ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ڪجهه نيون اڳڀرايون

Editorial-Article- Yameen Jatoi

جيتوڻيڪ نيازي سرڪار جي خاتمي کان پو اميد ڪئي پئي ته ساڍن ٽن سالن کان جيڪو معاشي ۽ سياسي جمود آهي اهو ٽٽندو پر موجوده حڪمرانن جي اقتدار ۾ اچڻ کان پو حالتون اڃا اتي جو اتي بيٺيون آهن. بظاهر حڪمرانن کان معاملا نبرجندي نظر نه پيا اچن. بهرحال، ان صورتحال ۾ هڪ نئين اڳڀرائي اها ٿي آهي ته سپريم ڪورٽ جو پارٽي کان ڦري ويل اسيمبلي ميمبرن بابت فيصلو اچي ويو آهي.
سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي ججن آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت صدارتي ريفرنس جي شنوائي ڪندي فيصلو ڏنو آهي ته آرٽيڪل 63 اي تحت پارٽي سان اختلاف رکندڙ ڦري ويل ميمبرن جا ووٽ ڳڻي نٿا سگهجن. پارٽي پاليسي کان پاسو ڪندڙ ووٽرن جي ڳڻپ نه ڪئي ويندي. جڏهن ته سپريم ڪورٽ ميمبرن جي تاحيات نااهلي جو معاملو پارليامينٽ حوالي ڪندي چيو ته ان معاملي تي قانونسازي پارليامينٽ ئي ڪري سگهي ٿي. منحرف ميمبرن جي سڄي ڄمار لا نا اهليءَ جي باري ۾ پي ٽي آءِ جي پٽيشن رد ڪئي وئي. سپريم ڪورٽ ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح لاءِ صدارتي ريفرنس تي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ پنج رڪني بئنچ شنوائي ڪئي ۽ دليل مڪمل ٿيڻ کانپوءِ محفوظ ڪيل فيصلو 2-3 جي اڪثريت سان جاري ڪيو. جسٽس مندوخيل ۽ مظهر عالم ميان خيل اختلافي نوٽ لکيو ۽ ڦري ويل ميمبرن کي ڊي سيٽ ڪرڻ جي تجويز ڏني. جڏهن ته ٻين ججن ان تي اتفاق نه ڪيو. ججن پنهنجي فيصلي ۾ لکيو ته ڦرڻ اهو رستو آهي، جنهن سان سياسي پارٽين کي غير مستحڪم ڪري سگھجي ٿو. آرٽيڪل 17 جي تحت سياسي پارٽين وٽ حق آهن، ڦرڻ وڃڻ سياسي پارٽين کي ڪمزور ۽ پارلياماني جمهوريت کي پٽڙي تان لاهي سگھي ٿو. جڏهن ته آرٽيڪل 63 اي سياسي پارٽين جي حقن جي ڳالهه ڪري ٿو. عدالتي فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون جمهوري نظام جو بنياد آهن، آرٽيڪل 63 اي جو مقصد ميمبرن کي ڦرڻ کان روڪڻ آهي، جنهن تحت ڦري ويل ميمبرن جو ووٽ ڳڻي نٿو سگھجي. آرٽيڪل 63 اي جو اصل روح آهي ته سياسي پارٽي جي ڪنهن ميمبر کي ڦرڻو نه پوي ۽ پارٽين کي حقن جو تحفظ ملي. سپريم ڪورٽ جي ججن چيو ته ڦري ويل ميمبرن جي نااهلي لاءِ قانونسازي ڪرڻ پارليامينٽ جو اختيار آهي. ججن پنهنجي فيصلي ۾ وڌيڪ چيو ته وقت اچي ويو آهي ته ڦري ويل ميمبرن جي حوالي سان قانونسازي ڪئي وڃي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون جمهوري نظام جو بنياد آهن، آرٽيڪل 63 اي جو مقصد ميمبرن کي انحراف کان روڪڻ آهي، جنهن تحت منحرف ميمبرن جا ووٽ ڳڻيا نٿا وڃن، ڪنهن به ميمبر کي انحراف نه ڪرڻو آهي ۽ پارٽين کي انهن جي حقن جو تحفظ حاصل آهي. سپريم ڪورٽ جي ججن جي ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت نااهل ميمبرن جي تاحيات نا اهلي بابت ڪو به ريمارڪس نه ڏنو. جسٽس مظهر عالم ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل اڪثريتي فيصلي سان اختلاف ڪيو ۽ اختلافي نوٽ لکيو ته اڪثريتي فيصلي سان متفق ناهيون، انحراف ڪندڙ ميمبرن جي ووٽن جي ڳڻپ ڪئي ويندي پر ان تي قانون سازي جو اختيار پارليامينٽ کي آهي. آرٽيڪل 63 اي ۾ ڊي سيٽ کانپوءِ ميمبر کي سپريم ڪورٽ سان رجوع ڪرڻ جو اختيار آهي.
