ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عمران خان! قتل کان بچاءُ لاءِ اھم رٿ

Editorial-Article- Mohammad Khan Sial

اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) سربراهه عمران خان نيازيءَ پنھنجي قتل جي ڊپ جو چٽيءَ ريت بار باراعلان ڪيو آھي ۽ ان لاءِ تحريڪ به ھلائي رھيو آھي. جيڪڏھن اھا سچائي آھي ته پوءِ کيس پنھنجي جان بچائڻ جو پورو پورو حق حاصل آھي جنھن کان انڪار نٿو ڪري سگهجي. بھرحال، قتل جي ڊپ واري اھم دعوى کي سمجهڻ لاءِ سندس بيانن جي ڇنڊڇاڻ به ڪرڻي پوندي ته کيس سچ پچ قتل جون ڌمڪيون ڏنيون ويون آھن يا وري سياسي فائدا حاصل ڪرڻ لاءِ اھو ناٽڪ رچائيندو رھي ٿو. ھونئن به ڪنھن عام انسان جو ناجائز قتل يا ھاڻوڪن يا اڳوڻن وزيراعظمن يا صدرن وغيرہ جو سياسي اختلافن باوجود قتل، ڪنھن به صورت ۾ ٺيڪ ناھي.
سياسي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ نه رڳو پوڻن چئن ورھين جي حڪمراني ڪندڙ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان نيازيءَ جي الزامن کان سوا سندس زوردار ۽ لاڳيتي بيان بازيءَ جو به جائزو وٺڻو پوندو. نه رڳو ايترو پر سندس اڳوڻن وزيرن، سندن پارٽيءَ جي اڳواڻن ۽ سندن حامين جي بيانن جي به ڇنڊڇاڻ ڪرڻي پوندي ته جيئن حالتن کي بي ريا سمجهڻ ۾ سھوليت پيدا ٿئي.
حالتن کي وڌيڪ سمجهڻ لاءِ ھاڻوڪي وفاقي توڙي سنڌ سرڪار جي اڳواڻن جي بيانن جو به جائزو وٺڻو پوندو. انھيءَ سلسلي ۾سنڌ جي بلديات وزير ناصر حسين شاهه جو بيان به ميڊيا ۾ ڇپيو آھي. سندس چواڻي:”ائين لڳي ٿو ته عمران خان ھاڻي ذھني توازن وڃائي ويٺو آھي. سيالڪوٽ جي جلسي ۾ عمران جي، ھڪ شڪست کاڌل شخص جي تقرير ھئي. عمران خان وٽ ڪجھه ٻڌائڻ لاءِ ڪونه ھو سو ھن ناٽڪ رچايو آھي. جيئن ته عمران ذھني توازن وڃائي ويٺو آھي سو منھنجي کيس صلاح آھي ته تحريڪ انصاف وارا گڏجي، عمران خان کي نفسياتي ڊاڪٽرن کي ڏيکارين. جيڪڏھن چاھين ته کين گدوءَ جي نفسياتي وارڊ ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو.” بھرحال، مون کي ياد آيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ عمران اسماعيل جيڪو عمران دور ۾ سنڌ جو گورنر به رھيو ۽ سندس ڪردار سنڌ جي فائدي ۾ ظاھري طرح گهٽ ھو تنھن چواڻي: “عمران خان ھڪ اشارو ڪيو ته شھر ۾ باهه لڳي ويندي.” سندس بيان مان ائين لڳي ٿو ته عمران اسماعيل به ذھني مريض آھي.
ھاڻي صورتحال کي سمجهڻ لاءِ عمران خان جي بيان جو تفصيلي جائزو وٺون.
اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي دعوى آھي ته ملڪ اندر ۽ ٻاھر منھنجي جان ختم ڪرڻ جون سازشون ٿي رھيون آھن. سندس چواڻي بند ڪمرن اندر مون کي مارڻ جي سازش ٿي رھي آھي، انھيءَ سازش جي مون کي اڳ ئي خبر ھئي. مون ھڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائي آھي. جيڪڏھن مون کي ڪجھه ٿيو تہ اھا وڊيو سڄي قوم جي سامھون اچي ويندي. سيالڪوٽ جي عام گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي عمران خان جو چوڻ ھو ته سازش جي مون کي اڳ ئي خبر ھئي پر ڪجھه ڏينھن اڳ مڪمل علم ٿيو. مون ھڪ وڊيو رڪارڊ ڪرائي آھي ۽ ڳجهي جاءِ تي رکي ڇڏي اٿم، وڊيو ۾ گذريل گرمين کان ھيلتائين سازش ۾ شامل ڪرپٽ ٽولي جي ھڪ ھڪ شخص جو نالو ٻڌايو آھي. جيڪڏھن مون کي ڪجهہ ٿيو ته اھا وڊيو قوم جي سامھون اچي ويندي ته جيئن سڄي پاڪستان کي خبر پوي ته ڪير ڪير شامل آھن.
