سٺي سياست ملڪ کي ٺاهيندي آهي ۽ بري سياست ملڪ کي ڊاهيندي آهي. اهو سچ عام ۽ آزمايل آهي. ان جو تجربو هن دنيا جي ذري گهٽ هر ملڪ کي حاصل آهي. ڇو ته هر ملڪ سٺي بري سياست مان گذرندو رهيو آهي. دنيا جو ڪو به ملڪ اها دعويٰ نه ٿو ڪري سگهي ته هن صرف سٺي سياست جي بهار ڏٺي آهي. هن کي معلوم نه آهي ته سياسي سرءُ ڪيئن ٿيندي آهي؟
هن جڳ جا اهي ملڪ جيڪي پنهنجي آئين، قانون ۽ سسٽم جي منهن تي ڪنهن مهڻي جي مک جو ويهڻ به سهي نه ٿا سگهن، انهن جي ملڪي تاريخ ۾ به اهڙا موڙ جام موجود آهن، جن تي اهي ملڪ تمام گهڻا شرمسار هجڻ جي باوجود به پنهنجي تاريخ مان انهن بابن کي ڪٽي نه ٿا سگهن.
آمريڪا جون ريڊانڊين مٿان ڪاهون ۽ انهن جي وجود کي لوڻ پاڻي ڪري ڇڏڻ جو ڪامياب ڪوششون اڄ هن جي نئين نسل لاءِ ايتريون ئي اذيت ڀريون آهن، جيترو اذيت ڀريو، انهن جو اهو ماضي هو جنهن ۾ هڪڙن انسانن سان صرف ان ڪري نفرت ڪئي ويندي هئي، ڇو ته انهن جو رنگ ڪارو هو. انهن ڪارن جي خلاف گورن ڇا ڇا نه ڪيو؟ آمريڪا جنهن کي انساني حقن جي حوالي سان وڏو ناز رهندو آيو آهي، ڇا هن کي معلوم ناهي ته ان جي ماضيءَ ۾ انسانن کي ڍورن ڍڳن وانگر وڪرو ڪيو ويندو هو ۽ انهن سان اهو سڀ ڪجهه ڪيو ويندو هو، جنهن جو اڄ تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. جيڪڏهن آمريڪا جو ڪو حامي اهو دليل پيش ڪري ته اهو سڀ ڪجهه تڏهن ٿيو هو، جڏهن آمريڪا ۾ اڃان سياسي شعور نه پيدا ٿيو هو ته ڇا هن وٽ ٻين مهاڀاري جنگ ختم ٿيڻ بعد جاپان جي ٻن کلندڙ ٽلندڙ شهرن جي مٿان ايٽم بمن جي تجربي ڪرڻ جو ڪو به حق هو؟ ڇا هن وٽ اهو حق هو ته هو ويٽنام سان وحشي سلوڪ ڪري؟ ڇا هن وٽ اهو حق هو ته هو ڪوڙو الزام هڻي عراق کي تهس نهس ڪري ڇڏي؟ ڇا هن وٽ اهو حق هو ته هو سرد جنگ ۾ دنيا جي آمرن کي کلو کليو سپورٽ ڪري؟ ڇا هن وٽ اهو حق هو ته هو اهو ڪجهه ڪري جيڪو هن گرينيڊا ۽ افغانستان ۾ ڪيو؟ جيڪڏهن انهن واقعن کي آمريڪا جي پرڏيهي پاليسيءَ جي کاتي ۾ به لکيو وڃي ته ڇا آمريڪا جي سابق صدر ڊونالڊ ٽرمپ جي حڪومت جو دور آمريڪا لاءِ ڪڏهن به قابل فخر ٿي سگهي ٿو؟ ٽرمپ جي دور وارو آمريڪا پنهنجين ڏيهي پاليسين جي حوالي سان به ڪڏهن ڪنڌ مٿي کڻي نه ٿو سگهي. اهو ممڪن ئي ناهي ته آمريڪا ڪڏهن پنهنجي اڳوڻي صدر جي حوالي سان فخر جي احساس مان گذري.
آمريڪي مٿان جيڪو برو وقت گذريو آهي، اهو برو وقت هن جي مخالف ملڪ روس جي مٿان گذري رهيو آهي. اهو روس جيڪو ڪڏهن سپر پاور هو، اهو روس ڪهڙي طرح سوويت يونين مان وري روس بڻجي ويو ۽ اهو ڪهڙي ريت معاشي ۽ معاشرتي ذلت مان گذريو؟ اهو روس جيڪو تاريخ جي ترڪڻي لڪ تي وري پير کپائي چڙهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، ان روس جي پراڻي توڙي ويجهي ماضيءَ ۾ اهڙا واقعا جهجهي تعداد ۾ موجود آهن، جن جي مٿان ڪنهن به طرح سان فخر ڪري نه ٿو سگهجي. ساڳي طرح سان جيڪو ڪجهه آمريڪا ۽ روس سان ٿيو آهي، اهو ڪجهه انهن سمورن ملڪن سان ٿيو آهي، جن ملڪن کي هن وقت مهذب هجڻ جو وڏو مانُ ۽ شانُ آهي. هر ملڪ جي ماضيءَ ۾ اهو مواد موجود آهي، جيڪو هن جي لاءِ باعث ندامت هجي.
