بلوچستانپاڪستان

بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع

ڪوئيٽا: بلوچستان ۾ حڪومتي پارٽي جي ناراض ميمبرن وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي جي رٿ جمع ڪرائي ڇڏي. بلوچستان حڪومت جي ڪاوڙيل ميمبرن وڏي وزير ڄام ڪمال خلاف بي اعتمادي رٿ صوبائي اسيمبلي سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرائي، بي اعتمادي رٿ جمع ڪرائيندڙن ۾ ظهور بليدي، سردار عبدالرحمان کيتران، نصيب الله مري ۽ ٻيا شامل هئا. پوءِ ٻين ميمبرن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ظهور بليدي چيو ته بي اعتمادي رٿ تي 14 اسيمبلي ميمبرن جون صحيحون آهن، بلوچستان اسيمبلي جي اڪثريتي ميمبرن ڄام ڪمال خلاف عدم اعتماد جو اظهار ڪيو آهي، بلوچستان اسيمبلي اسپيڪر جلد اجلاس گهرائي ۽ بي اعتمادي رٿ پيش ڪري، اسان وڏي وزير کي وري تنبيهه ٿا ڪريون ته پاڻ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اسد بلوچ چيو ته اسان ڪاوڙيل نه پر متحد گروپ آهيون، سياسي بحران سان مسئلا پيدا ٿيندا آهن، ڄام ڪمال هارائي ويو، هاڻ بس ڪري.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button