ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آءِ ايم ايف جي محتاج معيشت

Editorial

ملڪ جي معاشي حالت ڏينهون ڏينهن خراب ٿي رهي آهي، هڪ پاسي ڊالر جي ڊوڙ آهي ته ٻئي پاسي وري مهانگائيءَ جو وڌندڙ طوفان آهي، جنهن کي عوام منهن ڪونه پيو ڏئي سگهي ۽ ايندڙ وقت ۾ مهانگائي ڪيترو سيڪڙو وڌي ويندي، ان جا اشارا اسان کي حڪومت وٽان به ملي رهيا آهن ته ملڪي معيشت سبب به ملي رهيا آهن. ملڪ جي معيشت کي آءِ ايم ايف ۽ ورلڊ بينڪ جي امداد سان مشروط ڪيو ويو آهي. پي ٽي آءِ جي گذريل حڪومت جهڙي ريت معيشت جي ٻيڙي ٻوڙي، ان کان پوءِ معيشت پاڻڀري ٿيڻ ڏکي ٿي پئي آهي. نواز ليگ جنهن ڏينهن کان حڪومت جون واڳون سنڀاليون آهن، ان ڏينهن کان وٺي معيشت جي ٻيڙي لوڏا کائڻ لڳي آهي. اهڙي حالت ۾ حڪومت هڪ پاسي ته اهو چوي ٿي ته ڏکيا فيصلا ڪرڻا پوندا پر ڇا ڏکيا فيصلا رڳو عوام لاءِ هجڻ گهرجن، اهي انهن حڪمرانن ۽ ڪاموراشاهيءَ لاءِ نه هجڻ گهرجي، جيڪي عوام جي پئسي تي عياشون ڪندا رهندا آهن ۽ انهن کي هر قسم جي مراعت به مليل هوندي آهي. ڇا ملڪي ماهرن کي خبر ڪانه هئي ته پاڪستان جي معيشت تي اهڙا ڏکيا ڏينهن اچي سگهن ٿا جو ان سان حالتون وڌيڪ خراب ٿي وينديون. هاڻوڪي حڪومت به آءِ اي ايم کان معاشي پيڪيج ماڻڻ لاءِ ڳالهيون ڪرڻ واري آهي، انهن ڳالهين کان پوءِ هڪ ڀيرو وري عوام تي ڳرا ٽيڪس لڳندا ۽ ماڻهن جي کيسن تي مالي بار پوندو. پر حڪومت کي ان جي ڪابه پرواهه ناهي. ڇاڪاڻ ته اها سمجهي ٿي ته اهو ٽيڪس هونئن به عوام ڀريندو تنهنڪري اهو ان جي مٿي جو سور ڪونهي.
ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل عالمي مالياتي فنڊ کي خاطري ڪرائيندي چيو آهي ته سڌارا ۽ هدف پورا ڪيا ويندا. دوحه ۾ پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهين جي پهرين ڏينهن ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ڳالهين ۾ آن لائن شرڪت ڪئي. ناڻي واري وزارت موجب ناڻي واري مملڪتي وزير عائشه غوث پاشا ۽ ناڻي وارو سيڪريٽري پڻ موجود هئا. ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف کي سڌارن ۽ هدفن کي پورو ڪرڻ جو يقين ڏياريو، جڏهن ته آءِ ايم ايف جي مشن چيف نيتن پورٽر پاڪستاني معيشت کي درپيش چيلنجز جي نشاندهي ڪئي. آءِ ايم ايف جي مشن چيف معيشت کي درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستاني معيشت کي فوري ۽ ڊگهي مدي واري اپائن جي ضرورت آهي. پاڪستان پروگرام جي ڪاميابيءَ سان مڪمل ٿيڻ تائين آءِ ايم ايف سان معاهدي تي صحيحن لاءِ پراميد آهي ۽ ناڻي واري وزير پروگرام تحت تجويز ڪيل سڌارن ۽ ٻين قدمن کي مڪمل ڪرڻ جي عزم کي ورجايو. ناڻي واري وزير چيو ته حڪومت موجوده معاشي بحران کي سمجهي ٿي ۽ وچين ۽ گهٽ آمدني وارن طبقن تي مهانگائي جو اثر گهٽائڻ سان گڏوگڏ سخت فيصلا ڪرڻا پوندا. هن چيو ته معاشي صورتحال کي متاثر ڪندڙ ڪجهه عنصر حڪومت جي وس کان ٻاهر آهن. ناڻي واري وزارت موجب ٻنهي طرفن ستين اقتصادي جائزي جي تڪميل تي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ ايندڙ هفتي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿيڻ جو امڪان آهي. ناڻي واري وزارت جو چوڻ آهي ته مفتاح اسماعيل ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ ايندڙ هفتي دوحه ويندو، حڪومت قرض جو پروگرام مڪمل ٿيڻ تائين آءِ ايم ايف سان سهڪار جاري رکڻ چاهي ٿي.
هاڻ جڏهن ناڻي واري وزير آءِ ايم ايف کي اها خاطري ڪرائي ڇڏي آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف جي هر ڳالهه مڃڻ لاءِ تيار آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته آءِ ايم ايف جن مدن ۾ نوان ٽيڪس مڙهڻ لاءِ حڪومت کي چوندو، اهي ٽيڪس مڙهيا ويندا ۽ ماڻهو هڪ ڀيرو وري پريشان ٿيندا. اهي شرط مڃڻ کان پوءِ بجلي مهانگي ٿيندي، تيل مهانگو ٿيندو، جيڪا ٿوري گهڻي ڇوٽ عوام کي مليل آهي، اها ختم ٿي ويندي. اهڙي ريت معيشت جو بهتر ٿيڻ ممڪن ڪونهي، ان لاءِ ضروري آهي ته ڪي اهڙا معاشي پروگرام شروع ڪيا وڃن، جن سان گهٽ ۾ گهٽ عوام کي فائدو ٿي سگهي. اهي مراعتون جيڪي حڪمران طبقي کي مليل آهن، اهي بند ڪيون وڃن. ملڪي درآمد گهٽائي وڃي ۽ برآمد تي وڌيڪ زور ڏنو وڃي ته جيئن معيشت کي ڪجهه سهارو ملي سگهي. هن وقت تائين به ملڪ مان جيڪو ريوينيو پيدا ٿئي ٿو، اهو قرضن جي مد ۾ هليو ٿو وڃي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته آءِ ايم ايف جي آڏو گوڏا نه کوڙيا وڃن بلڪه ملڪي معيشت پاڻڀري ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button