ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پي ايس ٽي ۽ جي اي ايس ٽي ٽيسٽ: ناڪامي جو ذميوار ڪير؟

نسيم انصاري

گذريل مهيني آءِ بي اي پاران ورتل ٽيسٽ جي نتيجي ۾ وڏي تعداد ۾ اميدوارن کي فيل ۽ صرف هڪ سيڪڙو کان گهٽ اميدوارن کي پاس ڪيو ويو آهي. گهڻن اميدوارن جو چوڻ آهي ته آءِ بي اي پاران ٺاهيل ٽيسٽ ۾ تمام گهڻيون غلطيون ڪيون ويون هيون، جنهن جو ازالو ڪونه ٿي سگهيو آهي.
حڪومت پاران هيڏي وڏي تعداد ۾ اميدوارن کي فيل ڪرڻ جو سبب هر مضمون ۾ 45 سيڪڙو مارڪون لازمي کڻڻ وارو شرط ڄاڻايو ويو آهي. جڏهن ته اميدوار انهي پاليسي کي پنهنجي مستقبل لاءِ هاڃيڪار قرار ڏئي رهيا آهن. ڇو ته هر اميدوار ڪنهن نه ڪنهن مضمون ۾ ضرور ڪمزور هوندو آهي. انهي پاليسي مطابق ڪو اميدوار انگريزي ۾ ويهه، سنڌي ۾ ويهه، رياضي ۾ ويهه، ڪمپيوٽر ۾ ڏهه ۽ عام معلومات/اسلاميات/اخلاقيات ۾ ٽي مارڪون کڻي ٿو. هن جي سڀني مضمونن ۾ کنيل مارڪن جو تعداد ٽوٽل 93 ٿئي ٿو. ان جي برعڪس ڪو اميدوار ويهه مارڪن واري مضمونن ۾ يارنهن ۽ ڏهه مارڪن وارن مضمونن ۾ پنج مارڪون کڻي ٿو ته هن جي ٽوٽل مارڪن جو تعداد 55 ٿئي ٿو. هاڻي 93 مارڪون کڻڻ واري جي آخري مضمون ۾ کنيل ٽي مارڪون 45 سيڪڙو تي پوريون نٿيون لهن، تنهنڪري اهڙو اميدوار فيل قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي طرف 55 مارڪون کڻڻ وارو پنجيتاليهه سيڪڙو تي پورو لهي ٿو، اهڙي اميدوار کي پاس ڪيو ويو آهي. انهي پنجيتاليهه سيڪڙو واري پاليسي متعلق ڳالهائيندي تعليم واري وزير سردار شاهه چيو ته جيڪو اميدوار ميٿميٽڪس ۾ پنج مارڪون نٿو کڻي سگهي اهو اڳتي هلي ڇا پڙهائيندو. تعليم وارو وزير شايد ان ڳالهه کان اڻ واقف آهي ته جيڪو اميدوار ميٿميٽڪس ۾ فيل ٿيو آهي ته اهو انگريزي، سنڌي ۽ سائنس پڙهائي سگهي ٿو. ساڳئي طرح جيڪو اميدوار سائنس ۾ فيل ٿيو آهي پر انگريزي، سنڌي ۽ ميٿميڪٽس ۾ سٺن نمبرن سان پاس ٿيو آهي ته اهو لازمي ناهي ته هر صورت ۾ هن کي ئي سائنس پڙهائڻي آهي. عام طور تي تعليمي ادارن ۾ اهو اصول هوندو آهي ته هڪڙو استاد مختلف ڪلاسن کي مختلف مدن ۾ صرف هڪڙو مضمون پڙهائيندو آهي ۽ هر مضمون جا ڌار ڌار استاد مقرر ٿيل هوندا آهن. هر مضمون ۾ پاس ٿيڻ وارو شرط لاڳو ڪري سنڌ حڪومت شايد هڪڙي استاد کان پنجن استادن جو ڪم وٺڻ چاهي ٿي.
