ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

حزب اختلاف ۽ حزب اقتدار

اعجاز منگي

پي ڊي ايم کي پوري پڪ هئي ته پ پ پنهنجي پاور شو دوران هن مٿان ڪو نه ڪو سياسي وار ڪندي پر لڳي ٿو ته پ پ پنهنجي حڪمت عملي تبديل ڪئي آهي. دراصل پ پ کي اها خوشي آهي ته نيٺ مريم نواز به ان موڙ تي اچي وئي آهي، جتان پ پ ۽ پي ڊي ايم جا رستا الڳ ٿيا هئا.

پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي اصل اڳواڻ مريم نواز کي آخري ميٽنگ ۾ جڏهن ست سري ٻڌائيندي چيو ته هو ڪڏهن به اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ نه ٿو چاهي. آصف زرداريءَ اها ڳالهه به واضح ڪري ڇڏي هئي ته هن جو ڊوميسائل هن کي اها اجازت نه ٿو ڏئي ته هو اسٽيبلشمينٽ سان ٽڪر کائي. هن مريم نواز کي اهو به چيو هو ته جيڪڏهن نواز ليگ چاهي ٿي ته ملڪ کي ميدان ۾ تبديل ڪجي ته پوءِ ميان نواز شريف کي واپس اچڻ گهرجي.

ان ڏينهن مريم نواز کي پنهنجي پيءُ جي اها ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي ته نواز ليگ ۽ پ پ پارليامينٽرين هڪ مياڻ ۾ نه ٿيون رهي سگهن. پر هن مهل جڏهن مريم نواز عمران خان جي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ دوري پيدا ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي ته پ پ جي نظر ۾ اها عملي سياست جي اصل ابتدا آهي. پ پ ۾ هاڻي اها آتش باقي نه بچي آهي، جيڪا اسٽيبلشمينٽ سان اٽڪڻ لاءِ کيس اتساهي. هن مهل پ پ هر قيمت تي اقتدار چاهي ٿي. جڏهن ته پ پ کي معلوم به آهي ته پنجاب هن جي سياسي سر تي نچڻ لاءِ تيار ناهي ۽ خيبر پختون خوا جو موڊ به الڳ آهي. پر پ پ کي وري به اهو آسرو آهي ته وچ واري قوت بڻجي اها وفاقي حڪومت ۾ ڪو شيئر وٺي سگهي ٿي ۽ جيڪڏهن ان ۾ ناڪام رهي ته گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ چوٿون ڀيرو سرڪار ته ٺاهي سگهي. پر چونڊون اڃان پري آهن. هن مهل تائين سمورين ڌرين ۽ خاص طور تي اسٽيبلشمينٽ پنهنجا پتا ظاهر نه ڪيا آهن.

نواز ليگ جي پاليسي آهي ته اها پاڪستان جي مخصوص اداري جي ويندڙ سربراهه تي ڇتي تنقيد ڪري ايندڙ سربراهه جي دل ۾ پنهنجي لاءِ ڪا جاءِ جوڙي سگهي. پاڪستان ۾ گهڻو ڪري اهو سمجهيو ويندو آهي ته اسٽيبلشمينٽ پنهنجن لک اختلافن کي پاسيرو رکي ساڳي پيج تي هوندي آهي. ان ڪري اهو ڪيئن ممڪن آهي ته اسٽيبلشمينٽ جي مرضيءَ خلاف هڪ اداري جو سربراهه پنهنجي پاليسي هلائي سگهي. پر جيڪڏهن نواز ليگ جهڙي پنجاب ۾ بنياد رکندڙ پارٽي اهو ڪجهه ڪري رهي آهي ته ان ۾ پڪ سان شڪ رکڻ گهرجي.

