سنڌ

رتوديرو واسي رٽائرڊ ملازم جو پاڪ ڪتاب کڻي احتجاج

رتوديرو جي سچل ڪالوني واسي روڊس کاتي جي رٽائر ملازم پاڪ ڪتاب کڻي مالي سهائتا لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي عبدالرحمنٰ جوڻيجو دانهيندي چيو ته ٻه مهينا اڳ رتوديرو جي خانگي اسپتال ۾ مان گهرواري سردار خاتون جي ڊليوري ڪرائڻ لاءِ پهتس، جتي ڊاڪٽر چيو ته ٻار عورت جي پيٽ ۾ سڌو ناهي جنهن لاءِ آپريشن ڪرڻي پوندي، جنهن جي آپريشن تي لکين روپيا خرچ اچي ويو، جيڪي پئسا وياج تي ورتا هئا، هن وقت بئنڪ عملدار توڙي ٻيا ماڻهو پئسن جي واپسي لاءِ تنگ ڪري رهيا آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button