ٽيسٽ ۾ فيل ٿيڻ جو هڪڙو سبب انگريزي ۽ سنڌي ميڊيم وارو فرق آهي. تناسب جي حساب سان شهري علائقن جي ڀيٽ ۾ ٻهراڙي وارن علائقن جي سرڪاري اسڪولن ۾ شاگرد وڌيڪ تعداد ۾ تعليم حاصل ڪن ٿا، ڇو ته شهرن ۾ گهڻائي جو رخ پرائيويٽ اسڪولن ڏانهن هوندو آهي. ٻهراڙي جي اسڪولن ۾ وري استادن ۽ شاگردن جي انگريزي ڪمزور هوندي آهي. جنهنڪري سائنس ۽ ميٿميٽڪس جهڙا مضمون به سنڌي ميڊيم ذريعي پڙهايا وڃن ٿا. شهري ۽ ٻهراڙي واري انهي فرق جو سهرو به سنڌ حڪومت ڏانهن ئي وڃي ٿو. ان صورتحال کي نظر انداز ڪندي گذريل ٽيسٽ انگريزي ميڊيم ۾ ورتي وئي. جيڪا ٻهراڙي سان تعلق رکندڙ اميدوارن لاءِ مونجهاري جو سبب بڻجي پئي. جيڪو شاگرد سرڪاري اسڪولن ۾ “تناسب” وارا حساب پڙهيو هجي ۽ هن کان “Ratio” متعلق انگريزي ۾ سوال ڪيو وڃي ته هو ضرور مونجهاري جو شڪار ٿي پوندو. جنهن شاگرد کي پرائمري کان وٺي “مڪاني ملهه” پڙهايو ويو هجي ۽ ٽيسٽ ۾ سوال ڪجي ته 8 جو “Place Value” ڪهڙو آهي ته هو ڪيئن سمجهي سگهندو ته سوال جو مطلب ڇا آهي؟
سنڌ ۾ وڏي عرصي کان تعليمي معيار غير تسلي بخش رهندو پيو اچي. صوبي جي اندر ٻين شعبن جيان تعليم جي شعبي ۾ پڻ ڪو خاص بندوبست ڪونه ٿي سگهيو آهي. ارڙهين ترميم کان پوءِ سمورا صوبا تعليمي پاليسيون جوڙڻ ۾ خود مختيار آهن. انهي ترميم کان پوءِ 2013 ۾ سنڌ اهو پهريون صوبو هو جنهن “Free and Compulsory Education Act” پاس ڪيو جنهن جي مطابق سنڌ حڪومت پنج کان سورنهن سالن جي شاگردن کي برابر سطح جي تعليم فراهم ڪرڻي آهي. سوال ٿو پيدا ٿئي ته ڇا سنڌ حڪومت انهي ايڪٽ تحت تعليمي گهرجون پوريون ڪري رهي آهي؟ ڇا پوري صوبي ۾ هڪجهڙي تعليم فراهم ٿي رهي آهي؟ ڇا ڪراچي ۽ ٿرپارڪر جي ٻارن کي ساڳئي تعليم ڏني پئي وڃي؟ ڇا شهري علائقن ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ هڪجهڙيون سهولتون مليل آهن؟ ڇا هر جڳهه تي ساڳيو ميڊيم پڙهايو پيو وڃي؟
حقيقت هي آهي ته سرڪاري اسڪولن کي جديد سهولتون مهيا ڪري جديد تعليمي معيار تائين پهچائڻ ته پري رهيو، پر حڪومت صوبي ۾ ڪم ڪندڙ پرائيويٽ اسڪولن جهڙو معيار قائم ڪونه ڪري سگهي آهي. صوبي ۾ جيڪي شاگرد تعليمي ميدان ۾ اڳڀرا آهن انهن جي وڏي انگ جو دارومدار پرائيويٽ اسڪولن تي هوندو آهي. اسان وٽ مائٽ جي پهرين ترجيح پنهنجي اولاد کي ڪنهن سٺي پرائيويٽ اداري ۾ داخل ڪرائڻ هوندي آهي. چند وڏن شهرن جي سرڪاري اسڪولن کي ڇڏي، تعليم جي تباهي جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پاڻ وزيرن ۽ مشيرن جي اولاد مان جيڪو صوبي ۾ رهي ٿو اهو سرڪاري اسڪولن ۾ داخلا وٺڻ پسند نٿو ڪري. ايستائين جو سرڪاري ماسترن جو اولاد به پرائيويٽ اسڪولن ۾ تعليم پرائي رهيو آهي. انهي سان گڏوگڏ هر سال ميڊيڪل ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين ۾ داخل ٿيندڙ شاگردن جو تعلق پڻ پرائيويٽ اسڪولن سان هوندو آهي. اهڙي ماحول کي نظر ۾ رکندي يقين سان چئي سگهجي ٿو ته گذريل آءِ بي اي پاران ورتل ٽيسٽ ۾ پاس ٿيڻ وارن اميدوارن جي تمام وڏي حصي پرائيويٽ اسڪولن مان ئي تعليم حاصل ڪئي هوندي ۽ جيڪي چند عدد سرڪاري اسڪولن سان تعلق رکندڙ هوندا اهي سخت ذاتي محنت ۽ ٽيوشن وسيلي انهي نتيجي تي پهتا هوندا. مڃون ٿا ته شاگرد جي ڪاميابي ۾ محنت جو وڏو عمل دخل هوندو آهي، پر حڪومت انهي محنت وارو عنصر پيدا ڪرڻ لاءِ پاليسي جوڙڻ ۾ مڪمل ناڪام نظر اچي ٿي.
انهي ناڪامي جي ذميواري سنڌ حڪومت تي ئي اچي ٿي. سنڌ حڪومت چوڏنهن سال مسلسل اقتدار ۾ رهڻ باوجود هن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي دور ۾ آخر ڇو اهڙا چند هزار گريجوئٽس پيدا ناهي ڪري سگهي جيڪي ميٽرڪ سطح تي قائم ڪيل حڪومتي معيار تي پورا لهي سگهن؟ فيل ٿيڻ وارن آمريڪا ۽ يورپ مان تعليم حاصل ڪونه ڪئي هئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button