اسلام آبادپاڪستان

حڪومت صدارتي آرڊيننس آڻي پنهنجي سهولت ڪري پئي: فضل الرحمان

پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته نوازشريف کي ديوار سان لڳائڻ جي حوالي سان گهڻو ڪجهه ڪيو ويو پر هاڻي ڪجهه ماڻهن کي نوازڻ لاءِ قانونسازي ٿي رهي آهي. ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته قانون ڪنهن هڪ فرد لاءِ ناهي ٺاهيو ويندو، صدارتي آرڊيننس آڻي پنهنجي سهولت لاءِ حڪومت قانونسازي ڪري رهي آهي.

هن چيو ته تحريڪ انصاف جي نااهلي پاڪستان جي تاريخ جو حصو بڻجي چڪي آهي، اسان رستن تي اچي ان کي ظاهر نه ڪريون ها ته هي ڪڏهن به تاريخ جو حصو نه بڻجي ها، ڌانڌلي تي آيل حڪومت جيڪڏهن اسان کي چونڊ سڌارا ڏئي ته اها قيامت جي نشاني آهي، تعجب آهي جو پي ٽي آئي حڪومت کي جرئت ٿي رهي آهي ته اها ملڪ کي شفاف چونڊن جو قانون ڏئي.

هن چيو ته 12 آڪٽوبر تي ملڪ ۾ آئين جي حڪمراني ۽ چونڊيل حڪومت کي تسليم نه ڪرڻ ملڪ سان وفاداري ڪيئن آهي، بلوچستان ۾ حڪومت جي پنهنجي ماڻهن جي بغاوت صورتحال اينگهائي ڇڏي آهي، ظاهر آهي ته اپوزيشن ان مان فائدو وٺندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button