هر ملڪ جي جهول ۾ صرف سٺايون ناهن. هر ملڪ جي حوالي سان ڪسيون پڪيون ڳالهيون موجود آهن ۽ انهن کان اکيون چورائڻ ڪنهن به طرح سان ممڪن ناهي. پر انهن ملڪن کي پوءِ به اهو فخر آهي ته هو تاريخ جي ان تاريڪ موڙ تان گذري وري پنهنجو سفر روشنيءَ ۾ واٽ تي ڪرڻ لڳا. پر افسوس جي ڳالهه اها آهي ته هن دنيا جي گولي تي ڪجهه ملڪ اهڙا به آهن، جن پنهنجي ماضيءَ جي منفيت مان ڪجهه به نه سکيو آهي. انهن جو ماضي انهن جي لاءِ ڪنهن به طرح سان فخر جو باعث ناهي ۽ نه وري انهن جو حال اهڙو آهي، جنهن تي هو اطمينان جو اظهار ڪري سگهن. انهن کي تاريخ جي ڪنهن به دور تي اهڙو ڪو احساس ڪونهي، جنهن کي عظيم چئي سگهجي.
اسان جي لاءِ اهو سچ تمام سخت تڪليف جو ڪارڻ آهي ته اسان جو ملڪ دنيا جي انهن ملڪن ۾ شامل آهي، جن ماضيءَ مان ڪجهه به سکڻ جي ڪوشش نه ڪئي آهي ۽ نه وري انهن پنهنجي حال کي بهتر بڻايو آهي، جڏهن ته هو پنهنجي مستقبل جي سلسلي ۾ تمام گهڻو حيران ۽ پريشان آهي. هن وقت دنيا جي ملڪ عالمي توڙي علائقائي سياست جا لڪ لنگهي پار پيا آهن ۽ هو هن وقت جيڪا سياست ڪري رهيا آهن، ان ۾ ضابطو آهي. انهن جو معاشي نظام گهڻي ڀاڱي مستحڪم آهي. انهن جو وجود مضبوط آهي. انهن وٽ وسيلا به آهن ۽ انهن جو بهتر استعمال به آهي. ان جي عوام کي اها ڳڻتي ناهي ته ايندڙ وقت ۾ ڇا ٿيندو؟ اڄ ته گذري ويو پر سڀاڻي جو سوال انهن جي لاءِ تمام گهڻي تڪليف جو ڪارڻ آهي. اسان جو ملڪ هن مهل به ان اذيت جو شڪار آهي، جنهن اذيت مان هو ماضيءَ جي تمام مشڪل مرحلن مان گذرڻ وقت محسوس ڪندو هو. اها اذيت هن ملڪ مان ڪڏهن ويندي؟ ان سوال جو جواب تلاش ڪرڻ لاءِ هن ملڪ مان مختلف جمهوري ۽ غير جمهوري حڪومتون گذريون آهن ۽ هن وقت پاڪستان جنهن حڪومت جي حوالي سان سڃاتو وڃي ٿو، اها حڪومت چون چون جو اهو مربو آهي، جنهن جي باري ۾ ڪجهه به چوڻ ممڪن ناهي ته اها ڪيترو وقت جٽاءُ ڪري سگهي ٿي؟ ان حڪومت جا نظر ايندڙ مالڪ ته آئيني مدي جي ڳالهه ڪري رهيا آهن پر حقيقت ۾ ان حڪومت جي باري ۾ سڀ کان وڌيڪ تشويش ۽ بي يقيني انهن حڪمرانن جي حصي ۾ آهي، جيڪي هن وقت ملڪ لاءِ آءِ ايم ايف کان قرض جي قسط وٺڻ لاءِ اهي شرطون قبول ڪري رهيا آهن، جن شرطن کي ٻڌي ملڪ جي حساس ۽ غيور ماڻهن کي شرم محسوس ٿي رهيو آهي. اهو سڀ ڪجهه ٿيڻ جي باوجود به ملڪ جي عوام کي معلوم ناهي ته هن سياسي اذيت جو انت ڪڏهن ايندو؟ ڪڏهن ملڪ هڪ بهتر دور ۾ داخل ٿيندو؟ ڪڏهن سسٽم کي اهي حالتون نصيب ٿينديون جو اهو پنهنجو آزاد سفر جاري رکي سگهي؟ ان سلسلي ۾ ڪا به ڳالهه يقين سان ڪرڻ تمام گهڻي مشڪل آهي. ڇو ته پاڪستان ۾ سياسي تجربن ملڪ کي اهڙي بند گهٽيءَ ۾ بيهاري ڇڏيو آهي جو ڪا به ڳالهه يقين سان ڪرڻ تمام گهڻي ڏکي آهي. اسان ملڪ جي بهتريءَ جي سلسلي ۾ صرف اميد ڪري سگهون ٿا. پر اميد جي حوالي سان اهو چيو ويندو آهي ته “اميد سٺو ناشتو ۽ بري ڊنر هوندي آهي”