هن ڀيري بلاول زرداريءَ جي پوري ڪوشش هئي ته هو پنهنجي قيادت جي ڪشش کي قبول ڪرائي سگهي. اهو ئي سبب هو ته اسٽيج تي هن پنهنجي ڀر سان پنهنجي ننڍي ڀيڻ آصفه کي به بيهاريو هو، جيڪا پنهنجي ڀاءَ جي هر ڳالهه تي ڪنڌ لوڏي ۽ هر پڪار تي تاڙيون وڄائي رهي هئي. جڏهن ته ان جلسي جو اهو اثر پوءِ به پئجي سگهيو، جيڪو سياسي پنڊتن سوچيو هو. هن ڀيري پاڪستان جي سياسي مبصرن جو خيال هو ته پنهنجي طرف ڌيان ڇڪائڻ جي لاءِ بلاول به اسٽيبلشمينٽ جي ڪجهه ڪردارن جا نالا کڻندو ۽ انهن جي مٿان ڪا تنقيد به ڪندو پر بلاول هن ڀيري به تمام گهڻي احتياط کان ڪم ورتو ۽ هن “اسان جي فوج ۽ اسان جي آءِ ايس آءِ” جا لفظ استعمال ڪري، پنهنجي پاليسي پڌري ڪري ڇڏي. بلاول جو نشانو هن ڀيري به عمران خان جي حڪومت هئي. جڏهن ته پي ڊي ايم توڙي پ پ کي خبر آهي ته انهن جي جلسن سان عمران خان جي حڪومت پٽ تي نه پوندي پر هو عمران خان جي خلاف احتجاج جو آغاز ڪري اصل ۾ ايندڙ چونڊن جي سلسلي ۾ پنهنجو ٽيمپو ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن. جڏهن ته مهانگائيءَ کي منهن نه ڏئي سگهندڙ عمران خان جي حڪومت عوامي بيزاريءَ جي آثارن کي محسوس ڪري رهي آهي. پر جنهن ملڪ ۾ آئين لتاڙي اقتدار ۾ ايندڙ آمر به ڏهاڪو سال ڪڍي سگهن ٿا، ان ملڪ ۾ عمران خان جي لاءِ پنهنجو مدو پورو ڪرڻ ڪهڙي مشڪل ڳالهه آهي؟

عمران خان جا ويجها حلقا ان خيال جا آهن ته عمران خان اسٽيبلشمينٽ کي ايترو ته پسند اچي ويو آهي جو هن جو ٻيون مدو به پڪو آهي. جڏهن ته ان جي باري ۾ هن مهل ڪجهه به نه ٿو چئي سگهجي. اها حقيقت آهي ته عمران خان جي حڪومت طرفان حزب اختلاف جي ٻن وڏين پارٽين خلاف ڪو ڪيس ته نه ٺهيو آهي. اها ٻي ڳالهه آهي ته عمران خان نيب کي ناڪاره ڪرڻ واري مخالف ڌر جي مطالبي کي مڃڻ لاءِ تيار ناهي. پي ڊي ايم جو عمران خان جي خلاف ايترو زور ناهي، جيترو ان جو اسٽيبلشمينٽ جي مٿان آهي ته اها هن مهل تائين صرف عمران خان کي پنهنجي ويجهو ڇو رکي ويٺي آهي. آخر پيزا ۽ برياني کائڻ جو حق ته انهن جو به آهي. جڏهن اهڙي دعوت جي ايڇ ڪيو ۾ ٿئي ته پي ڊي ايم کي ٻيو ڇا گهرجي. اهو ئي سبب آهي ته هاڻي پي ڊي ايم جي اصل قوت يعني نواز ليگ ۽ نواز ليگ جي اصل مورت يعني مريم نواز به سڄي اداري کي نشانو بڻائڻ بدران انهن فردن جو تذڪرو به گهٽائي رهي آهي، جن جا نالا اڳ ۾ عام طور تي وٺي هوءَ سخت گير هجڻ جو تاثر ڏيندي هئي.

پيپلز پارٽي ته پهرين ڏينهن کان وٺي ان ڪوشش ۾ هئي ته اها ڪنهن به طرح سان اسٽيبلشمينٽ کي قبول پوي. ڇو ته هن مهل تائين پيپلز پارٽيءَ ڪوئي عمل ته ڇا پر ڪوئي اهڙو بيان به نه ڏنو آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ جي لاءِ ڪنهن به قسم جي ۽ ڪيتري به مشڪل پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجي سگهي. پهرين ڏينهن کان وٺي پ پ جي اها پاليسي رهي آهي ته جيڪڏهن هوءَ ٿوري گهڻي رٺل به آهي ته ان جو سبب آصف زرداريءَ ۽ پ پ جي ڪجهه ٻين ڪردارن جي مٿان احتساب جي سختي آهي. هن ڀيري به بلاول صدر زرداريءَ جو نالو کڻي نه صرف هن جي عمر پر بيماريءَ جو به تفصيل سان تذڪرو ڪيو ۽ چيو ته هو اهڙي حالت ۾ عدالتن ۾ پيش ٿي رهيو آهي. ان جو مطلب اهو هو ته جيڪڏهن في الحال آصف زرداريءَ جو عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ وارو عرض به قبول پوي ته پيپلز پارٽي تمام گهڻو خوش ٿي ويندي.

