اسلام آبادپاڪستان

اسلام آباد ۾ وڌيڪ 78 شهري ڊينگي وائرس ۾ وٺجي ويا

اسلام آباد ۾ ڊينگي جا حملا جاري آهن ۽ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 78 شهري وائرس جو شڪار ٿي ويا آهن. ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسلام آباد ۾ وڌيڪ 78 شهري ڊينگي سان متاثر ٿيا، جن ۾ ٻهراڙي مان 46 ۽ شهري علائقن مان 32 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ هن وقت 1229 ماڻهو ڊينگي وائرس جو شڪار آهن، جن ۾ ٻهراڙي علائقن جا 817 ۽ شهري علائقن جا 412 ڄڻا شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button