پاڪستان جي سياسي مبصرن جي نظر هن مهل هلندڙ سال جي آخري مهينن تي آهي. اهي مهينا جن ۾ آرمي چيف جي تبديلي عمل ۾ اچڻي آهي. اهي مهينا جن تائين اليڪشن ڪميشن ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چونڊ ڪرائڻ جي تياري ڪري وٺندي. اهي مهينا جن ۾ پاڪستان هڪ حد تائين پنهنجي پيرن تي بيهڻ جي وقتي ڪوشش ۾ وقتي طور تي ڪامياب ٿي چڪو هوندو. انهن اميدن جي سهاري ملڪ جو عوام هن سسٽم جا عذاب سهي رهيو آهي، جنهن سسٽم مان ڪنهن به وقت ڪو به مهانگائيءَ ۽ مصيبت جو تير نڪري سگهي ٿو ۽ اهو تير ملڪي عوام جي ڇاتيءَ کي ڇاڻي سگهي ٿو. ڇو ته هن وقت پاڪستان جو عوام جنهن مهانگائيءَ جي طوفان مان گذري رهيو آهي، ان ۾ هن تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پيٽ کي پٽيون ٻڌڻ شروع ڪيون آهن ۽ ان کي ڪجهه به معلوم ناهي ته ايندڙ وٽ ان لاءِ ڇا هوندو؟
پاڪستان جو عوام ان پيڙا مان ان وقت کان وٺي گذري رهيو آهي، جنهن وقت کان وٺي هي ملڪ وجود ۾ آيو ۽ اها پيڙا ان مهل تمام گهڻي شدت اختيار ڪري ٿي وئي جنهن وقت دنيا انهن کي ٻڌايو پئي ۽ انهن کي پاڻ به سمجهه ۾ آيو پئي ته قدرت هن مهل کي وسيلن جي سلسلي ۾ تمام گهڻيون سهولتون ڏنيون آهن. هن ملڪ ۾ ڪا اهڙي ڪمي ناهي، جيڪا هن مهل جي وڏي مثال جي صورت ڳڻي سگهجي. هن ملڪ ۾ اهو سڀ ڪجهه آهي، جيڪو هن ملڪ جي عوام جي مقدر کي مهڪائي سگهيو ٿي پر ناڪام ۽ ناڪاره سياست چڱي ڀلي ملڪ جو حشر برو ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته پاڪستان کان تمام گهٽ وسيلن وارا ملڪ به پنهنجي بهتر سياست ۽ ان سياست جي معرفت حاصل ٿيل بهتر سسٽم جي ڪري سک ۾ آهن ۽ انهن ملڪن جو عوام سڪون سان سمهي ٿو ۽ آرام سان اٿي ٿو. جڏهن ته هن ملڪ جي عوام ۾ نه سٺي ننڊ آهي ۽ نه وري سٺا سپنا آهن. هن ملڪ جي مقدر ۾ مسلسل اذيت، عذاب ۽ اها غيريقيني آهي، جيڪا مسلسل دکي رهي آهي ۽ ان جي حوالي سان هڪ اهڙي ڪيفيت هن ملڪ جي مٿان ڄمي وئي آهي، جنهن ڪيفيت ۾ ڪرب ۽ تڪيلف کان سواءِ ٻيو ڪجهه به ڪونهي. ڇا هي ملڪ هن مصيبت مان ٻاهر نڪرڻ جو حق حاصل ڪري سگهندو؟ جيڪڏهن اهو حق هن ملڪ کي حاصل ٿيو ته اهو حق هن ملڪ جي عوام جي حصي ۾ به ايندو. جيڪڏهن اهو حق هن ملڪ کي نه مليو ته پوءِ ملڪ پنهنجن ماڻهن کي ڇا ڏئي سگهندو؟
اهو ملڪ جيڪو منفي ۽ نامناسب سياست سبب هن مهل وقت جي ان گهٽيءَ ۾ بيهي رهيو آهي، جيڪا گهٽي اڳيان بند آهي، واچن جا ڪانٽا گول گردش ۾ آهن. ڊجيٽل اوزارن جا انگ مسلسل مٽجي رهيا آهن. ڪيلينڊر جون تاريخون پنهنجي ترتيب سان تبديل ٿي رهيون آهن. پر ان جي باوجود به اسان جي ملڪ ۾ وقت بيٺل محسوس ٿي رهيو آهي. وقت جو نئون سفر ڪڏهن شروع ٿيندو؟