بلوچستانپاڪستان

اتر وزيرستان ۾ فورسز جي ڪارروائي، 4 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي: سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ۾ ڪارروائي ڪندي چار دهشتگرد ماري ڇڏيا. پاڪ فوج جي ترجمان اداري (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي اتر وزيرستان جي علائقي دوسالي ۾ انٽيلي جنس بنياد تي آپريشن ڪيو ويو جنهن دوران فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ 4 دهشتگرد مارجي ويا. آءِ ايس پي آر موجب فورسز اتي پهچندي ئي دهشتگردن فائرنگ ڪئي جنهن تي اهلڪارن جوابي فائرنگ ڪئي. دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ٿيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب مارجي ويل دهشتگرد سيڪيورٽي فورسز خلاف ڪارروائين ۾ ملوث هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button