي ته جان خاصخيلي جي وفات ٿي ويئي آهي. روز ڪم ڪرڻ لا ويهڻ مهل اهو سوچيندو هوس ته اڄ جان تي ڪجھه لکڻ جي ڪوشش ڪندس. پر ذهن ان ڳالهه لا تيار ئي نه پيو ٿئي.
جان جي وفات جي خبر منهنجي لا ائين ئي اوچتي هئي جيئن منهنجي ڀا حسن منصور جي وفات جي خبر. سندس حيدرآباد هليو وڃڻ ۽ منهنجي گلشن حديد ۾ اچي رهڻ کانپو اسان جي ذاتي ملاقات گھڻو گھٽجي ويئي هئي. آئون سمجهان ٿو ته ويهه پنجويهه سالن جي عرصي ۾ شايد ٻه ڀيرا ساڻس بالمشافه ملاقات ٿي هئي. هڪ ڀيرو جڏهين آئون، فشر فوڪ جو محمد علي شاهه ۽ چندر ڪيسواڻي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ چندر ڪيسواڻي جي ڪتاب جي مهورت لا ويا هئاسين. اتي اسان پروگرام کانپو رات رهيا هئاسين ۽ ڪچهري ڪئي هئي. ٻيو ڀيرو سنڌي لئنگويج اٿارٽي جي هال ۾ منعقد ٿيل ايڇ آر سي پي جو پروگرام هو جنهن ۾ هو خاص مون سان ملڻ آيو هو ۽ ٿوري دير ويهي هليو ويو هو.
دوست جي جيڪڏهين جسماني موجودگي نه به هجي ته به ان جي هئڻ جو احساس هڪ آسرو ۽ آسيس هوندي آهي. اڄڪلهه هونئن ئي منهنجي گھڻن دوستن سان ملاقات ۾ هڪ وڏو وقفو پئجي ويندو آهي ۽ ساڻن فون تي ڪڏهين ڪڏهين ئي ڳالهه ٻولهه ٿي سگھندي آهي. پر جان سان فون تي لاڳيتو ۽ باقاعدي رابطو رهندو هو. هفتي، اٺين ڏهين ڏينهن ڪڏهين آئون ته ڪڏهين پاڻ مون کي فون ڪندو هو ۽ پو مختلف موضوعن تي هڪ ڊگھي ڳالهه ٻولهه، جيڪا ڪڏهين ڪڏهين هڪ ڪلاڪ تائين به هوندي هئي، ڪندا هئاسين. پنهنجي لکڻ ۽ پڙهڻ کي هڪٻئي سان ونڊيندا هئاسين ۽ پو مختلف معاملن تي صلاح مصلحت ڪندا هئاسين. سندس وفات کان ڏهه ڏينهن کن اڳ اسان هڪٻئي سان ڳالهايو هو ۽ مون ٻه ٽي ڏينهن کان کيس فون ڪرڻ متعلق سوچيو پئي پر اهو صبوح شام ۾ وقت نڪري ويو ۽ آئون کيس فون نه ڪري سگھيس. اهو خيال ۾ ئي نه هو ته هو ائين اوچتو هليو ويندو ۽ ساڻس ڳالهائڻ جي حسرت ئي رهجي ويندي.
اهو ياد ناهي ته جان سان پهرين ملاقات ۽ واقفيت ڪڏهين ٿي پر آئون سمجھان ٿو ته ان کي چاليهه سالن کن جو عرصو ٿي چڪو آهي. سنڌي ادبي سنگت کي ان لحاظ سان هڪ اهم حوالو ڪري ليکي سگھجي ٿو جان شايد 1984 ۾ ڪراچي آيو. هتي هو ڪنهن نوڪري وغيره سان لڳو پر ساڳي وقت سنگت ۾ به سرگرم هو ۽ اهڙي ريت ساڻس واقفيت ٿي. هو جڏهين ڪراچي آيو ته سندس واقفيت اڳ ئي هڪ سياسي تنظيم ۾ رهڻ جي حوالي سان رحمان خاصخيلي سان هئي. رحمان لياري ۾ ئي رهندو هو ۽ حاجي عبدالله هارون اسڪول ۾ منهنجي ڀا شڪور جو ڪلاس فيلو رهيو هو. رحمان جو واسطو شايد ڪميونسٽ پارٽي وارن سان هو. هو ڪميونسٽ پارٽي جي امداد قاضي، جيڪو ان وقت شعور نالي سان رسالو ڪڍندو هو، سان گڏ رسالي لا مضمون وغيره جي لا منهنجي بغدادي لياري واري گھر ايندو هو. رحمان لياري جو پراڻو رهاڪو هو. سندس هڪ مامو ابراهيم لاسي اسڪول ۾ منهنجو استاد هو جڏهين ته ٻيو مامو محمد موسيٰ منهنجو ڪلاس فيلو هو. جان ۽ رحمان جي پاڻ ۾ گھڻي ذهني هم آهنگي هوندي هئي. ٻنهي جو ڪتابن پڙهڻ سان گڏوگڏ خاص طور لياري جي مختلف ادبي ۽ سياسي ماڻهن سان ملڻ ۽ انهن سان ادبي ۽ سياسي مسئلن تي ڳالهائڻ ۽ سکڻ هڪ معمول هوندو هو. لکڻ پڙهڻ ٻنهي جو شوق هوندو هو. فرق اهو هوندو هو ته جان ڪهاڻيون لکندو ۽ شاعري ڪندو هو جڏهين ته رحمان طبعزاد شيون گھٽ لکندو هو ۽ سندس گھڻي توجهھ ترجمن تي هئي. هن منهنجا گھڻا مضمون پڻ ترجمو ڪيا هئا. لياري جي شهر کان ويجھي هئڻ ۽ شهر جي حالتن جي ڪري نسبتن وڌيڪ محفوظ هئڻ جي ڪري گھڻا سنڌي اديب ۽ سنڌي اخبارن جا ڪارڪن هتي رهڻ کي ترجيح ڏيندا هئا.
