ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ٿر ۾ وڌندڙ آپگهات: حل ڇا آهي؟

نور بجير

ٿر جي تاريخي ۽ جاگرافيائي حالتن جو جائزو وٺجي ته اھا ڄاڻ ملندي ته ھتي اھي ماڻھو اچي آباد ٿيا جيڪي پنھنجن علائقن جي حالتن کان تنگ اچي امن جي تلاش ۾ سفر ڪندي ھتي پھتا. انھن ماڻھن ٿر جي وارياسي علائقي ۾ مال ۽ ڏٿ تي گذارو ڪري زندگي گذاري ۽ مشڪل زندگي گذارڻ جا گر سکيا.
ٿر جو رشتو ڏڪار سان گهڻو رھيو آھي، ھر ٽيون سال سوڪھڙي وارو ھوندو آھي انھي ڪري مالوند ماروئڙن جي زندگي تمام گهڻي ڪٺن رھي آھي. موسمياتي تبديلين جي ڪري ڏڪار جا اثر ڳنڀير ٿيا آھن، برساتون دير سان پوڻ جي ڪري فصل جي پيداوار ۽ مال جي چاري ۾ لاٿ آئي آھي ۽ ھڪ ڪٽنب جا اثاثا ختم ٿي ويا آھن نتيجي ۾ معاشي حالت بدتر ٿي آھي ۽ خودڪشين جو رجحان وڌيو آھي.
بين الاقوامي صحت جي اداري موجب دنيا ۾ خودڪشي 10 اھم سببن ۾ شمار ٿئي ٿي ۽ دنيا ۾ 15 کان 29 سالن جي عمر وارن نوجوانن ۾ موت جو ٻيو نمبر وڏو سبب خودڪشي آھي. پاڪستان ۾ ھميشه خودڪشي واري موت کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آھي. انھي عمل کي صحت جو مسئلو سمجهي متاثر ڌر يا مريض سان مشاورت نه ڪئي ويندي آھي.
تازو سنڌ يونيورسٽي جي سوشل ورڪ ڊپارٽمينٽ، سول سوسائٽي سپورٽ پروگرام جي معاونت سان خودڪشين جي وڌندڙ رجحان جا ڪارڻ ڳولڻ لا تحقيق ڪئي ۽ انھي تحقيق ۾ ھيٺين ٽن قسمن جي خودڪشين جا ڪيس مليا.

