اهڙي حڪومت، جهڙي حڪومت پاڪستان جي پنجن پراڻين پارٽين جي مقدر ۾ آئي آهي، اهڙي حڪومت اڳ ۾ ڪنهن سياسي جماعت کي شايد ئي نصيب ٿي هجي. هونءَ ته هر حڪومت پنهنجي پڇاڙيءَ ۾ پوڙهي ٿي ويندي آهي. پر هن حڪومت جي مقدر ۾ جيڪي مرض ابتدا ۾ آيا آهن، اهڙا شايد ئي ڪنهن کي اڳ مليا هجن.
اها حڪومت به حڪومت چئبي، جنهن جي آئيني ڄمار سوا سال هجي. جڏهن ته ملڪ جا اڪثر سياسي مبصر ان تي متفق هجن ته هيءَ حڪومت ڪجهه مهينا به مشڪل هلي. وڏي ڳالهه ته هن حڪومت جي هڪ اهم ۽ بنيادي ڌر يعني پاڪستان مسلم ليگ (ن) اندر شديد اختلاف هجن ته پوءِ ان حڪومت جو ممڪن حشر سوچي ۽ سمجهي سگهجي ٿو. هڪ ڌر جو اهو اصرار هجي ته حڪومت مان جلدي هٿ ڪڍجن ۽ ٻي ڌر جو اصرار هجي حڪومت جيترو وقت هلي سگهي ٿي، هلائجي.
ڇا هن حڪومت جو حال ان مريض جهڙو ناهي، جيڪو وينٽي ليٽر تي پيو هجي ۽ جنهن جي بچڻ جي پري پري تائين ڪا به اميد نه هجي پر ان مريض جي هڪڙن وارثن جو اصرار هجي ته مريض جنهن لائيف سپورٽ سسٽم تي پيل آهي، ان کي ان تان نه هٽائجي. جڏهن ته مريض جا ٻيا مائٽ اهڙي خيال سان متفق نه هجن. اهي مسلسل چوندا هجن ته اجايو مريض ۽ پاڻ کي تڪليف ۾ وجهڻ مان ڇا فائدو؟ چڱو اهو ٿيندو ته مريض کي هڪ فطري موت مرڻ ڏنو وڃي. ان مباحثي دوران مريض جي حالت بهتر ٿيڻ بدران بدتر ٿيندي هجي. ان صورت ۾ هر ڏينهن اهو سوال ڪرکڻي اڀو ٿيندو هجي ته نيٺ ڇا ڪجي؟
هڪ طرف وزير اعظم شهباز شريف جي مٿان ٻٽو دٻاءُ آهي ته هن کي سخت ۽ متضاد دٻاءُ آهي ته هن کي سخت فيصلا ڪرڻ گهرجن ۽ ٻي طرف عمران خان حڪومت جي پويان هٿ ڌوئي پيل آهي. جڏهن اهڙي ماحول ۾ عدالت پاران منحرف ميمبرن خلاف فيصلو اچي وڃي ۽ ان فيصلي سان شهباز شريف جي پٽ جي حڪومت لوڻ پاڻي ٿيندي هجي ته اهڙي صورت ۾ حڪومت ڪيتري نه تلخ صورتحال کي منهن ڏيندي محسوس ٿيندي؟ پر ان جي باوجود به بلاول پرڏيهي وزير ٿيڻ جي پهرين خوشيءَ ۾ سرڪاري خرچ تي پرڏيهي دورا ڪري رهيو آهي ۽ انهن شخصيتن سان ملي رهيو آهي، جن شخصيتن سان ملڻ هن جي حسرت هئي. هن وقت هو آمريڪا جي دوري تي آهي ۽ اتي اٽليءَ جي پرڏيهي وزير سان ملڻ کان سواءِ هن آمريڪا جي هم منصب سان به ملاقات ڪئي آهي. آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ پنهنجي پڌرائيءَ ۾ چيو آهي ته آمريڪا پاڪستان جي معاشي مدد ڪندو پر آمريڪا جو اهو اعلان رسمي نه هجي ها ته پاڪستان ۾خوشيءَ جا توتاڙا وڄي وڃن ها. ڇو ته هن مهل پاڪستان جنهن معاشي مصيبت کي منهن ڏئي رهيو آهي، اهڙي تمام بري صورتحال هن جي زندگيءَ ۾ اڳ نه آئي هئي. جڏهن ته اهو به فراموش نه ڪرڻ گهرجي ته ميڊيا ۾ هر ڀيري پاڪستان جي معاشي صورتحال کي انهن ئي لفظن ۾ پيش ڪيو ويندو آهي ۽ اهو غلط نه هوندو آهي. ڇو ته پاڪستان تي ايندڙ هر نئون معاشي بحران پراڻي معاشي بحران کان گهڻو سخت هوندو آهي. هن ڀيري به معاشي بحران جي ڪيفيت تمام گهڻي اذيت ڀري آهي. ڇو ته حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت وڌائڻ جي مجبوري آهي. جڏهن ته آءِ ايم ايف پنهنجا سخت شرط تسليم ڪرائڻ کان سواءِ پاڪستان کي هڪ پئسو به ڏيڻ لاءِ تيار ناهي. پاڪستان ان پريشانيءَ ۾ آهي ته اهو ڇا ڪري؟
