ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نا اهل ٽولو

يامين جتوئي

نيازي ٽولي جي آ ايم ايف وٽ دال ڪونه ڳري، نام نهاد ناڻي وازير وزير شوڪت ترين جي واپسي کان پو هاڻي وفد جو آخري ميمبر ناڻي وارو سيڪريٽري يوسف خان به معاهدي کانسوا واشنگٽن مان روانو ٿي ويو آهي. جيتوڻيڪ نيازي ٽولو آ ايم ايف جيڪي فرمائشون ڪري رهي آهي، ٿوري گهڻي فرق سان سڀ پوريون ڪري رهيو آهي پر آ ايم ايف 6 ارب ڊالر جي توسيعي قرض جي سهولت وارو پروگرام في الحال بحال ڪرڻ لا تيار ناهي. مطلب ته هي ايترا ته نا اهل آهن جو سڀ ڪجهه، ايتري قدر جو ملڪي بجيت به، آ ايم ايف جي چوڻ تي طئي ڪرڻ يا مالياتي اداري جي مڪمل دلالي ڪرڻ باوجود هو قرض جو پروگرام بحال ڪرڻ لا تيار نه پيو ٿئي!! هن ڀيري ان ج مطالبا اڃا به ڪي سخت آهن.
ٻئي پاسي ڪرنسي مارڪيٽ ۾ رپئي جي بي قدري ۽ ڊالر جي قيمت ۾ تيزي سان واڌ جو سلسلو جاري آهي. اهو ئي سبب آهي جو آمريڪي ڊالر 174 کان وڌي ملڪي تاريخ جي نئين بلند ترين سطح 174 رپيا 30 پيسا ٿي ويو آهي.
جڏهن ته نيازي ٽولي جا ملڪ جي مجبور ۽ مظلوم عوام تي معاشي حملا تيزي سان جاري آهن. تازي رپورٽ هي آهي ته ملڪ ۾ مهانگائي ۾ هڪ ڏهائي 38 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ مهانگائيءَ جي مجموعي شرح 14 ڏهائي 48 سيڪڙو ٿي وئي آهي.
عوا سان ٿيندڙ ايڏي ظلم کان پو هاڻي مخالف ڌر به اک پٽي آهي، جمعي واري ڏينهن مخالف ڌر جي اتحاد پي ڊي ايم مهانگائي تي حڪومت خلاف سڄي ملڪ ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا. لاهو ۾ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ن ليگ اڳواڻ خواجا سعد رفيق چيو ته ”عام واهپي جون شيون مهانگيون نه صفا مهانگيون ڪيون ويون آهن، نااهل حڪمرانن هٿان ملڪ يرغمال رهڻ نه ڏينداسين. پي ٽي آءِ ترقي ڪندڙ پاڪستان کي تباهه ڪري ڇڏيو. نالائقن، نااهلن ۽ ادارن کي تباهه ڪندڙ حڪمرانن هٿان پاڪستان کي يرغمال رهڻ نه ڏينداسين.“ مسٽر خواجا کان اهو سوال ضرور ڪري سگهجي ٿو ته هي ته ٽن سالن کان عوام کي يرغمال بڻائي ويٺا آهن، اوهان ڪهڙين مصلحتن ۽ مجبورين سبب چپ رهيا؟ جيڪڏهن پي ڊي ايم چاهي ها ته انهن ٽن سالن ۾ ڇا نه پئي ٿي سگهيو؟ پر پو به هن عوام دشمن ۽ نا اهل ٽولي کي عوام کي ايئن يرغمال ڇا لا ڪرڻ ڏنو ويو؟ ڪٿي نه ڪٿي اوهان ۾ به کوٽ ته ضرور آهي. ڇاڪاڻ ته اوهان جي به ته عوام دشمني جي پوري هڪ تاريخ آهي.
بهرحال، اهو اتفاق چئجي يا پ پ جي سياست، جنهن ڏينهن پي ڊي ايم مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو، ان ڏينهن ئي ڪراچي ۾ پ پ به مهانگائي خلاف احتجاج ڪيو آهي. حيرت نه ڪرڻ گهرجي، نيٺ ”جمهوري“ (؟؟؟) پارٽي آهي، ان جا به ڪي ”فرض“ آهن، هاڻي ته ان کي به بيانن مان ٻاهر نڪري عوام لا روڊن تي نڪرڻ گهرجي؟!! هي به تاريخ جو عجيب موڙ آهي جو نيازي ٽولي جو ڪردار ايترو ته مڪروهه آهي جو ان آڏو پ پ ۽ نواز ليگ جهڙين حڪمران پارٽين جا ڪرتوت به ”هيچ“ ٿا لڳن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button