اعجاز منگي
ننڍي کنڊ ۾ ائٽمي ڦهلاءَ جي تمهت پاڪستان جي مٿان مڙهي ويندي آهي. جڏهن ته ان جي ابتدا ڀارت ڪئي هئي. جيڪڏهن ڀارت “مسڪرائيندڙ ٻڌ” (Smiling Buddha) جو تجربو نه ڪري ها ته ننڍي کنڊ ۾ ائٽمي ٻارڻ جي ابتدا نه ٿئي ها. ممڪن آهي ته ڀارت پنهنجي تحفظ جو بهانو چين کي بڻائيندو هجي پر ڀارت جنهن بنياد تي آزاد ٿيو هو، اهو بنياد گانڌيءَ جي اهنسا هئي. مائوزيتنگ ته کڻي ڪميونسٽ هو. مائو کلم کلا چوندو هو ته طاقت بندوق جي ڪوسي ناليءَ مان نڪرندي آهي. ڇو ته مائو سمجهندو هو ته انقلاب رات جي مانيءَ واري محفل جو نالو ناهي. پنهنجي حوالي سان مائو به درست هو. جڏهن ته گانڌي ڪميونسٽ نه هو. هو سدائين اهنسا جي ڳالهه ڪندو هو.
تاريخ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن اک پٽي اهو سوال ڪندي آهي ته جيڪڏهن گانڌي نٿو رام جي گوليءَ سان “هاءِ رام” ڪري پويان پساهه نه ڏئي ها ته ڇا هو نهروءَ کي اها اجازت ڏئي ها ته ڀارت ائٽمي پروگرام تي عمل ڪري؟ ڇا هو ڀارت جي پهرين ائٽم بم جو نالو “مسڪرائيندڙ ٻڌ” ٻڌي صدمي ۾ نه هليو وڃي ها؟ ممڪن آهي ته اهو ڪجهه نه ٿئي ها ۽ اهو به ممڪن آهي ته هو نهروءَ کي اهو ڪجهه نه ڪرڻ ڏئي ها، جنهن جي ڪرڻ سان ننڍي کنڊ ۾ هيترا ٻارڻ ٻريا آهن!
پاڪستان جي ائٽمي سائنسدان ڀارت جي صحافي ڪلديپ نير کي چيو هو ته “جيڪو ڪجهه به ٿيو آهي، اهو تاريخ جو حصو آهي. ان کي قبول ڪرڻ کان سواءِ اسان وٽ ٻي ڪا واٽ ڪانهي” اهو سچ آهي ته پاڪستان وٽ ائٽمي پاور ٿيڻ جو دليل دفاعي هو. پر دنيا جي پهرين ائٽم بم کان وٺي پوئين ائٽم بم تائين موت جا واپاري رهيا آهن، انهن کي فطرت ڪڏهن به نه بخشيندي. ڇو ته ٻين مهاڀاري لڙائيءَ جي پوئين موڙ تي آمريڪا پوري دنيا کي دهشت ۾ آڻڻ جي لاءِ جيڪڏهن هيروشيما ۽ ناگاساڪيءَ جي مٿان ائٽم بم نه وسائي ها ته هوند دنيا ڪيتري نه شانتيءَ ۾ هجي ها. هن وقت دنيا جي جن ملڪن وٽ ائٽم بم ناهن رڳو انهن جون نه پر انهن جون به ننڊون ڦٽل آهن، جن وٽ ائٽم بم آهن. هن وقت ته دنيا ۾ ايترا ائٽم بم آهن جن سان هيءَ ڌرتي ڪيترائي ڀيرا ڀورا ڀورا ڪري سگهجي ٿي. هيءَ ڌرتي جيڪا هن مهل تائين نظر ايندڙ ڪهڪشائن ۾ زندگيءَ جي اڪيلي اميد آهي. هيءَ دنيا جنهن ۾ سڀ ڪجهه آهي. هن دنيا کي هميشه جي لاءِ اهي ائٽم بم اڏاري سگهن ٿا، جيڪي ٻين مهاڀاري لڙائيءَ کان پوءِ مسلسل ٺهندا رهيا آهن. ڇا دنيا ۾ صرف انهن ملڪن وٽ ائٽم بم آهن، جيڪي “ائٽمي ڪلب” جا ميمبر آهن؟ ڇا اسرائيل کي دنيا ائٽمي قوت طور تسليم ڪيو آهي؟ ڇا اتر ڪوريا جي ائٽمي قوت کي قانوني درجو حاصل آهي؟ ائٽمي قوت ڪلب جا ميمبر ملڪ ته ڀارت ۽ پاڪستان به ناهن. جيڪڏهن دنيا ۾ طاقتور ملڪ سختيون نه ڪن هوند ڪيترائي ملڪ پنهنجا ڳجها ائٽمي بم پڌرا ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي وڃن.
