اسلام آبادپاڪستان

تعليم،صحت،اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف ڏينداسين:فواد چوڌري

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته صحت، تعليم ۽ چار ضرورت جي بنيادي شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون. ڪالهه سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ فواد چوڌري چيو آهي ته جعلي خبرن جي حوالي سان قانون تيار ڪري ڪابينا حوالي ڪري ڇڏيو آهي. 2018ع کان چئي رهيو آهيان ته بنيادي سياسي سڌارن کان سواءِ ملڪ اڳتي نٿو وڌي سگھي. ميڊيا ۽ عدالتي سڌارا لازمي آهن. هن وڌيڪ چيو ته صحت، تعليم ۽ چئن بنيادي شين اٽي، کنڊ، دال ۽ گيهه تي وڏو رليف آڻي رهيا آهيون. خيبرپختونخوا کان پوءِ هاڻي پنجاب جو هر خاندان 10 لک رپين تائين هر سال صحت ڪارڊ ذريعي حاصل ڪري سگهندو، اهو پروگرام ڊسمبر ۾ شروع ٿيندو ۽ مارچ تائين سڄي پنجاب کي صحت ڪارڊ ملي ويندا. وفاقي وزير ٻڌايو ته ان گيم چينجر پروگرام ذريعي هاڻي بهترين علاج غريب طبقي جي هر فرد کي ملندو. صحت ڪارڊ اوهان پنهنجي مرضي جي ڪنهن به ڊاڪٽر يا اسپتال ۾ استعمال ڪري سگھندا، رڳو سرڪاري ئي نه پرائيويٽ ڊاڪٽر ۽ اسپتال ۾ به بنا معاوضي علاج ڪرائي سگھندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button