ارشاد لغاري
اڄڪلھه سندس آسپاس ڪچي آرسي جيان ٽڙڪندڙ ناتن جا ڏينهن پيا هلن، تنهن ڪري هِن به ڪالهه آشرم ۾ رهاڻ نينهن کان خالي ٿيندڙ نگر ۾ نباهه جي اڻهوند سان شروع ڪرڻ ٿي چاهي پر جڏهن سڀني کيس اهو چيو ته:
“تون جيڪو ڪجهه به سليندين، تنهن جي اسان سڀني کي اڳ ئي خبر آهي. سو ماٺ ڪري ويھه ميان!! “
تڏهن هن جي ڄڻ ته جند ئي ڇٽي پئي. اهو ان ڪري جو، هن ڪڏهن به اهڙن معاملن تي اجايو مٿاڪُٽ ڪرڻ کي خيال جو زيان سمجهيو آهي، جنهن جي خبر سڀني کي هجي پر پوءِ به منافقي ۽ خوف سبب ڪير به سچ ڳالهائڻ بدران ڳالهه کي جيئن جو تيئن سامهون رکڻ جي همت ساري نه سگهي ۽ پيو اجايو قصي کي منجھائي. سو هن سوچيو ته جڏهن مٿاڪٽ لاءِ سڄو جڳ جهان موجود آهي تڏهن هو ڇو پنهنجو مقدس لمحو وڃائي!؟ ۽ ايئن سوچي هو روانو ٿيو انهن ڏانهن، جيڪي سڄي جهان مٿان ڇوهه ڇنڊڻ بدران سڀ کان اول پنهنجي گهر اڱڻ جي صفائي ڪن ٿا. ڀل جو ظاهر ۾ انهن جو گهر ته ڪوبه ناهي پر هو پنهنجي سيني کي سندو گهر سمجهن ٿا ۽ ان سيني جي صفائي واري سفر ۾ هڪ ڪيف ڀريل رات جو هن راڻيپور جي ملاح فقير کان جڏهن اها ڪافي ٻڌي هئي ته:
“سيني برابر ساز وڄئي ٿو
طالب تند نه ڄاڻين ٿو”
تڏهن هن کي وڃي اها پروڙ پئي هئي ته هي جنهن ساز جو هيستائين پڙاڏو ٻاهر ڳوليندو رهيو آهي، سو ساز دراصل سندس سيني ۾ ئي وڄي رهيو آهي. ۽ پوءِ هن هيٺيون خيال اوريندي پنهنجي نئين پنڌ جي شروعات ڪئي هئي ته:
“ڪفر ۽ ڪيف ڪيا ڪامل
شريعتِ شوق جا راهي
جزائن ۽ سزائن کان
مٿي مستن ماڻيو ماهي.
برهه جو باغ فردوسي
حُسن گهائي گهمايو ٿن
هتي ئي بهشت ۽ دوزخ
ڏني ٿن ڏات آگاهي.”
بس پوءِ هو ڪفر ۽ ڪيف جي وچ واري وستي جو اهو واسي بڻجي چڪو هو، جنهن کي پکي پکڻ، جيت جڻيا ۽ وڻ ٽڻ به اهڙي رولاڪ جي صورت سڃاڻڻ لڳا هئا، جنهن کي ساڌو جو خاص پيار حاصل هو. سڀ ان تي حيران به هئا ته هي جيڪو ورهه جي واٽ ۾ اڃا نئون نئون آهي ۽ ٻيو ته ترڪ به مڪمل طور اختيار نه ڪيو اٿائين، تنهن کي ساڌو، گاروڙين سان گوڏي گڏ ويهاري ايتري معنى ڇو ٿو ڏئي؟ ۽ هي پاڻ به ان آڌر ڀاءُ کي وڏي وٿ ۽ امانت سمجهي، ساهه سان سانڍي اوستائين هلندو رهيو، جيستائين کيس ڀڳت ڪبير جي نينهن جي نُک سان سلهاڙيل محمود فقير ان ٻول ۾ اهو راز نه سمجهايو ته:
“رها راز تيرا عيان هوتي هوتي
لامڪان ۾ بنايا گهر ڪيون؟
مڪان هوتي هوتي…..!!”
۽ ان ئي رهاڻ ۾ هن محمود فقير کان اهو به پڇيو هو ته:
”مالڪ! هڪڙو رنگ گوتم سائين جو آهي جيڪو ڀريا تريا محل ۽ ماڙيون، دايون ٻانهيون ۽ ٻار ٻچا ڇڏي جهنگ سان جڙجي وڃي ٿو ۽ ٻيو ڪرشن سائين جو آهي، جنهن کي چوطرف چوگان ۾ رڳو ئي رڳو داسيون آهن. هاڻ هڪ ڀڪشو جڏهن گوتم ۽ ڪرشن جي خيال جي ٻه واٽي تي اچي بيٺو هجي تڏهن انهي ڀڪشو کي توهين ڪهڙي صلاح ڏيندئو ته اهو ڪيڏانهن وڃي؟ ڪهڙي واٽ اختيار ڪري؟ تنهن تي محمود فقير مرڪي ڏانهس نهاريندي چيو هو ته:
“سهڻا! توهين ڀلي ڪرشن سائين جي واٽ وٺي اڳتي وڌو.”
