اسلام آبادپاڪستان

ڊاڪٽر قدير جي آخري صحيح ٿيل درخواست هاءِ ڪورٽ ۾ داخل

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ بار جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آخري صحيح ٿيل درخواست اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل ڪئي وئي، درخواست ۾ پي ايم سي جي ڪنڊڪٽ آف ايگزامينيشن ريگيوليشن 2021ع کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي اپيل ڪئي وئي،

ڊاڪٽر عبدالقدير خان جي آخري صحيح ٿيل درخواست ۾ چيو ويو ته احتجاج ڪندڙ ينگ ڊاڪٽرز تي پوليس جي لٺبازي سان سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو اميج خراب ٿيو، شاگردن کي مناسب وقت ڏيڻ بنا امتحان جو نئون سسٽم آڻڻ درست نه آهي، درخواست جي متن ۾ لکيل آهي ته پاڪستان جي آئين تحت شاگردن کي ميرٽ تي اعليٰ تعليم جي سهولت ملڻ گهرجي،

ايڊووڪيٽ وقاص ملڪ ڊاڪٽر قدير جي درخواست سندس لاڏاڻي کان پوءِ پاڻ داخل ڪئي، وقاص احمد ملڪ ٻڌايو ته ڊاڪٽر قدير جمعي ڏينهن درخواست لاءِ وڪالت نامي تي صحيح ڪئي، ڊاڪٽر عبالقدير خان ينگ ڊاڪٽرز لاءِ پٽيشن داخل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، ڊاڪٽر قدير جي اوچتو وفات سبب پاڻهي پٽيشن داخل ڪئي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button