عالمي

آمريڪي نيوي جو ايٽمي انجنيئر راز وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ زال سميت گرفتار

واشنگٽن: آمريڪي نيوي جي هڪ ايٽمي انجنيئر ۽ سندس زال کي گرفتار ڪري مٿس ايٽمي راز وڪرو ڪرڻ جي ڪوشش ۽ جاسوسي جي الزام ۾ فرد جرم لاڳو ڪيو ويو آهي. واشنگٽن ۾ آمريڪا جي انصاف واري وزارت ٻڌايو ته اهو جوڙو هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ايٽمي توانائي تي هلندڙ آبدوزن بابت ڳجهي ڄاڻ آمريڪا جي وفاقي پوليس ايف بي آءِ جي هڪ اهڙي اهلڪار کي وڪرو ڪندو رهيو، جنهن کي هو پرڏيهي حڪومت جو اهلڪار سمجهي رهيو هو.

گرفتار ٿيل آمريڪي جوڙو

جنهن آمريڪي مرد کي گرفتار ڪيو ويو، اهو آمريڪي نيوي لاءِ هڪ ايٽمي انجنيئر طور ڪم ڪندو رهيو هو ۽ هن پنهنجي گهرواري سان گڏجي ڳجهي ڄاڻ فراهم ڪرڻ عيوض ڪرپٽو ڪرنسي جي صورت ۾ تقريبن هڪ لک ڊالر وصول ڪيا. آمريڪي اولهه رياست ورجينيا جي رهواسي ان جوڙي کي اڄ اڱاري ڏينهن عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button