منھنجي ڇنڊڇاڻ موجب قصو اتي ختم نٿي ٿئي، اڳوڻي وزير اعظم جي اھم عھدي تي پھريون ڀيرو رھڻ باوجود، عمران خان نيازي پاڻ ۽ سندس وزيرن توڙي سندس پارٽيءَ جي اڳواڻن گارگند جو احتجاج جوڳو سلسلو نه رڳو رائج ڪيو پر ان کي بار بار دھرائيندا به رھيا. منھنجي اھا راءِ آھي ته بيانن ۾ لاڳيتي گارگند جو استعمال سڄي ملڪ کي عام طور ۽ سنڌ جي پراڻي پر بھتر سسٽم کي خاص ڪري تباهه ڪري ڇڏيندو. عمران جي سرڪار پوڻا چار ورھيه رھي آھي ۽ انھيءَ عرصي دوران اخلاق خلاف سخت اعتراض جوڳو سسٽم کليوکلايو جاري رھيو پر جڏھن پاڪستان جي 75 ورھين جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جي واسطيدار پر اھم ووٽن ذريعي، عمران خان نيازيءَ کي وزيراعظم جي اھم عھدي تان ھٽايو ويو آھي پر پوءِ به اھا نوٽ ڪرڻ جي ڳالهھ آھي ته عمران خان نيازي توڙي سندس پارٽيءَ جي ٽولي، گارين ۽ بدتميزيءَ جو سلسلو بند ناھي ڪيو پر ان کي لاڳيتو جاري رکڻ جون ڪوششون ڪري رھيا آھن. تازو ڪوھاٽ ۾ عمران خان عام گڏجاڻيءَ ۾ تقرير ڪندي چيو: شھباز شريف وزيراعظم بڻجڻ لاءِ وڏو پورھيو ڪيو. ان ۾ وڏا جوتا ۽ بوٽ پالش ڪرڻ جي وڏي صلاحيت آھي. اھي فوجي بوٽ ۽ آمريڪي بوٽ تمام بھتر طريقي سان پالش ڪن ٿا. بھرحال، منھنجي خيال ۾ اھا عمران جي روايتي احتجاج جوڳي ٻولي آھي.
مون کي ننڍپڻ جو دور بلڪل ياد آھي، تن ڏينھن ۾ مون نوٽ ڪيو ھو ته ڪن ماڻھن کي ٻين سان زوردار اختلاف به ھوندا ھئا ته انھن سان نه ته بدتميزي ڪندا ھئا ۽ نه ئي گاريون ڏيندا ھئا. منھنجي چوڻ جو مقصد اھو آھي ته جن سان اختلاف ھجن ڀلي اخلاق اندر رھي پنھنجن جائز ڪيسن جي ويڙھه ڪن پر گارين ڏيڻ توڙي بدتميزي ڪرڻ سان ماحول وڌيڪ گندو ٿي وڃي ٿو، ان کان پاسو ڪرڻ گهرجي. جيئن ته اسان ننڍپڻ کان انھيءَ عاليشان ماحول کان گهڻو متاثر ھئاسون سو اسان جي اڃا به نيت آھي ته سنڌ جي عوام جو گڏيل ماحول بھتر ھجي ته وه واه..
