سنڌ

نوري آباد ۾ 7 ڄڻا گرفتار، ڪروڙن جي منشيات هٿ

نوري آباد پوليس ڳجهي اطلاع تي جهمپير ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي ماليت جو گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ استعمال سوپاريون هٿ ڪري 7 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او نوري آباد افتخار باجوا ٻڌايو ته ڳجهي اطلاع ملڻ تي پوليس اٽالن سان پهچي ويران جا تي ڇاپو هنيو ته 640 ڪٽا گٽڪي ۽ مين پڙي ۾ استعمال ٿيندڙ سوپارين جا هٿ ڪيا ويا، جنهن جي ماليت ڪروڙين رپيا آھي، جڏھن ته اتي موجود ست ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، جن ۾ حميد الله، شبير، حيات الله، نثار احمد، نور الله، علي ۽ سردار کي گرفتار ڪري ورتو آهي، جنھن جو تعلق ڪوئيٽا سان ۽ اهي گدام جا چوڪيدار ٻڌايا پيا وڃن، جڏھن ته اصل جوابدارن جي ڳولا ڪئي پئي وڃي. گرفتار جوابدارن مٿان منشيات ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button