اڳتي هلي اهو هڪ معمول بڻجي ويو ته اهي ٻيئي ڄڻا هفتي ۾ هڪ ڀيرو اڱاري يا اربع تي ٻه ٽي ڪلاڪن لا اسان جي گھر ايندا هئا ۽ اتي اسان مختلف ادبي ۽ سياسي مسئلن وغيره تي هڪ ٻئي سان خيالن جي ڏي وٺ ڪندا هئاسين. انهن ٻنهي جي ان معمول جا اسان جي گھر جا سڀ ڀاتي عادي ٿي ويا هئا ۽ انهن ڏينهن تي انهن جو باقاعدي انتظار ٿيندو هو. جيڪڏهين اهي ڪڏهين نه به ايندا هئا ته بابا ۽ امان خاص طور اسان کان سندن نه اچڻ جو ڪارڻ پڇندا هئا.
جان جي ڪراچي ۾ شروعاتي زندگي جي جيڪا مون کي ڄاڻ آهي ان مان آئون اهو چئي سگھان ٿو ته هن جدوجهد ۽ محنت کي ئي پنهنجي روزگار ۽ اڳتي وڌڻ جو وسيلو بڻايو. هو جيئن ته نوڪريون بدلائيندو رهندو هو ان ڪري آئون اهو نه ٿو چئي سگھان ته هن ڪڏهين ڪٿي ۽ ڪهڙي نوڪري ڪئي. هو ڪجھه عرصو ڪراچي پريس ڪلب واري سرور شهيد روڊ تي حيدري پبلڪ اسڪول ۾ سنڌي لئنگويج ٽيچر به رهيو. پر هو گھڻو عرصو مختلف سنڌي اخبارن سان لاڳاپيل رهيو.
ڪراچي ۾ رهڻ دوران شروعاتي دور ۾ هن گھڻيون تڪليفون به سٺيون ۽ گھڻي جدوجهد به ڪئي. هو هڪ خوددار ماڻهو هو ۽ پنهنجين تڪليفن جو پنهنجن ويجھن دوستن کي به احساس ٿيڻ نه ڏيندو هو. پر ساڳي وقت هڪ حساس فنڪار ۽ ليکڪ جي حيثيت ۾ هو انهن جو اظهار پنهنجين تخليقن ۽ لکڻين ۾ ڪندو هو. هو پنهنجي شاعري جي مجموعي خوابن جي موسم جو هڪ گيت ۾ منهنجا نظم ۽ آئون ۾ پنهنجي شاعري جو تعارف ڪرائيندي لکي ٿو.
هن شهر جي طويل شاهراهن تان هلندي گھر پهتو هوس ته بک انتظار ڪندي ڪندي سمهي رهي هئي. پو دير دير تائين ننڊ مون سان گڏ جاڳي رهي هئي. ان وقت مون بک کي هڪ نظم ۾ پوئيو هو.
هن مجموعي ۾ ٻاهٺ نظم شامل آهن جيڪي اندروني ڪيفيتن کان وٺي ملڪي ۽ پرڏيهي صورتحال جي حوالي سان لکيل آهن. انهن سڀني ۾ ۽ جان جي ڪهاڻين ۾ جيڪا ڳالهه مون کي مشترڪ ۽ گڏيل نظر ايندي آهي اهو سندس درد آهي، هڪ اهڙو ڏک جنهن کي هو سڄي دنيا لا محسوس ڪري ٿو پر اهو خاص سندس پنهنجو درد آهي.
