رانديون

ڪرڪيٽ ٽيسٽ ۾ ڌاڪو ڄمائڻ بعد 60 بالن ۾ قيد…!

دنيا ۾ ٽيسٽ ڪرڪيٽ 94 سالن تائين جنون جي حد تائين راڄ ڪيو، جنهن بعد ون ڊي ان ۾ جدت آندي، پر ٽي 20 جي فارميٽ ڪرڪيٽ ۾ عشق ۽ جذبات جو طوفان داخل ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ نھ رڳو هن راند ۾ نئون ٽيلنٽ وڏي تيزي سان داخل ٿيو، پر ان سان گڏ دولت جي جي ريل پيل ان جي مقبوليت کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا. اهڙي ريت ڪرڪيٽ ۾ هر روز نئين دريافت جو سفر شروع ٿي ويو،

ٽي 60 جو فارميٽ ڏيندڙ ويسٽ انڊيز بورڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم

ڪرڪيٽ جي ڪجهه بورڊ ٽي 10 کي شامل ڪيو، ڳالهه اتي نھ بيٺي انگلينڊ ۾ 100 بالن واري “دي 100” جي جدت داخل ڪرڻ جو تجربو ڪيو آهي، هاڻ ويسٽ انڊيز ان ۾ ٽي 60 يعني 6 رانديگرن تي ٻڌل ٽيم جو فارميٽ متعارف ڪرائي ڪرڪيٽ جي دنيا ۾ ٿرٿلو مچائي ڇڏيو آهي. ويسٽ انڊيز بورڊ جي دعوا آهي تھ هي فارميٽ انتهائي تيز رفتار فارميٽ ثابت ٿيندو. اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر بازيد خان چوي ٿو تھ ڪرڪيٽ ۾ ايندڙ نين جدتن کي روڪڻ بيوقوفي آهي، ڇوتھ نواڻ سان وڙهي نٿو سگهجي، مختصر فارميٽ ۾ پيسو آهي،

ويمن ڪرڪيٽ جو هڪ انداز

براڊڪاسٽر ۽ رانديگر خوش آهن. تجزيي نگار عثمان سميع انگلينڊ جي اڳوڻي ٽيسٽ ڪرڪيٽر ڊيوڊ لائيڊ جو جملو ٻڌايو تھ هاڻ اهو ڏينهن پري ناهي، جڏهن ڪپتان ٽاس ڪرڻ ويندا ۽ جيڪو ٽاس کٽيندو، اهو ميچ جو فاتح قرار ڏنو ويندو. (فيچر: بي بي سي)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button