پاڪستانپنجاب

چوڌري شجاعت پنهنجي ننڍي ڀاءُ چوڌري وجاهت جي الزامن جو جواب ڏئي ڇڏيو

لاهور: پاڪستان مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين پنهنجي ننڍي ڀاءُ چوڌري وجاهت حسين جي الزامن جو جواب ڏئي ڇڏيو. هڪ ڏينهن اڳ چوڌري وجاهت حسين چيو هو ته نئين پارٽي ٺاهيندس. شجاعت حسين چيو ته ننڍي ڀاءُ اسان جي گهر ۾ ماڻهن کي ڪجهه ڳالهيون ڪيون آهن. هن چيو ته چوڌري وجاهت آصف علي زرداري بابت الزام تراشي ڪئي جڏهن ته منهنجن پٽن تي الزام لڳايو ته هنن ڊالر گهريا. چوڌري شجاعت حسين رد عمل ڏنو ته جيڪڏهن چوڌري وجاهت اهي ڳالهيون ڪيون آهن ته اهي نهايت خراب ڳالهيون آهن. هن چيو ته مان پنهنجن پٽن جي اهڙي تربيت ناهي ڪئي، منهنجي چوڻ تي منهنجا پٽ في الحال چپ آهن. سندس چوڻ هو ته مان پنهنجي پٽن کي سچ ڳالهائڻ جي تلقين ڪئي ۽ منهنجي چوڻ تي ئي پٽن شهباز شريف کي ووٽ ڏنو هو. مسلم ليگ ق جي سربراهه چيو ته اسان ڪنهن کان ڪا وزارت ناهي گهري، آصف زرداري پاڻ اچي اسان کي مبارڪون ڏنيون هيون. سندس چوڻ هو ته پاڪستان ۾ اڳ ئي ڪيتريون ئي پارٽيون آهن هڪ ٻي ٺهي وئي ته ڪهڙو فرق پوندو. هن اهو به چيو ته چوڌري وجاهت طارق بشير بابت جيڪو بيان ڏنو اهو غير اخلاقي ۽ ڪوڙ تي ٻڌل آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button