جڳ مشهور سائنسدان ۽ مفڪر آئنسٽائن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن هن کي هٽلر جو خوف نه هجي ها ته هو ائٽم بم ٺاهڻ واري ٽيم جو حصو نه بڻجي ها. هن کي سدائين اهو غم رهيو ته هن جو ان ايجاد ۾ هٿ هو، جنهن انسان ذات ته ڇا پر ڌرتيءَ تي وسندڙ هر جيءَ کي ساڙي ناس ڪرڻ واري هٿيار کي ايجاد ڪيو. آمريڪا سدائين پنهنجو اهو خدشو ظاهر ڪيو آهي ته هن کي ان خوف سببب ننڊ نه ٿي اچي ته جيڪڏهن ائٽم بم انتهاپسندن جي هٿ ۾ اچي وڃي. ائٽم بم ته بارود جي سڀ کان خطرناڪ صورت آهي. پر ائٽم بم کان پوءِ اهڙا موتمار هٿيار ايجاد ٿيا آهن، جيڪي ڌرتيءَ جي گولي کي تباهه ۽ برباد ڪرڻ جي ائٽم بم کان سرس سگهه رکن ٿا. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن به عالمي امن جو سوال اٿندو آهي، تڏهن اولهه جي ملڪن جا ماڻهو هزارن جي تعداد ۾ ڪٺا ٿي احتجاج ڪندا آهن.
دنيا جا ملڪ هن مهل تائين اهو سمجهن ٿا ته طاقت جو سرچشمو خطرناڪ جنگي هٿيار آهن. اهو ئي سبب آهي ته سعودي عرب پنهنجي تيل جي ڪمائيءَ جو وڏو حصو سدائين جنگي هٿيارن تي خرچ ڪندو رهيو آهي. هو آمريڪا کان سدائين جديد ترين هٿيار خريد ڪندو آهي ۽ جڏهن انهن هٿيارن جي مٿان انهن کان خطرناڪ هٿيار اچي ويندا آهن ته هو وري جديد هٿيار خريد ڪرڻ جي لاءِ مجبور ٿي ويندو آهي. پاڪستان به جنگي هٿيار وٺڻ ۾ پوئتي رهڻ نه چاهيندو آهي پر اها حقيقت پوري دنيا کي معلوم آهي ته هن خطي ۾ سڀ کان وڌيڪ هٿيار ڀارت خريد ڪندو آهي. جڏهن ته چين پنهنجا هٿيار ٺاهڻ ۾ پاڻ ماهر آهي. باقي ٻيا ملڪ آمريڪا کان هٿيار وٺڻ جا هيراڪ آهن. آمريڪا کان اڳ ۾ ڀارت جو دفاعي نظام گهڻو ڪري روس جي رحم ڪرم تي هو. هن وقت به ڀارت جي جنگي نظام جو بنياد روسي اسٽائيل تي آهي. ان ڪري ڀارت ڪوشش ڪندو آهي ته هو روس سان پنهنجا لاڳاپا مڪمل طور تي نه ٽوڙي. هن ڀيري جڏهن ڀارت روس کان دفاعي ميزائل ٽيڪنالاجي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ته آمريڪا تمام گهڻو ناراض ٿيو.
پاڪستان جي سياسي پارٽين کي پتو آهي ته اقتدار ۾ اچڻ جي باوجود به انهن جو دفاعي نظام ۾ عمل دخل نه هوندو. ان ڪري پاڪستان ۾ جڏهن آمريڪا جي نائب پرڏيهي سيڪريٽري وينڊي شرمن آئي هئي ته هوءَ ڀارت کان ٿيندي آئي هئي ۽ هن ڀارت جي سرڪار کي آمريڪا جو اهو سنيهو ڏنو ته ڀارت جيڪڏهن روس کان ايس 400 ميزائل سسٽم خريد ڪيو ته اهو هڪ خطرناڪ عمل هوندو. هن وقت ڀارت جي اها ڪوشش آهي ته هو نه صرف رفال جنگي جهازن پر جديد هٿيارن سان پاڻ کي ليس ڪري ڪنهن به طرح سان پاڪستان کي ڊپريس ۽ چين کي چپ ڪرائي. اهو ئي سبب آهي ته ڀارت هن ڀيري وري ڪوشش ڪري رهيو آهي ته هو انهن ملڪن سان دوستيءَ وارا رشتا رکي جيڪي ملڪ پاڻ ۾ دشمن آهن. روس ۽ آمريڪا جا پاڻ به اختلاف صرف سوشلزم جي ڪري هجن ها ته اڄ آمريڪا ۽ روس پاڻ ۾ ڀائرن جهڙا دوست هجن ها. پر حقيقت اها آهي ته آمريڪا اڄ به جڏهن “دشمن ملڪ” جو لفظ استعمال ڪندو آهي ته ان جو مطلب چين کان اڳ ۾ روس هوندو آهي. ڀارت کي آمريڪا پنهنجو ايشيائي پارٽنر بڻائڻ جي لاءِ هن کي پاڪستان کان وڌيڪ اهميت