رانديون

ڀٽ شاهه ۾ ٽي 20 ٽورنامينٽ شاهه حبيب ڪلب کٽي ورتي، هالا کي شڪست

ڀٽ شاهه (ن سنڌ ايڪسپريس) ڀٽ شاهه ۾ ٽي 20 ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو فائنل شاهه حبيب ڪلب پنهنجي نالي ڪري ورتو. ڀٽ شاھه ۾ مرحوم محمد اسلم ڪھلوڙو جي ياد ۾ ٽي 20 ٽورنامينٽ ٿي گذري، ٽورمينٽ ۾ ضلع مٽياري جي 16 ٽيمن حصو ورتو، جن ۾ بھترين مقابلا ٿيا. فائنل ۾ ڀٽ شاهھ جي شاھه حبيب ڪرڪيٽ ڪلب ۽ ھالا جي المرتضيٰ ڪرڪيٽ ڪلب وچ ۾ مقابلو ٿيو، شاهھ حبيب ڪلب پهرين بٽينگ ڪندي 185 رنسون ٺاهيون، سندس بيٽسمينن مان عدنان چھواڻ 65، نواب چھواڻ 36، اسد عمراڻي 40 رنسن سان نمايان رهيا. جڏهن تھ ھالا جي المرتضيٰ ڪلب 140 رنس ٺاھي آئوٽ ٿي وئي. ٽي 20 ٽورنامينٽ جو ڪپ شاھه حبيب ڪرڪيٽ ڪلب حاصل ڪيو آهي. ٽورنامينٽ ۾ بھترين بالر جي ٽرافي محمد رحيم کوسو ۽ بيٽنگ ۾ ٽرافي عدنان چھواڻ کي ڏني وئي. مسلم ليگ فنڪشنل اڳواڻ سيد حسن مرتضيٰ شاھه ڄاموٽ ٽورنامينٽ ۾ بھترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙن کي ايوارڊ ڏنا. 

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button