عبدالله آس هنڱورجو
ٿر هڪ اهڙو وارياسو ۽ حَسين علائقو آھي، جتي انيڪ شخصيتن جنم ورتو آھي، جن پنهنجي فيلڊ ۾ پاڻ نڀايو آهي. پو اهو سياست يا سماجي خدمتون هجن، تعليم ھُجي يا صحت، مطلب ته هر شعبي ۾ ٿر مالامال رهيو آهي. اهڙين انمول شخصيتن مان راڻو مل ملاڻي به هڪ ھُو، جنهن تعليمي ميدان ۾ پاڻ مڃرايو آھي. توڙي جو ھُو اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي پر ھُن جون تعليمي خدمتون وساري نٿا سگهون.
ويو سِجُ وڻن تان راسيون ڏيئي رنگ،
مون جنين سين سڱ، سي لاهوتي لڏي ويا
مٺي جي مهان ماڻهو مهاديو ملاڻي جي گهر ۾ اک کوليندڙ راڻو ملاڻي پنجن پُٽن موتي رام، جڳديش، شامداس، ۽ مهيش ملاڻي مان موڀي پُٽ ھُو. هو پنهنجي نالي وانگر ”راڻو” ئي ھُيو، جنهن جي هر ماڻھو جي من مندر ۾ جڳهھ والاريل ھُئي. ڏٺو وڃي ته ملاڻي خاندان هڪ پڙھئي لِکئي ڪٽنب جي سڃاڻپ رکي ٿو ۽ سندن خاندان جا هر فرد وڏن عهدن تي ڪم ڪري رهيا آھن، انهن کي اڳتي آڻڻ ۾ سائين راڻي مل جو وڏو هٿ هو. هي خاندان سياسي طور تي الاهي ڏھاڪن کان ٿرپارڪر جي سياست ۾ اڳڀرو رهيو آھي، پوءِ انهن مان ڀلي امر جڳديش ڪمار ملاڻي ھُجي يا ڀاءُ موتي رام ملاڻي يا مهيش ملاڻي ُهجي، مطلب ته انهن سياست ۾ پنهنجو الڳ رستو ٺاهيو آھي.
راڻو مل سياست ۾ باقائده پير ته ڪونه پاتو پر کين ايسيتائين آڻڻ ۾ سائين جو وڏو هٿ رھيو هو. سياسي توڙي سماجي ڪمن ڪارن ۾ هنن جي همٿ افزائي ڪئي ۽ ھِنن پُڻ وڏي ڀاءُ کي پيءُ جي حيثيت سان ڏٺو ۽ سندس هر ڳالھه کي لبيڪ چيو. راڻو مل هڪ درسگاھه جيان ھُيو، هن جون تعليمي حوالي سان کنيل وِکون ڪارائتيون ۽ قابل داد ھُيون. ھُن جي من ۾ سدائين ڌرتي واسين لا پيار ھُوندو ھُيو. ھُو غريبن سان وڌيڪ پيار ڪندو ھو. هو هر ماڻھو جو قدردان ھُيو. ھُن وٽ جيڪو به لنگهي ويو، انهي کي لک عزتون ۽ بي پناھه پيار ڏنو. ايتري قدر جو ڳالهين ڳالهين ۾ پنهنجو ڪري وٺندو هو. ھُن تعليمي لحاظ کان هر اهو ڪم ڪيو جيڪو ڪرڻ هر ڪنهن جي وس ۾ نه ھُيو. هن سموري حياتي تعليم لاءِ وقف ڪري ڇڏي. پاڻ سروس دوران ڪافي هنڌن تي سوُنپيل ذميواري ايمانداري سان نه رڳو نڀائي پر اتي پنهنجو نالو سونن اکرن ۾ پُڻ لکرايو. سروس کان رٽائرمينٽ کانپو هڪ اهڙو ڪارائتو قدم کنيو، جيڪو هر ڪنهن لا فائديمند ثابت ٿيو. هن هڪ اهڙو ڏيئو ٻاريو جنهن جي ڪرڻن سان ڪيئي مستقبل روشن ٿيا. هُن غريب نواز ڪوچنگ سينٽر جي نالي سان ٿر جي مُک شھر مٺي ۾ تعليمي مرڪز کوليو، جنهن سان ٿر جي نوجوان شاگردن کي تعليم نصيب ٿي. ان سينٽر کي هاڻ تقريبن چوويھه کان پنجويھه سال ٿين پيا. هن جو بنيادي مقصد نه رڳو ڪمائي جو ذريعو ھُيو، بلڪه هن سينٽر تان ٿر جي غريب عوام کي وڌ کان وڌ فائدو رسائڻ ھُو. هن سينٽر تان هزارين نوجوان تعليم پرائي روزگار سان لڳل آھن. هن مرڪز تان ڪافي سارا ڊاڪٽر، انجنيئر ويندي وڏين پوسٽن تي ڪم ڪندڙ دوست آهن. نه رڳو ان سينٽر تان پر بي پھچ شاگردن جي يونيورسٽين تائين مفت تعليم سان پر مالي سهائتا لا به سدائين اڳڀرو رهيو.
غريب نواز ڪوچنگ سينٽر تان انهن غريب ۽ مسڪين ماڻھن جي نوجوان پُٽن پُڻ مفت ۾ تعليم جهڙي زيور کي ڇُھيو جنهن جي گهر ۾ هڪ ويلي لا چُلھه به ڪونه ٻرندي ھُئي ۽ ھُو هڪ ويلي جي ماني لا به پريشان ھوندا ھُئا. هن سينٽر تي انهن به تعليم پرائي جنهن جا مائٽ سِر تغاري جي مزدوري ڪري پنهنجي پيٽ جي پالنا ڪندا ھُئا ۽ پُٽن جي فيس ڀرڻ جي وٽن سگھه ڪونه ھُوندي ھُئي. ۽ انهن به مفت ۾ تعليم حاصل ڪئي. هن سينٽر تي آئون پُڻ ٻه سال پڙھيس. سچ ٻُڌايان ته آئون به اڌ فيس تي يعني هر مهيني جي رکيل فيس جو اڌ حصو ڏيندو ھُئس ۽ مون سان گڏ منهنجي ئي بئيچ ۾ ڪافي سارا ساٿي غربت سبب بغير فيس جي تعليم حاصل ڪندا ھُئا! اهڙا ڪافي نوجوان ھُوندا جيڪي سائين وٽان مفت ۾ علم پرائڻ بعد اڄ وڏن وڏن عهدن تي ڪم ڪندا ھُوندا ۽ پنهنجي خوشگوار زندگي گُذاريندڙ اُھي ساٿي راڻو مل ملاڻي ۽ سندس ڪُٽنب کي دعائون ڏيندا ھُوندا. راڻو مل هڪ وڏي گهراڻي سان تعلق رکڻ باوجود ھن سادگي پسند شخص ٿري عوام لا وڏي کان وڏو ڪم ڪري ڏيکاريو آھي. ۽ اهڙي ڪم جي وک وک تي واکاڻ ڪجي سو به گهٽ چئبي. پاڻ سڀني کي انهي جو ٿورائتو ٿيڻ گهرجي. ڪُجھه ڏينهن اڳ سائين راڻو مل پاڻ کان جسماني طور هميشه لا وڇڙي ويو آهي پر سندس ڪيل خدمتون پاڻ هڪ پل به ڀُلائي نٿا سگهون نه رڳو ملاڻي خاندان ڏُک ۾ ورتل آھي پر شاگرد لڏي کي به اوترو ئي صدمو رسيو آھي. ڌڻي کيس سرڳ نصيب ڪري.