هيءَ حڪومت جيڪڏهن پنجن سالن لاءِ آيل هجي ها ته پوءِ اکيون ٻوٽي آءِ ايم ايف جا شرط تسليم ڪري اچي ها پر هڪ ته حڪومت پوين پساهن ۾ آهي ۽ ٻيو ته حڪومت ڪرڻ واري اهم ڌر يعني مسلم ليگ (ن) کي شدت سان محسوس ٿي رهيو آهي ته جيترو وقت انهن جي پارٽي حڪومت ۾هوندي ايترو وقت عوام ۾ انهن جي سياسي ساک خراب ٿيندي رهندي. ٻيو ته جنهن سوا سال جي ڳالهه هلي رهي آهي، ان جا به بنياد هوا ۾ آهن. ڇو ته ملڪ ۾ انتظامي ۽ آئيني بحران چوٽ چڙهيل آهي. حڪومت قومي اسيمبليءَ ۾ تنها ويٺي آهي. جڏهن ته ان کي جيڪو آسرو هو ته اهاَ تحريڪ انصاف جي باغي ميمبرن جو سهارو وٺي ڪجهه نه ڪجهه ڪندي، هن جو اهو سهارو به کسجي ويو آهي. حڪومت هڪ اهڙي موڙ تي پهتي آهي، جتي هن جي اڳيان مهانگائيءَ جو سمنڊ آهي ۽ پويان پريشان خلق آهي.
شهباز شريف ته آخري ڏينهن تائين حڪومت ڪرڻ جي حق ۾ آهي پر جيڪڏهن هو هن وقت پنهنجي وڏي ادي ۽ سياسي قائد ميان نواز شريف جي هدايت تي حڪومت مان هٿ ڪڍي به ته حڪومت هن جي جند ڇڏڻ لاءِ ڪنهن به ريت تيار نظر نه ٿي اچي. خاص طور تي هن مهل جڏهن بجيٽ پيش ڪرڻ جا ڏينهن مٿان ڪڙڪيا هجن ۽ حڪومت کي مجبوريءَ سان به بجيٽ پيش ڪرڻي پوي ته ان حال ۾ اها ڇا ڪندي؟ ڇا حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ کان انڪار ڪري سگهي ٿي؟ جيڪڏهن مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلز پارٽيءَ ائين ڪيو ته رياستي قوتون انهن کي اهو ڪجهه نه ڪرڻ ڏينديون. ڇو ته پاڪستان جو سمورو سسٽم بيهجي ويندو. پاڪستان جي هر حال ۾ پنهنجي بجيٽ به پيش ڪرڻي آهي ۽ پاڪستان جي هر حال ۾ آءِ ايم ايف کان پئسا به وٺڻا آهن. ان کان سواءِ ته ٻيو ڪو رستو به ناهي.
هن وقت اهم سوال اهو ناهي ته هيءَ حڪومت بجيٽ پيش ڪندي يا نه ڪندي؟ هن وقت اهم سوال اهو آهي ته هيءَ حڪومت بجيٽ پيش ڪرڻ کان پوءِ ڇا ڪندي؟ جيڪڏهن حڪومت مهل گهر ڀيڙي ٿيڻ چاهي ته هن کي اها سياسي عياشي ڪرڻ جي اجازت ملي نه ٿي سگهي. ڇو ته هن حڪومت عمران خان جي حڪومت کي چلتو ڪيو. جيڪڏهن هيءَ حڪومت اها غلطي نه ڪري ها ته عمران خان جي مٿان عوام جو سخت پريشر پوي ها. هاڻي عمران خان پنهنجن سرڪاري ڏوهن جي سزا هن سرڪار کي ڏياري رهيو آهي. هيءَ حڪومت جيڪا پنهنجي غلط سياسي فيصلي سبب ڦاسي وئي آهي، ان کي سمجهه ۾نه ٿو اچي ته هن ڇا ڪرڻ گهرجي؟ ڇا هن کي اهو سڀ ڪجهه برداشت ڪرڻ گهرجي، جيڪو هن جي حصي ۾ آيو آهي يا هن کي ڪنهن رستي جي چونڊ ڪرڻ گهرجي؟ ڇا هن وٽ رستي جي چونڊ جو ڪو آپشن به آهي؟
شهباز شريف جي سرڪار سخت پريشان آهي. هن لاءِ هن مهل سڀ کان مشڪل فيصلو تيل جون قيمتون وڌائڻ وارو آهي. ڇو ته هن حڪومت جو عمران خان جي مٿان الزام آهي ته عمران خان زوريءَ ۽ غيرفطري طرح سان تيل تي سبسڊي ڏئي پاڪستان جي معاشيات سان تمام گهڻي زيادتي ڪئي آهي. هن حڪومت جي مٿان تمام گهڻو دٻاءُ آهي ته اها تيل جون قيمتون وڌائي. جيڪڏهن تيل جي قيمتن ۾ ٻه چار روپيا لٽر وڌائڻ جو معاملو هجي ها ته هن حڪومت کي اهو فيصلو ڪندي ويرم ئي نه لڳي ها ته مسئلو اهو آهي ته تيل جي قيمتن ۾تمام گهڻو اضافو ڪرڻ جو دٻاءُ آهي. جيڪڏهن حڪومت تيل قيمتن ۾ ايترو اضافو آندو ته ملڪ ۾مهانگائيءَ جي باهه ڀڙڪي پوندي ۽ ان باهه ۾سڀ کان اڳ سرڪار ۾ موجود سياسي پارٽين جي رهي کهي ساک به رک ٿي ويندي. اهو ڪجهه ٿيڻ جي صورت ۾ حڪومت جو حشر تمام گهڻو برو ٿيندو ۽ ان کان بچڻ جي ڪا واٽ به ته نه بچي آهي.