ڏيندو رهيو آهي. پر ڀارت جي اها خواهش آهي ته هو صرف آمريڪا جو يار ٿي نه رهي پر هن جي دوستيءَ جي دائري ۾ روس به شامل هجي ۽ آمريڪا کي اها ڳالهه ڪنهن به طور تي نه ٿي وڻي. آمريڪا ڀارت کي چتاءُ ڏنو آهي ته هو روس سان هٿيارن جي ڪا به لين دين نه ڪري. جڏهن ته ڀارت کي اهو خوف آهي ته هو پاڪستان ۽ خاص طور تي چين جي هوائي فورس جو مقابلو نه ڪري سگهندو. هن کي آمريڪا سامونڊي سرگرمين جي سلسلي ۾ ٿورو ٽيڪو ڪرايو آهي پر اهو به ٿورو! جڏهن ته ڀارت جو مطالبو گهڻو آهي. ان کان سواءِ ڀارت جو آمريڪا کان اهو اصرار آهي ته هو کيس روس سان تعلقات رکڻ به ڏئي. جڏهن ته آمريڪا ڀارت کي کليل طرح سان چوي ٿو ته فرانس کان وٺي اسرائيل تائين پوري دنيا هن جي لاءِ ڪافي ناهي؟
ڀارت جي اها ڪوشش آهي ته هو انهن ملڪن سان ملي هلي جيڪي هڪ ٻئي جا مخالف آهن. اها سوچ آهي ته تمام پرڪشش پر ڇا عملي طور تي ۽ گهڻي عرصي تائين ممڪن آهي؟ پوري دنيا کي معلوم آهي ته سعودي عرب ۽ ايران پاڻ ۾ ڪڏهن به نه ٺهندا آهن. جڏهن ته سعودي عرب سان تمام ويجها لاڳاپا رکي ڀارت ايران سان دوستي وڌائڻ جي تازي ڪوشش به ڪئي آهي. ڇا سعودي عرب اهو سڀ ڪجهه سهي ويندو؟ ڀارت پاڻ کي ايشيا جي هڪ تمام وڏي طاقت جي طور تي اڀارڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي. خواب ڏسڻ جي ته هر ڪنهن کي آزادي آهي پر حقيقت ۽ خواب ۾ تمام گهڻو فرق هوندو آهي. ڀارت تمام گهڻين ڪوششن جي باوجود به افغانستان ۾ پنهجي دوست حڪومت وڃڻ کان نه روڪي سگهيو ۽ ڀارت کي پورو اعتماد هو ته هو طالبان جي معاشي مجبوريءَ مان فائدو حاصل ڪري ويندو. هن طالبان سان ڳالهيون به ڪيون ۽ جڏهن معاملو ڀارتي مسلمانن تي آيو ته طالبان ڀارت کي ٻڌائي ڇڏيو ته هو ڪنهن به قيمت تي انهن مسلمانن جي اخلاقي حمايت نه ڇڏيندا، جن جي مٿان ڪشمير سميت ڀارت ۾ ظلم ٿي رهيو آهي.
ڀارت ڪشمير کي پنهنجي مڪمل ڪنٽرول ۾ رکڻ جي لاءِ ڪشمير کي مليل نالي ماتر آزادي به کسي ورتي پر ان سان ڇا ٿيو؟ ڇا هن وقت به ڀارت ڪشمير ۾ پاڻ کي محفوظ سمجهي ٿو. اڃان ڪالهه جي خبر آهي ته ڪشمير ۾ ويڙهاڪن پنج ڀارتي فوجي ماري ڇڏيا آهن. جڏهن ته پوري ڀارت ۾ مسلمان پاڻ کي محفوظ نه ٿا سمجهن. ڇا هڪ مسلمان اداڪار جي ڪلهي تي هٿ رکي مودي هندو ۽ مسلمان تضاد کي متوازن بڻائي سگهي ٿو؟ جيڪڏهن هو پنهنجي ملڪ جي اندر اهو ڪجهه نه ڪري سگهيو آهي ته هو پنهنجي گهر کان ٻاهر علائقي يا عالم ۾ اهو ڪجهه ڪيئن ڪري سگهندو. هن وقت ڀارت ۾ نئين نسل جي جيڪا پوک پچي رهي آهي، اها ڪڏهن به “اکنڊ ڀارت” جي چڪر ۾ اچي ڀوميءَ کي شمشان بڻائڻ جي حمايت نه ڪندي.
ڀارت جي اها ڀل آهي ته هو هٿيارن جي طاقت ذريعي موجود تضادن کي ختم ڪري ڇڏيندو. تضادن جي سائنس اسان کي سدائين سمجهايو آهي ته ٻاهرين قوت سان تضادن کي وقتي طور تي ته دٻائي سگهجي ٿو پر انهن کي ختم نه ٿو ڪري سگهجي. تضادن جو حل اهو آهي ته انهن کي توازن ۾ رکيو وڃي ۽ توازن عدل ۽ انصاف کان سواءِ ممڪن نه آهي. اهو قانون نه صرف ڀارت پر دنيا جي هر ملڪ تي لاڳو ٿئي ٿو. ڀلي اهو ملڪ ڀارت جيان ڪنهن ڀل جو شڪار ڇو نه هجي!!