  1. عام رواجي نوعيت جا ڪيس جيڪو ھڪ فرد کي پاڻ مرادو مجبور ٿو ڪري ته زندگي جو انت آڻي. مثال طور ڪنھن امتحان يا انٽرويو ۾ ناڪامي، ڪاروبار يا پيداوار ۾ نقصان جي ڪري دل برداشت ٿي خودڪشي جي لا پاڻ مرادو ڪو قدم ٿو کڻي. اھڙي قسم جو رجحان پوري دنيا ۾ آھي.
  2. مخصوص حالتن واري نوعيت جا ڪيس ڪنھن مخصوص حالتن يا دٻا جي ڪري مجبور ٿي خودڪشي جي لا قدم کڻڻ جنھن ۾ بئنڪن يا وياج خورن جي قرض جون قسطون، سوشل ميڊيا جي ذريعي بليڪ ميلنگ، جنسي ڏاڍائي، ھراسمينٽ جھڙا ڪارڻ انسان کي انھي پاڻ مرادو ختم ڪرڻ جي لا آمادہ ڪن ٿا. ھن قسم جي صورتحال سوشل ميڊيا جي ڦھلجڻ کان پو وڌي وئي آھي.
  3. اتفاقي قتل يا رٿابندي سان قتل ڪري خودڪشي جي نالي ۾ قتل کي لڪايو وڃي ٿو. ھن قسم جو رجحان به وڌندڙ آھي، با اثر ڌريون ڪنھن سڀري قاتل کي لڪائڻ جي لا خودڪشي جو رنگ ڏين ٿيون.
    خودڪشي انيڪ سماجي منفي روين، اڻھوند، نظراندازي، اڻبرابري، ۽ سماجي ناانصافي جي نتيجي ۾ ھڪ فرد يا اجتمائي خودڪشين جي نتيجي ۾ ھڪجھڙن مسئلن جو شڪار ماڻھن جو فيصلو ھوندو آھي. ٿر جي مخصوص حالتن کي ذھن ۾ رکندي ھيٺيان اھم سبب ٿي سگهن ٿا، جن جي ڪري خودڪشين جو رجحان وڌيو آھي.
  4. ٿر ۾ گذريل ٻن ڏھاڪن دوران شيون تيزي سان تبديل ٿيون آھن. روڊ نيٽ ورڪ جي ڪري ٻھراڙي کان شھر طرف سفر ۾ اضافو ٿيو، موٽر سائيڪل جي سواري مواصلاتي رڪاوٽن کي ختم ڪيو ۽ نوجوانن کي ھڪ مخصوص جھان کان کليل اڱڻ تي آندو. انھن نوجوانن جو سماج پراڻن قدرن تي مشتمل ھو پر سوشل ميڊيا ۽ ٻئي رابطاڪاري جي عمل اوچتو بنا تياري جي تيز رفتار ٻيڙي ۾ سوار ڪري ڇڏيو. شھري ۽ ميڊيا جي گليمر نفسياتي بيمارين ۾ جڪڙي ڇڏيو جنھن جي نتيجي ۾ بي قابو ٿي ويا ۽ پير جهلي نه سگهيا. نئين دور جي ڏيکا واري ڪلچر ۾ ضرورتون وڌيون، غريب ھجڻ جي باوجود کين موبائيل ۽ روزانو پيڪيج گهرجي، شھر ڏانھن اچڻ لا موٽر سائيڪل ۽ پيٽرول گهرجي، دوستن سان ميل ملاقات ۽ ميل جول جي لا وقت ۽ ڏوڪڙ گهرجن.
  5. سوشل ميڊيا جي تيزي سان واڌ سماج ۾ افراتفري مچائي ڇڏي آھي، ھڪ طرف سماجي فاصلا گهٽائي ڇڏيا آھن ته ٻئي پاسي انھي وڏي تبديلي جي لا ذھني طور تي تيار نه ھجڻ واري سماج ۾ نه رياستي سطح تي نه نصاب ڪو ڪردار ادا ڪيو ۽ نه ئي وري ڪٽنب توڙي سماجي ادارن نئين نسل جي سماجي توڙي اخلاقي تعليم جي ذريعي ذھني وسعت کي مضبوط ڪيو. نتيجي ۾ ٻاھرين ڪلچر ۽ ميڊيا جا رنگين گليمر جي وھڪري ۾ ايتري ته ترڪڻ ھئي جو پير ترڪي پيا ۽ سماجي حادثا خودڪشين جي روپ ۾ نروار ٿيا. سماجي رابطي جي وڌڻ سان ضرورتون وڌيون ۽ خرچ وڌيا، نتيجي ۾ نوجوانن ۾ مايوسيون وڌيون.
  6. سوشل ميڊيا جي ڪري نوجوانن جو پنھنجن مائيٽن ۽ وڏي عمر جي ماڻھن سان سماجي رابطو گهٽجي ويو، انھن جي زندگين مان سبق حاصل ڪري نه سگهيا. اخلاقي ۽ سماجي قدر سکڻ وارا موقعا گهٽجي ويا.
  7. ھندو ڌرم ۾ رشتيداري جا ٻنڌڻ انتھائي مقدس سمجهيا ويندا ھئا، انھي ڪري رشتيدارن ۾ شادي جو تصور ئي نه ھو. ھندو ڌرم ۾ رشتيدارن ۾ شادي جي منع آھي. جڏھن کان ٻاھرين ڪلچر پنھجا اثر ڇڏيا ته اھڙي قسم جا رجحان وڌيا، نئين نسل طئي ڪيل حدون اورانگهڻ شروع ڪيون ۽ نتيجي ۾ خودڪشي کان سوا ٻئي ڪابه واٽ نظر نه آئي. مسلم توڙي ھندو ذاتين ۾ ڇوڪري توڙي ڇوڪري کان شادي جي لا سندن مرضي معلوم نٿي ڪئي وڃي. ھن تبديل ٿيندڙ سماج ۾ اھڙي قسم جي رشتي جا بنياد انتھائي ڪمزور ھوندا آھن ۽ اھا مڃتا دلي طور نه ھوندي آھي. اھڙي حالت ۾ به مرد جي نسبت ۾ عورت کي وڌيڪ ڀوڳڻو پوي ٿو.
  8. تيزي سان تبديل ٿيندڙ معاشري ۾ ڪمزور طبقن خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن تي ڪافي منفي اثر پيا آھن، سوشل ميڊيا جي منفي استعمال انھن طبقن کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو، جنسي ڏاڍائي ۽ حراسان ڪرڻ وارن ڪيسن ۾ اضافو ٿيو نتيجي ۾ خود ڪشين جو شڪار عورتون وڌيڪ ٿيون آھن. صنفي اڻبرابري ۽ صنفي مت ڀيد ۾ اضافو ٿيو، مرد کي وڌيڪ رابطاڪاري جا موقعا مليا، لڳ لاڳاپا وڌڻ جي ڪري وڌيڪ طاقتور محسوس ڪرڻ لڳو، گهريلو آمدني جو گهڻو حصو پنھنجين عياشين ۾ استعمال ڪرڻ لڳو ۽ عورت جي صحت، تعليم ۽ ٻين زندگي جي ضرورتن جو پورائو نه ٿي سگهيو.
  9. ٿر ۾ خودڪشيون گهڻو ڪري ھندو ذاتين خاص طور تي دراوڙي ذاتين جون وڌيڪ ٿيون آھن. انھن ذاتين ۾ عورتون پنھنجن وڏن کان پردو ڪنديون آھن ۽ پنھجا ڏک سور ونڊي نه سگهنديون آھن. مڙسن جي زيادتين کي انھن جو حق سمجهن ٿيون ۽ برداشت ڪنديون رھن ٿيون. برداشت جون حدون اورانگهڻ کان پو انھن وٽ خودڪشي جو ئي رستو باقي بچي ٿو.
    1. روزگار جي تلاش ۾ نوجوان توڙي وڏا سنڌ جي ٻين شھرن ڏانھن مزدوري جي لا وڏي عرصي تائين وڃن ٿا ۽ پٺيان گهرن ۾ عورتون غير محفوظ ھونديون آھن. اھڙن گهرن جون عورتون آسان ٽارگيٽ ھونديون آھن ۽ اڪثر پنھنجن عزيزن ۽ رشتيدارن جي ھٿان جنسي تشدد جو شڪار ٿينديون آھن.
      (هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button