عالمي

ايران ايٽمي پروگرام بابت ڳالهين جي بحالي تي تيار ٿي ويو

تهران: ايران پنهنجي ايٽمي پروگرام تي عالمي طاقتن سان ڳالهيون بحال ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويو. برطانوي خابرو اداري موجب يورپي يونين پرڏيهي پاليسي جي چيف جوزف بورل جو چوڻ آهي ته دير جو شڪار ايران ايٽمي ڳالهيون جلد ٻيهر شروع ٿي وينديون. تهران ۾ ايراني پرڏيهي وزير امير حسين عبداللهيان سان گڏيل پريس ڪانفرنس ۾ جوزف بورل جو چوڻ هو ته ايندڙ ڏينهن ۾ دير ختم ڪري ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ٿيڻ جي اميد آهي. جوزف ورل جو چوڻ هو ته ٽي مهينا ٿي چڪا آهن هاڻي جوهري ڳالهين تي ڪم کي تيز ڪرڻ جي ضرورت آهي، جوهري معاهدن جي بحالي لاءِ ايران ۽ آمريڪا جي فيصلن تي خوشي آهي. ان موقعي تي ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته جوهري معاهدا بحال ڪرڻ تي ڳالهه ٻولهه ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ تيار آهيون، ايران لاءِ 2015 جي جوهري معاهدي جا مڪمل اقتصادي فائدا وٺڻ اهم آهي. هن جو چوڻ هو ته مسئلن ۽ اختلافن کي ڳالهين ذريعي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. پريس ڪانفرنس دوران ايراني پرڏيهي وزير جو چوڻ هو ته ايران ۽ يورپي يونين وچ ۾ سهڪار تي يورپي يونين جي پرڏيهي پاليسي جي چيف جوزف بورل سان ڊگھي ۽ هاڪاري ڳالهه ٻولهه ٿي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button