۽ اڄ جڏهن هو هڪ لمحو گوتم ۽ هڪ لمحو ڪرشن سان گڏ آهي، تڏهن کيس اهي ٻول به ياد اچي رهيا آهن، جنهن ۾ هن ثوابن جي پاڙي ۾ اڪيلي معصوم گناهه کي رلندي ڏٺو هو. گناهه، جنهن بابت ڪنهن هيئن چيو پئي:
“ثوابون ڪي گليون مين
اڪيلا گناهه!!
ايڪ راتِ پناهه ڪا سوال ليڪر
ڀٽڪتا رها
اور شهر پارسا مين
شام ڍل رهي ٿي…..!!”
ها، اها شام، جنهن ۾ معصوم گناهه کيس اها مام به سمجهائي هئي، جنهن ۾ چيل آهي ته:
“پاڪ جايان سڀ ڳول ٿڪوسي
لڌوسي يار خرابئون…..!!”
۽ اڄ ڪلهه هو زماني جي نظرن ۾ خراب بڻجي، ڳولي رهيو آهي ان ڳالهه کي، جنهن جي ڳوٽ هيستائين هن کي فقط ان تارڪ ئي پئي سمجهائي آهي، جنهن ڪو زمانو اڳ کيس اهو ٻڌايو هو ته:
”ڪائنات هڪ وڏو گهنڊ آهي“
۽ پوءِ ان ڏينهن کان اڄ ڏينهن تائين ان گهنڊ جو پڙاڏو، هو مختلف صورتن ۾ ڳوليندو پئي آيو آهي ۽ سندس اهڙي ڳولها سچل چواڻي ڪنهن مهل ڪيئن ته ڪنهن مهل ڪيئن پئي رهي آهي.
انهي ڳولها ۾ ڪا اهڙي رات به آئي آهي جنهن لاءِ هن دعائون گهريون هيون ته ان رات جو شل ڪو صبوح نه ٿئي. پر چاهڻ سان ڇا ٿو ٿي سگهي؟ وقت کي ته گذرڻو آهي، اڳتي وڌڻو آهي. اهو جي بيهي سگهي ها ته هي ان وقت کي سئونفن جي انهي کيت کان اڳتي ڪڏهن به وڌڻ نه ڏئي ها، جنهن کيت ۾ هڪ واعدي جي چوڏهين اڄ به کيس پنهنجو وڃايل ورثو ياد ڏياريندي ٿي رهي ۽ اهي مينهن وسواڙا، جيڪي کيس گوتم جي ڀڪشوئن جيان شانت شانت قطارون ڪري، واري جي ڀٽن تي هلندي نظر آيا، سي هن کي هر هر موٽائي وڃن ٿا سارڌڙي جي ان سانت ۾، جتي سندس هڪ پورو جنم ساهه کڻي ٿو. ۽ ٻيو ڪوههِ سليمان جي خاڪه ڪڇي واري وادي ڏانهن ويندي ڪرڙن جي اها واٽ، جنهن سندس ايمان ۾ اهو اضافو ڪيو هو ته آئيني ساز کي ٽٽل آئينا سڄن شيشن کان وڌيڪ ڇو وڻندا آهن!؟ تڏهن ته هن به هڪ ٽٽل آئينو سانڍي رکيو آهي. اهو آئينو، جيڪو کيس پٿرن جي شهر مان سوکڙي ٿي مليو هو. تن ڏينهن هن کي اهو به سمجهه ۾ آيو هو ته:
”اهو ضروري ناهي ته هر پٿر آئيني جو دشمن به هجي.“
جنهن کان پوءِ هن ڪيترائي پٿر آئيني جا محافظ به ڏٺا. ۽ ڪالهه هو ٽٽل آئيني ۾ پنهنجي اها تصوير ڏسي رهيو هو، جنهن اندر اڌ ۾ رهجي ويل جوڳ جا اولڙا کيس پڪاري پڪاري چئي رهيا هئا ته:
اٿي ڳول ٻيهر…!! پنهنجي پنڌ کي ۽ انهي رند کي، جنهن تي تو هڪ ڀيرو ڪنهن سامي وٽان اهو ٻول ٻڌو هو ته:
“آپ هجر دا سانگ ڪري
آپ تون آپي ٿيوي پري”
سو هي جيڪو تون پاڻ ئي پنهنجي هجر جو سبب بڻجي، پنهجي پاڻ کان جدا ٿيو آهين، تنهن ۾ پنهنجي پاڻ سان تون
ٻيهر ملڻ لاءِ اٿي ڳول ٻيهر….!! ۽ بس پوءِ هن گودڙي کنئي ۽ ڪلهي تي چادر رکي درد جي دشت ڏانهن نڪري ويو ۽ پويان سندس زماني واري سڄي حاصلات حيران رهجي وئي ته هي ڇا ٿيو…!؟ هو ڪيڏانهن ويو.؟ پر انهي پنڌ ۾ رڳو کيس ئي پَتو آهي ته انهي پنڌ جي هر هڪ اندر سيني جو ساز ڪيئن ساڻس ساڻي آهي!؟ اهو ساز، جيڪو جيڪڏھن زمانو ٻُڌي وٺي ته ھوند ڪوبه ڪنهن کان جُدا نه ٿئي!!