ھاڻي عمران خان جي جان بچائڻ لاءِ اھم رٿ ڏيڻ کان اڳ، سندس ھڪ ٻي اھم دعوى جو حوالو ڏيڻ به مناسب آھي ڇاڪاڻ تہ عمران خان توڙي سندس اڳوڻي وزير فواد چوڌري (جنھن کي سندس عوام دشمن رويي سبب ڪيترا فراڊ چوڌري سڏيندا آھن) ٻنھي جي اھا دعوا آھي ته سپريم ڪورٽ جي عدالت جي رات جو 12 وڳي گڏجاڻي زيادتي ھئي. افسوس ته عمران خان ۽ سندس “غلام” فواد چوڌري اصل سچائي ٻڌائڻ کان شرمائين ٿا. اصل قصو اھو ھو ته سپريم ڪورٽ، قومي اسيمبليءَ جي گڏجاڻيءَ جو ووٽنگ لاءِ حڪم ڏنو ته جيئن عمران خان بابت ووٽنگ جو قانوني ڪردار ادا ڪجي پر عمران خان سرڪار دوران قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر توڙي ڊپٽي اسپيڪر ٻنھي سازشون ڪندي مکيه عدالت جي حڪم موجب، ووٽ نه وٺرايا ۽ مختلف بھانا بڻائي مکيه عدالت جون ڪارروايون ملتوي ڪندا رھيا. 9 اپريل تي ووٽنگ جو رات جو 12 تائين آخري ڏينھن ھو پر صبح کان وٺي شام تائين مختلف بھانا بڻائي نٽائيندا رھيا. سپريم ڪورٽ پنھنجي فيصلي تي عمل ڪرائڻ ۾ جائز ھئي، تنھنڪري عدالت جو اھو فيصلو ٺيڪ ھو ته رات 12 بجي تائين ووٽنگ ٿي وڃي. مکيه عدالت جي رٿيل گڏجاڻيءَ ڪري مجبور ٿي نيٺ آخري تاريخ ۽ آخري ٽائيم تي ووٽنگ ٿي. عدالت جو اھو فيصلو سو سيڪڙو ٺيڪ ھو ۽ ان تي عمران خان نيازي ۽ سندس حامين طرفان روڄ راڙو ڪرڻ ۽ سياسي ناجائز فائدا وٺڻ ظلم آھي. عمران خان نيازي اڌورو بيان ڏئي دعوى ڪئي:”عدليا رات جو 12 وڳي عدالتون کوليون، مان خطرناڪ ڏوھاري ھجان ۽ غداري ڪرڻ وارو ھئس.”
اھا ڏک جهڙي ڳالھه آھي ته عمران خان ۽ سندس وزير فواد چوڌري پنھنجون غلطيون مڃڻ بدران ھاڻي نئون ناٽڪ رچائي رھيا آھن جيڪو منھنجي ذاتي سوچ موجب سو سيڪڙو غلط آھي. فواد چوڌريءَ جو چوڻ ھو: عدالتون جيڪڏھن ھڪ پارٽيءَ لاءِ رات جو 12 وڳي کلي وڃن ته ان سان عدالتن جو ڪردار مجروح ٿئي ٿو.
تازو وفاقي سرڪار ۽ سندن حامي پارٽين طرفان آگسٽ 2023ع تائين آئيني مُدت پوري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آھي ته چونڊن جا سڌارا ترت ڪيا ويندا. گڏجاڻيءَ جي صدارت وزيراعظم شھباز شريف ڪئي آھي. وفاقي سرڪار جي رويي مان ظاھر آھي ته ھاڻوڪي حڪومت ايندڙ سال آگسٽ تائين برقرار رھندي مطلب ته عمران خان جلد اليڪشن ڪرائڻ جو حامي آھي ته جيئن ماڻھن کي ڏٽا سٽا ڏئي اليڪشن کٽي سگهي پر منھنجي خيال ۾ جيڪڏھن وقت پورو ڪرڻ تي ٺيڪ اليڪشن ٿي ته عمران خان کٽي وزيراعظم ڪونه بڻجي سگهندو. عمران خان کي، مٿس کوڙ الزامن ھئڻ جي عيوض پنھنجي گرفتاري پاڻ پيش ڪرڻ گهرجي. جيئن ته منجهس بردباري ٽڪو ئي ناھي سو ٻيو طريقو اھو آھي ته وفاقي سرڪار کيس ترت گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪري.
منھنجي خيال ۾ مٿي ڄاڻايل ٻنھي مان ڪنھن به ھڪ ايڪشن ذريعي عمران خان جي جان بچي ويندي. ان تي عمران خان کي اعتراض نه ھئڻ گهرجي. مطلب ته پنھنجي گرفتاري پاڻ پيش ڪري يا وفاقي سرڪار کيس پنھنجي طرفان گرفتار ڪري، ٻنھي مان ڪنھن به ھڪ صورت ۾ سندس جان، خطري ۾ ھئڻ واري دعوى موجب بچي ويندي. سندس ناٽڪ جو اھو ئي بھتر حل آھي. ڪاش! سمجهي!!

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button