ٻئي طرف آرٽيڪل 63 اي تي سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ اتحادي پارٽين آگسٽ 2023 تائين حڪومت جي حمايت جو فيصلو ڪيو ۽ وزيراعظم کي سمورن قدمن تي مڪمل سهڪار جو يقين ڏياريو. وزيراعظم شهباز شريف آرٽيڪل 63 اي جي تشريح بابت سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ اتحادي جماعتن جو اجلاس گهرايو، جنهن ۾ موجوده صورتحال تي غور ڪيو ويو. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي بنا دير قانوني راءِ ورتي ويندي ۽ ايندڙ چونڊن لاءِ سڌارا جلد مڪمل ڪيا ويندا. چيو پيو وڃي ته اتحادين وزيراعظم کي خاطري ڪرائي ته حڪومت سان گڏ آهيون، هر فيصلي ۾ گڏ هونداسين. اتحادين وزيراعظم کي صلاح ڏني ته معيشت جي استحڪام لاءِ تڪڙا قدم کنيا وڃن. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پنجاب ۾ امڪاني سياسي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون.
هوڏانهن اتحادي حڪومت ۾ شامل جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته طئه ٿيل را آهي ته ڪجهه شعبن ۾ سڌارا آڻڻ کانپوءِ ئي چونڊن جي ميدان ۾ لهبو. بي بي سي اردو کي ڏنل خاص انٽرويو ۾ مولانا فضل الرحمان چيو ته چونڊ عمل جو فيصلو هاڻي گڏيل مشاورت سان ٿيندو، چونڊ سڌارن ۾ ڪيترو وقت لڳندو، ان بابت وقت کان اڳ ڪجهه نٿو چئي سگهجي. فوري چونڊن جي امڪان بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته “سال، سوا جو مدو ئي ته ان کان اڳتي ته نٿو وڃي سگهجي، هونئن به گدلي پاڻي کان ٻيهر گدلي پاڻي ۾ لهڻ ڪا معقول ڳالهه نه هوندي.” مولانا فضل الرحمان چيو ته هن وقت ملڪ جو سڀ کان وڏو مسئلو تباهه ٿيل معيشت کي ٺيڪ ڪرڻ آهي. عمران خان گذريل پوڻن 4 سالن ۾ سمورا ادارا تباهه ڪري ڇڏيا آهن ۽ هاڻي اسان جي سامهون هڪ ئي سوال آهي ته ڇا اسان ملڪ کي ٻيهر درست رستي تي آڻي سگهون ٿا ۽ ان ۾ ڪيترو وقت گهربل هوندو. عمران خان اسان کي تباهه حال معيشت ڏئي ويو آهي، ايگزيڪيوٽو آرڊر سان سمورا ڪم مڪمل نه ٿيندا آهن، ان لاءِ پاليسيون ٺاهيون وينديون آهن، جن کي گڏجي مڪمل ڪيو ويندو آهي. مولانا فضل الرحمان الزام هڻندي چيو ته عمران خان کي عالمي سازش تحت اسلام آباد جي تخت تي ويهاريو ويو هو ۽ هن اها ڳالهه ان وقت به چئي هئي جڏهن “عمران خان کي تخت تي ويهاريو پئي ويو”. هن چيو ته وقت اسان جي موقف کي درست ثابت ڪيو آهي، اڄ عمران خان ڪهڙي وات سان چئي رهيو آهي ته هن کي بين الاقوامي سازش تحت اقتدار کان ڌار ڪيو ويو جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هن کي هڪ بين الاقوامي سازش تحت پاڪستان تي مڙهيو ويو ۽ پو پارليامينٽ کيس ووٽ جي طاقت سان اقتدار کان ٻاهر ڪڍيو. اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي وطن واپسي بابت سوال تي فضل الرحمان چيو ته “مان ته هميشه ان ڳالهه جو حامي رهيو آهيان ته نواز شريف کي واپس پاڪستان اچڻ گهرجي ۽ ملڪ ۾ رهي سياست ڪرڻ گهرجي.” عمران خان جي گرفتاري بابت سوال تي هن چيو ته آئين ۽ قانون مطابق رياست جيڪڏهن ڪا ڪارروائي ڪري ٿي ته ان ۾ ڪنهن کي ڇو رعايت ڏني وڃي؟ هن چيو ته “ذوالفقار علي ڀٽو کي ڪا رعايت نه ڏني وئي، نواز شريف جيل ڀوڳيو، سندس پورو خاندان جيل ۾ وڌو ويو، عمران خان ڪهڙو فرشتو آهي جو ان سان ڪا خاص رعايت ڪئي وڃي. آئين ۽ قانون پاڻ پنهنجو رستو اختيار ڪندو.”

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button