اسلام آبادپاڪستان

13 ڪروڙ جي ٿوم چوري تي اختيارين کان رڪارڊ طلب

قومي اسيمبلي جي فوڊ سيڪيورٽي واري ڪميٽي جي اجلاس ۾ 13 ڪروڙ رپين جي ٿوم چوري واري معاملي جي گونج ٻڌي وئي. مسلم ليگ ن جي اسيمبلي ميمبر رائو اجمل جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي جي خوراڪ جي تحفظ واري ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ نيشنل ايگريڪلچر ريسرچ سينٽر (اين اي آر سي) کان ڪروڙين رپين جي هائبرڊ ٿوم ٻج چوري وارو معاملو اٿاريو ويو.

چيئرمين فوڊ سيڪيورٽي رائو اجمل اين اي آر سي کان پڇاڻو ڪيو ته 13 ڪروڙ رپين جي ٿوم اين اي آر سي مان چوري ڪيئن ٿي؟ جنهن وقت ٻج چوري ٿيو، ان وقت ٿوم جي قيمت 500 رپيا في ڪلو هئي. فوڊ سيڪيورٽي ڪميٽي ڊي جي اين اي آر سي کان ٿوم جي پوک جو رڪارڊ طلب ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button