هڪ ته هن سرڪار کي پنهنجي سياسي ساک جو موت قبول ڪرڻو پوندو ۽ ٻيو ته هن حڪومت کي اهو ڪجهه ڪرڻ بعد چونڊن اعلان ڪري گهر ڀيڙو ٿيڻو پوندو. ڇو ته عمران خان ان صورت ۾ ڪنهن به ريت ماٺ ڪري ويهڻ لاءِ تيار ناهي. هن جو اصرار آهي ته هر صورت ۾ چونڊن جو اعلان ڪيو وڃي ۽ ان سلسلي ۾ هو هر ڏينهن پاڪستان جي هر شهر ۾ سياسي جلسا ڪري رهيو آهي ۽ هر شهر جي عوام کي اتساهي رهيو آهي ته اهو اسلام آباد ۾ احتجاج لاءِ تيار ٿي اچي. عمران خان ماڻهن جو جيڪو موڊ تيار ڪيو آهي، ان کي ڏسندي ته ڪا حڪومت هن جي راهه ۾رڪاوٽ ٿيڻ جو رسڪ کڻڻ جي پوزيشن ۾ نه هوندي ۽ هيءَ حڪومت ته ڪنهن به صورت ۾ ايتري طاقت نه ٿي رکي جو اها ايتري ڀرپور احتجاج کي منهن ڏئي سگهي. هونءَ به پاڪستان پنهنجي ڪمزور پوزيشن سبب ان قسم جي سياسي افراتفري افورڊ ڪري نه ٿو سگهي. ان ڪري عمران خان جي مٿان به مسقتل طور تي دٻاءُ آهي ته هو پنهنجي اسلام آباد واري احتجاج کان مڙي وڃي.
عمران خان کي به اهڙي سخت گرميءَ ۾ عوام جو سمنڊ ساڻ ڪري اسلام آباد ۾ احتجاج ڪرڻ جو شوق ناهي. ڇو ته اسلام آباد جهڙي شهر اندر خلق ۾ جنون پيدا ڪرڻ بعد جيڪا صورتحال پيدا ٿيندي، ان جي ذميواري ته وري به عمران خان جي مٿان عائد ٿيندي. ان ڪري عمران خان فيصلو ڪرڻ وارين قوتن جي مٿان مستقل طور تي دٻاءُ وجهي رهيو آهي ته هن کي ايتري سخت قدم کڻڻ لاءِ مجبور نه ڪن ۽ جلدي چونڊن جو اعلان ڪري ملڪ ۾ موجود سياسي بي يقينيءَ کي ختم ڪن. ان کانپوءِ ميدان ۾ لهن ته جيئن چونڊن جي سلسلي ۾ باقاعده مهم شروع ٿي وڃي. ڇا رياست جا ڌڻي عمران خان جي اها ڳالهه نه مڃيندا؟ اها ڳالهه جيڪا ابتدا ۾ ئي طئي ٿيل هئي. جلدي چونڊون ته ان وقت ئي طئي ٿي چڪيون هيون، جڏهن ملڪ جو وزيراعظم عمران خان هو. عمران خان به پنهنجي حڪومت جي عددي ڪمزوريءَ مان بنهه تنگ آيل هو. هن کي به نين چونڊن ذريعي وڌيڪ سيٽون کڻڻ جو خيال هو. مخالف ڌر جو به اهو مطالبو هو. ملڪ جا ادارا به ان ڳالهه تي متفق هئا. پر پوءِ صورتحال انتظامي ۽ آئيني بحران جي ور چڙهي وئي. ان ڪري هن وقت به جيڪو نين چونڊن جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جي مخالفت نه ٿي ڪئي وڃي. نيون چونڊون ته هر حال ۾ ٿيڻيون آهن. پر سوال وري به اهو ئي واپس وري ٿو اچي ته هيءَ حڪومت ڪيترو وقت هلندي؟ حڪومت کي وڃڻ لاءِ گهڻو وقت گهرجي؟