اسلام آبادپاڪستان

ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل طلب

اسلام آباد (رپورٽ:حسيب حنيف)وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙ آفيسرن جا تفصيل گهري ورتا آهن، جنهن لاءِ سمورن صوبائي حڪومتن کي خط به لکيو ويو آهي. رپورٽ موجب وفاقي حڪومت سموري ملڪ ۾ ڪرپٽ ۽ نيب سان پلي بارگين ڪندڙن آفيسرن جي خلاف ڪارروائي جا تفصيل گهري ورتا آهن ۽ ان حوالي سان اسٽيبلشمينٽ ڊويزن سمورن صوبائي حڪومتن کي هڪ خط به لکيو آهي، جنهن ۾ پڇيو ويو آهي ته ڪهڙن آفيسرن قومي احتساب بيورو کي والنٽري ريٽرن جي تحت اثاثا واپس ڪيا يا پلي بارگين ڪئي آهي. ذريعن موجب وفاقي حڪومت طرفان اهي تفصيل گهريا ويا آهن ته جن جن آفيسرن والنٽري ريٽرن ۽ پلي بارگين ڪئي آهي، انهن جا تفصيل ڏنا وڃن. حڪومت طرفان آگسٽ ۾ چئني صوبائي چيف سيڪريٽريز کي خط لکي ان آفيسن جا تفصيل گهريا ويا هئا، جيڪي اڃان تائين ناهن ملي سگهيا. ان تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن هڪ دفعو ٻيهر سمورن صوبائي چيف سيڪريٽريز کي خط لکي ڇڏيو آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته جيڪا ڄاڻ گهري وئي آهي، اها جلد کان جلد اماڻي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button