سنڌ

لاڙڪاڻي جي رائيس ڪئنال مان نوجوان جو لاش هٿ

لاڙڪاڻي جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نيو لطيف ڪالوني وٽان گذرندڙ رائيس ڪئنال مان 40 ورهين جي همراهه جو لاش ڏسي علائقي واسين پوليس کي اطلاع ڏنو، پوليس پهچي لاش رائيس ڪئنال مان ڪڍي چانڊڪا اسپتال ۾ آندو، جتي لاش جي سڃاڻپ معظم ڪالوني واسي يوناني حڪيم عبدالقيوم پٽ امان الله پٺاڻ طور ڪندي وارثن کي اطلاع ڏنو ويو. ان حوالي سان رحمت پور پوليس ٻڌايو ته وارثن شروعاتي جاچ ۾ ٻڌايو آهي ته عبدالقيوم پٺاڻ يوناني حڪيم هو، جنهن کي ٽن ٻارن جي اولاد آهي جنهن غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ ٿي رائيس ڪئنال ۾ ٽپو ڏئي خودڪشي ڪئي آهي. وارثن جي اهڙي بيان بعد ضروري ڪارروائي ڪري لاش وارثن حوالي ڪري جاچ ڪري رهيا آهيون

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button