ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حڪمران معاشي پاليسين جو جائزو وٺن

Editorial

حڪومت پنهنجي عوام مخالف ايجنڊا تي مڪمل عمل ڪري رهي آهي، جيتوڻيڪ حڪمران چون ته اهو پيا ته هي ملڪ کي بحران مان ڪڍڻ جا قدم آهن پر اها خبر ناهي ته حڪمرانن وٽ ملڪ جو ڪهڙو تصور آهي ڀلا عوام کان سوا ڪو ملڪ جو تصور به ٿي سگهي ٿو ڇا؟ عوام کي ته حڪمرانن مهانگائي جي بار ۾ چيڀاٽي ڇڏيو آهي. تازو ئي پاڪستان ۾ مهانگائي جي هفتيوار شرح ۾ گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ هڪ ڏهائي 01 سيڪڙو ۽ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 28 ڏهائي 05 سيڪڙو اضافو ٿي ويو. وفاقي ڳڻپ واري اداري 23 جون تي ختم ٿيندڙ هفتي دوران مهانگائي جا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا. جنهن مطابق گذريل هفتي مهانگائي جي شرح هن کان گذريل هفتي جي ڀيٽ ۾ 1.01 سيڪڙو وڌي آهي. جڏهن ته سالياني بنيادن تي ڏٺو وڃي ته گذريل هفتي مهانگائي جي شرح ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 28 ڏهائي 05 سيڪڙو اضافو ٿي ويو آهي. انگن اکرن مطابق گذريل هفتي دوران ڪل 51 بنيادي شين مان 32 شين جي اگهن ۾ اضافو ٿيو، رڳو چئن شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ٿي ۽ 15 شين جون قيمتون مستحڪم رهيون، هڪ هفتي ۾ مهانگائي ۾ هڪ ڏهائي 01 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي ڪل شرح 28 ڏهائي 05 سيڪڙو تائين پهتي. هڪ هفتي ۾ بصر جي في ڪلو اگهه ۾ 4 رپيا 9 پئسا، مڱن جي دال 9 رپيا 2 پئسا، دال ماش 12 رپيا 77 پئسا ۽ دال مسور جي اگهه ۾ 11 رپيا واڌ آئي. پنج ليٽر ڪڪنگ آئل هڪ هفتي ۾ 122 رپيا مهانگو ٿيو، جنهن بعد ان جي موجوده قيمت 2770 رپين تائين پهچي وئي. هڪ هفتي اندر في درجن آنا 7 رپيا 19 پئسا مهانگا ٿيا، براڊڊ گيهه في ڪلو 21 رپيا مهانگو ٿيو. اهڙي طرح وهنجڻ واري صابڻ، مڱن جي دال، گيهه، ڪڪنگ آئل، دال ماش، سگريٽ آنا، پٽاٽا اٽو، دال، بيف ٻوڙ، چانهه، تازو کير، بريڊ، باسمتي چانور، ڏهي، ايل پي جي، ٿوم، کنڊ ۽ پائوڊر ملڪ مهانگا ٿيا. رڳو ٽماٽا، ڪيلا ۽ سرنهن جو تيل سستو ٿيو.
جڏهن ته ڪراچي ۾ هڪ هفتي دوران 20 ڪلو اٽي جي قيمت ۾ 200 رپين تائين جو اضافو ٿي ويو آهي. ڳڻپ واري وفاقي اداري طرفان جاري ڪيل انگن اکرن مطابق 16 جون تي ختم ٿيل هفتي ۾ 20 ڪلو ڪڻڪ جي اٽي جي قيمت وڌ ۾ وڌ 17 سئو رپيا هئا جيڪا 23 جون تي هفتي جي پڄاڻي تي 19 سئو رپين تائين پهچي وئي. انگن اکرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪراچي ۾ 20 ڪلو اٽي جي ٿيلهي جي وڌ ۾ وڌ قيمت اسلام آباد، راولپنڊي، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، لاهور، فيصل آباد، سرگوڌا، ملتان ۽ بهاولپور جي ڀيٽ ۾ اٽڪل ٻيڻ تي وڌيڪ آهي جتي وڌ ۾ وڌ قيمت 980 رپيا 20 ڪلو تائين آهي. هوڏانهن مهانگائي جي ستايل عوام کي حڪومت پاران رليف بدران وڌيڪ مهانگائي ئي تحفي ۾ ملي رهي آهي. تفصيل مطابق نيپرا ڪي اليڪٽرڪ جي اپريل جي ماهوار فيول چارجز ايڊجسٽمينٽ جي مد ۾ 5 رپيا 27 پئسا في يونٽ اضافي جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪي اليڪٽرڪ 5 رپيا 31 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست ڪئي هئي، جنهن تي اٿارٽي 14 جون 2022 تي ايف سي اي تي عوامي شنوائي ڪئي هئي، نيپرا پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو ته هن کان اڳ مارچ جو ايف سي اي واهپيدارن کان 4 رپيا 83 پئسا چارج ڪيو ويو هو، جيڪو صرف هڪ مهيني لاءِ هو، اپريل جو ايف سي اي مارچ جي ڀيٽ ۾ 43 پئسا وڌيڪ چارج ڪيو ويندو، جيڪو رڳو جولاءِ جي مهيني جي بلن تي لاڳو ٿيندو.
اسان سمجهون ٿا ته موجوده حڪومت جون معاشي پاليسيون ڪنهن به نموني عوام دوست ناهن. حڪومت کي پنهنجين پاليسين جو جائزو وٺڻ جي ضرورت آهي. حڪومت جي آئي مهانگائي وڌائڻ وارن قدمن جي ڪري عام ماڻهو جو جيئڻ جنجال ٿي ويو آهي. اسان جو حڪومت کان مطالبو آهي ته مهانگائي تي جلد کان جلد ضابطو آندو وڃي، هاڻي عوام وٽ مهانگائي جو بار برداشت ڪرڻ جي قوت ختم ٿي چڪي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button