پاڪستانپنجابشوبز

ٽڪ ٽاڪر عائشه ۽ ريمبو جو مبينا آڊيو ٽيپ سامهون اچي وئي

لاهور: گريٽر اقبال پارڪ ۾ هجوم هٿان هراسان ٿيندڙ عائشا اڪرم ۽ سندس ساٿي ريمبو جي هڪ مبينا آڊيو ٽيپ سامهون آئي آهي. ڊي آءِ جي انويسٽيگيشن شارق جمال موجب مبينا آڊيو رڪارڊنگ قبضي ۾ ورتل ريمبو جي فون مان ملي آهي، فون ڪال جي رڪارڊنگ کي ڪيس جو حصو بڻائي رهيا آهيون ۽ ڪال جو جائزو وٺي رهيا آهيون. آڊيو رڪارڊنگ موجب عائشا اڪرم ۽ ريمبو ۾ جوابدارن جي آزادي بدلي رقم وٺڻ جي منصوبابندي ٿي. مبينا آڊيو ڊيپ ۾ عائشا اڪرم ۽ ريمبو هڪٻئي سان ڳالهائيندي چون ٿا ته جوابدار 6 آهن يا 7، عائشا ريمبو کي چئي ٿي ته 6 جوابدار آهن، جن کي سڃاتو آهي. ريمبو عائشا کي چئي ٿو ته في جوابدار ڪيترا پئسا وٺون؟ گهڻا ته غريب آهن، جنهن تي عائشا جواب ڏئي ٿي ته اهي ماڻهو ڏکيائين سان 5-5 لک گڏ ڪندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button