پاڪستانسنڌ

دعا زهرا جو نڪاح پڙهائيندڙ مولوي سميت ٻه ڄڻا رمانڊ تي پوليس حوالي

ڪراچي: ڪراچي جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ دعا زهرا جي اغوا بابت ڪيس جي شنوائي ٿي، پوليس گرفتار مولوي ۽ شاهد کي پيش ڪيو. عدالت ٻنهي جوابدارن کي 5 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪندي ايندڙ شنوائي تي جاچ آفيسر کان اڳڀرائي رپورٽ طلب ڪري ورتي. نڪاح پڙهائڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدار غلام مصطفيٰ عدالت ۾ انڪشاف ڪيو ته مون دعا زهرا جو نڪاح ناهي پڙهايو، منهنجو نالو استعمال ڪيو ويو. عدالت مولوي کان سوال ڪيو ته ٻڌايو ته نڪاح جو ڪهڙو طريقيڪار هوندو آهي، جڏهن ته نڪاح ۾ وڪيل جو ڪهڙو ڪردار هوندو آهي؟ جاچ آفيسر ٻڌايو ته وڌيڪ 3 جوابدارن کي گرفتار ڪرڻو آهي، جاچ ڪرڻي آهي ته واقعي جوابدار نڪاح پڙهايو آهي يا نه.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button