پي ڊي ايم ۽ هن جي روح روان يعني مولانا فضل الرحمان کي سفارشون ٿي رهيون آهن ته ڪنهن طرح سان پي ڊي ايم جي پاليسيءَ کي نرم بڻائي هڪ ڀيرو پ پ کي ٻيهر شامل ٿيڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ڇو ته پيپلز پارٽي گذريل ٽن سالن جي دوران تحريڪ انصاف جي حڪومت طرفان گڏجڻ جو ڪو اشارو نه ملڻ سبب هن مهل سخت مايوسيءَ جو شڪار آهي. مريم نواز کان پيپلز پارٽيءَ کي صرف اها شڪايت هئي ته هوءَ ايتري ته سخت بيان بازي ڪري ٿي جو پيپلز پارٽيءَ کي پنهنجي پوزيشن مشڪل ۾ پوندي نظر اچي ٿي. هاڻي جڏهن مريم نواز جو لهجو ڪجهه ملائم ٿيو آهي ته پ پ ۾ وري ٻيهر پي ڊي ايم سان ملڻ جي اجهل خواهش پيدا ٿي آهي. پر پي ڊي ايم جي اصل مالڪ قوت سمجهي ٿي ته جڏهن هاڻي ڪو جهيڙو ناهي ڪرڻو ۽ صرف اسٽيبلشمينٽ کي پرچائڻو آهي ته پوءِ پيپلز پارٽيءَ جو بار پاڻ سان گڏ ڇو کڻجي؟

پي ڊي ايم هن وقت پيپلز پارٽيءَ کي هڪ اجايو سياسي بار ٿي سمجهي ۽ اها اسٽيبلشمينٽ کي منٿون ڪرڻ لاءِ ڪو نئون چينل تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ۾ آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم کي اهو پتو هجي ها ته اسٽيبلشمينٽ وٽ پيپلز پارٽيءَ جي هلندي آهي ته هوءَ پيپلز پارٽيءَ کي پري وڃڻ ئي نه ڏئي ها. نواز ليگ عرف پي ڊي ايم اهو سوچي پيپلز پارٽيءَ کي پاسيرو ٿيڻ ڏنو ته اها هن کي استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهي هئي ۽ جهڙي طرح پي ڊي ايم جي طاقت کي حڪومت سان سوديبازيءَ لاءِ پيپلز پارٽي استعمال ڪيو، ان سان هن جو عارضي فائدو ته ٿيو پر اصل ۾ هن جي سياسي ساک کي ڪاپاري ڌڪ لڳو.
پيپلز پارٽيءَ جي پارلياماني قوت جو خيال هو ته بلاول پنهنجي پيءُ جو تسلسل ٿيڻ بدران پنهنجي ماءُ جو نعم البدل ٿيندو ۽ هن ۾ اها قوت هوندي، جيڪا عوام کي پنهنجي طرف ڇڪي سگهي پر پيپلز پارٽيءَ جي موجوده قيادت ٻه سال ته پري رهيا پر ٻن مهينن جي اقتدار کان دوري به پنهنجي ناقابل برداشت پئي سمجهي. جيڪڏهن وفاقي حڪومت سنڌ ۾ گورنر راڄ هڻي به وٺي ها ته ڇا ٿئي ها؟ پيپلز پارٽيءَ کي يقين نه هو هن جي اقتدار تي راتاهو لڳڻ کان پوءِ هن جا پارلياماني ميمبر هن سان گڏ بيهي سگهندا؟

هن وقت پيپلز پارٽي اها پارٽي ناهي، جنهن ۾ رت ڏيڻ وارا مجنون گهڻا هوندا هوندا هئا. هن مهل پيپلز پارٽي ۾ ڪٽي کائو مجنوئن جي اڪثريت آهي. ان ڪري پيپلز پارٽيءَ جي قيادت ڪنهن به قسم جي رسڪ نه پئي کڻي سگهي. جڏهن ته رسڪ نه کڻڻ ۽ سدائين فائدا سوچڻ واري روش سبب پيپلز پارٽي پي ڊي ايم جي قيادت سان نه هلي سگهي. هن مهل جڏهن پي ڊي ايم پاڻ پيپلز پارٽي بڻجڻ جو سوچي رهي آهي ته هوءَ پيپلز پارٽيءَ کي اڳيان ڪري پنهنجا ٻه چار ووٽر به ڇو وڃائي؟ پي ڊي ايم مستقل طور تي هاڻي نرم ۽ ملايم پاليسي اختيار ڪندي يا هن هڪ وک اڳتي وڌائي اسٽيبلشمينٽ جي راضپي واري موڊ جو جائزو وٺندي ۽ ان لاءِ هوءَ هن وقت ڪجهه وڌيڪ وکون کڻڻ لاءِ تيار آهي. جيڪڏهن پي ڊي ايم عرف نواز ليگ منٿ ميڙ سان گڏ سنڌ ۾ به داخل ٿيڻ جو فيصلو ڪري ٿي وٺي ته پوءِ هوءَ اسٽيبلشمينٽ جي حمايت ڪندي تحريڪ انصاف سان گڏ پيپلز پارٽيءَ کي به نشانو بڻائڻ کان نه مڙندي. هن وقت حزب اختلاف لاءِ وڏو سوال اهو آهي هوءَ حڪومت سان ڪيترو وڙهي سگهي ٿي ۽ ان ويڙهه کي وقت سان گڏ ڪيترو مستقل رکي سگهي ٿي؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button