اهو ساڳيو درد پنهنجي ڪهاڻين جي مجموعي خوابن جو عجائب گھر ۾ شامل هڪ خوبصورت لکيل ڪهاڻي منهنجو من ڀنڀوري ۾ هو هن ريت بيان ڪري ٿو ته
صبوح جو ڌيان جي مشق، ٽهڪ جنهن جو حصو هوندا آهن ۽ سندس ڌي انهن ٽهڪن جون تصويرون ٺاهيندي آهي. هڪ ڏينهن اهي ٽهڪ وڃائجي وڃن ٿا ۽ هو انهن جي ڳولها ۾ نڪري ٿو. گھڻن ماڻهن اهي ٽهڪ ٻڌا ته هئا ۽ انهن کي سانڍي رکڻ جي خواهش به ڪئي هئي پر پو اهي الائي ڪيڏانهن هليا ويا. الائي اهي ٽهڪ وري کيس موٽي ملندا يا نه ۽ سندس ڌي انهن جون تصويرون ٺاهي سگھندي.
جان جو سنڌي اخبارن ۾ به گھڻي ڀاڱي انهن سنڌي اديبن سان واسطو پيو جن سان سنڌي ادبي سنگت ڪراچي ۾ هو لهه وچڙه ۾ ايندو هو. هو گھڻي ڀاڱي انهن جي روين مان مطمئن نه هوندو هو ۽ کيس اها شڪايت هوندي هئي ته اهي نون ليکڪن ۽ پاڻ کان جونيئر اديبن سان برابري وارو ورتا نه ٿا ڪن. ان حوالي سان منهنجو ڪردار سينيئر ۽ نون اديبن وچ ۾ ڄڻ هڪ پل وارو هوندو هو. منهنجا سينيئر ليکڪن سان سٺا ناتا هوندا هئا ِ۽ انهن مان گھڻا منهنجا ذاتي دوست هئا. ساڳي ريت نون آيل دوستن سان منهنجو هڪ محبت وارو ناتو هو ۽ انهن سان لهه وچڙه ۾ ايندي مون کي وڌيڪ پنهنجائپ محسوس ٿيندي هئي. آئون گھڻو ڪري اها ڪوشش ڪندو هوس ته معاملا افهام ۽ تفهيم سان هلندا رهن. هونئن به اهو اهو وقت هو جڏهين انور، فقير ۽ ٻين سينيئر دوستن سنگت ۾ اچڻ گھٽائي ڇڏيو هو. ان جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته فقير جي سنگت جي سيڪريٽري طور آخري مدي جي گھڻي عرصي ۾ جوائنٽ سيڪريٽري طور سنگت جي ڪارروائي مون کي هلائڻي پوندي هئي.
ان وقت سنگت ڪراچي ۾ سنڌ جي مختلف قوم پرست ۽ ترقي پسند سياسي گروهن ۾ سنگت تي حاوي ٿيڻ لا جيڪا ڇڪتاڻ موجود هئي اها گھڻي ڀاڱي ختم ٿي چڪي هئي. ايستائين ته مون ڪجھه دوستن جي مخالفت جي باوجود اهڙن ماڻهن جي لا به سنگت ۾ گنجائش پيدا ڪئي جيڪي وجوديت جي فلسفي جا پوئلڳ هئا. سنگت جي ڪنهن به رڪن لا ڪنهن به سياسي جماعت سان هئڻ سندس ذاتي مسئلو هو. جان جيتوڻيڪ ماضي ۾ ڪنهن قوم پرست ڌر سان واسطي ۾ رهيو هو ۽ شايد ان سلسلي ۾ جيل به ويو هو پر ان وقت سندس ڪنهن به سياسي ڌر ۽ سياسي سرگرمي سان ڪو واسطو نه هو. سنگت جون گڏجاڻيون رمپا پلازه ۾ نائين ماڙ تي سگا جي آفيس ۽ پو ٽين ماڙ تي اداره امن و انصاف ۾ ٿينديون هيون. جان جي انهن ۾ باقاعدي شرڪت هوندي هئي. گڏجاڻي کانپو غير رسمي ۽ ذاتي ڪچهرين جو هڪ ڊگھو دور هلندو هو. ڪڏهين رمپا پلازه جي روف ٽاپ ريسٽورينٽ ۾ چانهه لا ويهندا هئاسين ته ڪڏهين ٻاهر ڪنهن هوٽل تي. ان کانپو لياري سان واسطو رکندڙ ڪجھه دوست جن ۾ جان به شامل هوندو هو پنڌ ڪچهري ڪندا جوبلي، رامسوامي، ڀيم پوره ۽ ليمارڪيٽ مان ٿيندا پنهنجن گھرن ڏانهن ويندا هئاسين.
(هلندڙ)