پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت ۽ مهانگائي خلاف پ پ جو وڏو احتجاجي مظاهرو

ڪراچي:ڪراچي ۾ وفاقي حڪومت ۽ مهانگائي خلاف پ پ طرفان وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه وفاقي حڪومت تي ڇتي تنقيد ڪندي چيو آهي ته عمران خان چوندو هو ڊالر مٿي وڃي ته سمجهو حڪمران چور آهن، هاڻ ٻڌايو ڪير چور آهي؟ غريبن کي جيئڻ جو حق ڏيو، اسان جي جان ڇڏيو. ڪالهه ڪراچي جي علائقي دائود چورنگي ۾ وفاقي حڪومت ۽ مهانگائي خلاف پ پ جي احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي مراد علي شاهه چيو ته انهن کي ڪو شرم ناهي، انشاءَ الله انهن کي توهان شرم ڏياريندئو، انشاءَ الله اهي ماڻهو ٻڏي مرندا، توهان وڏا وڏا ارسطو آڻي ويهاريا آهن، اها ترقي پنهنجي گهرن ۾ رکو. هن چيو ته اٽي ۽ کنڊ چورن کان غريبن کي بچائي کين جيئڻ جو حق ڏيو، اسان جي جان ڇڏيو. سندس چوڻ هو ته پيٽرول 140 رپيا في لٽر تي پهچي ويو آهي، مهانگائيءَ جو طوفان گذريل ٽن سالن ۾ آيو آهي. سڄي ملڪ ۾ ڌرڻا لڳي رهيا آهن، جيستائين هي حڪمران رهندا، ماڻهن تي ائين ئي ظلم ڪندا رهندا، جيستائين اهي نااهل رهندا ماڻهن کي سڪون نه ملندو. مهانگائي ۽ ظلم مان بلاول ڇوٽڪارو ڏياريندو. سنڌ جي وڏي وزير چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ويٺل حڪمران وڃڻ وارا آهن ۽ پيپلزپارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ملڪ جو نئون وزيراعظم هوندو. وڏي وزير چيو ته وفاقي حڪومت جا ارسطو چون ٿا ته مهانگائي وڌڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته ملڪ ترقي ڪري رهيو آهي. اسان چئون ٿا ته اهڙيون ڳالهيون پنهنجي گهر ۾ سنڀالي رکو. مهانگائي مان بيزار عوام توهان کي اسلام آباد ۽ اقتدار جي ايوانن مان پاڻ ئي ٻاهر ڪڍي وٺندو. وڏي وزير چيو ته اسان جي اليڪشن چوري ڪئي وئي هئي ۽ اسان پنهنجو ڦريل حق واپس وٺي رهنداسين. وڏي وزير مراد علي شاهه احتجاجي مظاهري ۾ مهانگائي ۽ وفاقي حڪومت خلاف لڳندڙ نعرن جا جواب به ڏنا ۽ پاڻ به بلاول جي حمايت ۾ نعرا هڻايا. ٻئي طرف وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته هڪ ڏهائي 36 بلين رپيا لاڙڪاڻي جي اسٽيٽ جي ترقي لاءِ منظور ڪيا آهن. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه سائيٽ لاڙڪاڻي کي گيس فراهم ڪرڻ بابت اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس دوران وڏي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته لاڙڪاڻو انڊسٽريل اسٽيٽ 184 ايڪڙن تي ديهه سماڻو، لاڙڪاڻي جي باقراڻي تعلقي ۾ قائم ڪئي پئي وڃي. توانائي واري وزير امتياز شيخ ٻڌايو ته گيس ڪنيڪشن لاءِ 32 ڪروڙ 60 لک رپيا وڏي وزير منظور ڪيا آهن. صنعت واري وزير ڄام اڪرام الله بريفنگ ۾ چيو ته انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ 94 پلاٽ هوندا، ٻين سهولتن لاءِ 91.41 ايڪڙ ايراضي مختص ڪئي وئي آهي، انڊسٽريل اسٽيٽ ۾ 90 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي. امتياز شيخ ٻڌايو ته ريلوي ڪراسنگ سبب اين او سي حاصل ڪئي پئي وڃي ته جيئن لائين وڇائي وڃي. مراد علي شاهه هدايت ڪئي ته سمورا ترقياتي ڪم جلد مڪمل ڪيا وڃن، انڊسٽريل اسٽيٽ بڻائڻ سان لاڙڪاڻي ڊويزن ۾ روزگار جا ذريعا وڌندا.مراد علي شاهه جو اهو به چوڻ هو ته انڊسٽريل اسٽيٽ بڻائڻ سان علائقي ۾ خوشحالي ايندي، انڊسٽريل اسٽيٽ تيار آهي ته سهولتون فراهم ڪيون وڃن ته جيئن صنعتون لڳڻ شروع ٿين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button