پاڪستانپنجاب

سعد رضوي جي آزادي جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج

لاهور: پنجاب حڪومت ڪالعدم تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي سربراهه سعد رضوي جي آزادي جو لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو. پنجاب حڪومت سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته سعد رضوي جي نظربندي ختم ڪرڻ ۽ کيس آزاد ڪرڻ جي حڪم ۾ قانوني گهرجون پوريون نه ڪيون ويون. درخواست ۾ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ کي نظربندي بابت تفصيلي رڪارڊ به فراهم ڪيو ويو پر عدالت نظربندي ختم ڪري ڇڏي. درخواست ۾ اپيل ڪئي وئي آهي ته سعد رضوي جي نظربندي ختم ڪرڻ ۽ کيس آزاد ڪرڻ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏنو وڃي

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button