اسلام آبادپاڪستان

ملڪ ۾ ڪرونا جا 1004 نوان ڪيس رپورٽ، وڌيڪ 28 مريض فوت

ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 28 مريض ڪرونا وگهي فوت ٿي ويا، وڌيڪ 1004 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي انگن اکرن مطابق ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪرونا جا وڌيڪ هڪ هزار 4 ڪيس ظاهر ٿيا ۽ وڌيڪ 28 ماڻهو ڪرونا ۾ فوت ٿي ويا آهن، هڪ هزار 254 مريض صحتياب ٿي ويا،

گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ ڪرونا وائرس جا 4 هزار 389 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جنهن مان 1004 مثبت رهيا، اهڙي طرح پازيٽو ڪيسن جي شرح 2 ڏهائي 31 سيڪڙو رهي. پاڪستان ۾ ڪرونا جا هن وقت تائين 28 هزار 134 مريض لاڏاڻو ڪري چڪا آهن،

جڏهن ته وائرس جي مريضن جو انگ 12 لک 58 هزار 959 ٿي چڪو آهي، ملڪ ۾ اسپتالن آئسوليشن سينٽرز، وينٽيليٽرز ۽ گهرن ۾ ڪرونا وائرس جا 42 هزار 263 مريض علاج هيٺ آهن، جن مان 2 هزار 473 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي،

جڏهن ته 11 لک 88 هزار 562 مريض هن وقت تائين هن بيماري مان صحتياب ٿي چڪا آهن، هن وقت تائين ڪل هڪ ڪروڙ 99 لک 11 هزار 21 ڪرونا جون ٽيسٽون ڪيون ويون آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button