ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

ساڳي ماني ساڳ سان!

Dastgir Bhatti

پاڪستاني فوج جي اطلاعات کاتي آ ايس پي آر فوجي سپهه سالار پاران منظور ڪيل اعلى سطح تي بدلين ۽ مقررين جو 6 آڪٽوبر تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ھو، جنهن تي عام رواجي طرح چوويهن ڪلاڪن اندر عمل ٿي ويندو آهي. پر ھن ڀيري غير معمولي طور انهي حڪمنامي تي عمل ڪرڻ ۾ وزيراعظم عمران خان پورا ويھه ڏھاڙا يعني ٽي ھفتا گھل گينداڙ ڪري اڱاري تي اھو نوٽيفڪيشن پنھنجي صحيح سان جاري ڪيو آهي. ھنن ويھن ڏينھن ۾ نه رڳو ملڪي اخبارن، ٽي وي چئنلز ۽ سوشل ميڊيا تي افواهن جو سلسلو ھلندو رھيو پر عالمي اخبارن ۽ بااثر آمريڪي ٽيلي ويزن سي اين اين توڙي بي بي سي تان به اھي تبصرا عام ٿي ويا ته سليڪٽڊ وزيراعظم ۽ کيس سليڪٽ ڪندڙ سليڪٽرن وچ ۾ ھنن بدلين ۽ مقررين جي ڪري سياسي اختلاف چوٽ چڙهي ويا آهن. مون به اڍائي ھفتا اڳ پنهنجي ڪالم ۾ سياسي اختلافن جو ذڪر ڪرڻ بنا ھيئن لکيو هو ته فوجي قيادت ۽ سويلين حڪومت وچ ۾ اھڙا ڏار پئجي ويا آهن، جيڪي اڳتي هلي فوجي ڊسيپلين ۽ فردن جي ذاتي انا سبب وڌي وڻ ٿي ويندا. وزيراعظم عمران خان جي ڪابينه ميمبرن ۽ صلاحڪارن روزانو اھي بيان ڏنا ته ڏينهن ٻن ۾ وزيراعظم عمران خان آرمي چيف پاران ڪيل فيصلن جي منظوري ڏيئي ڇڏيندو پر هن تڪرار کي نيبرڻ ۾ڏينهن ٻن بدران ذري گهٽ ٽي ھفتا لڳي ويا.
منهنجن اسلام آباد وارن صحافي ساٿين جو چوڻ آهي ته ٻه ڏينهن اڳ فوجي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه وزير اعظم سان ملاقات ڪري کيس چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن اوهان آ ايس آ جي نئين مقرر ٿيل سربراهه جنرل نديم انجم کي قبول نه ڪندا ته ھاڻي اسان فوجي ڊسيپلين مطابق اوھان جي لاڏلي جنرل فيض حميد کي حڪم نه مڃڻ ۽ ملٽري ڊسيپلين جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سزا ڏيئي ڇڏينداسين. چون ٿا عمران خان معذرت ڪندي عرض ڪيائين ته ايندڙ نومبر مھيني تائين جنرل فيض حميد کي بخش ڪريو ڇو ته ابجد جو ڳاڻيٽو ڪري 20 نومبر جي تاريخ کي سٺو سنئوڻ ٺھرايو ويو آهي. جيسين ھي تڪرار ھلندو رھيو ته پاڻ سڀني ٽي وي تي ٿيندڙ تبصرن ۾ ٻڌو ته پيرڻي جي چوڻ تي وسوسن جو شڪار عمران خان ع کي اھميت ڏئي ٿو. مثال طور سموري سنگت کي ناراض ڪري ڇڏيائين پر پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار کي ھٽائڻ کان ٺپ جواب ڏيندو آهي. ع سان علوي پاڪستان جو صدر، ع سان عثمان، ع سان گورنر سنڌ عمران اسماعيل، ع سان اسد عمر ۽ ٻيا گهڻا ماڻهو مقرر ڪري ڇڏيائين. حيران ڪندڙ ڳالهه آهي ته ٻاويهه ڪروڙ انسانن جي ملڪ جو وزيراعظم جيڪو سگھارن ادارن جي مھربانيءَ سان اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويٺل آهي سو ايڏو وھمي آھي.
خيرن سان ھي تڪرار ايتري قدر وڌي وڻ ٿي ويو آهي جو عمران خان جي پراڻي خزانچي ۽ ھاڻي ويري بڻجي ويل شگرملز مافيا جي اھم ڪردار جھانگير ترين کي اوچتو لنڊن پڌارڻو پيو. پڪي خبر آهي ته ھو ھلندڙ سال ۾ ٻيو ڀيرو اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف سان مليو آهي ۽ کيس واڳ ڌڻين جو نياپو پھچايو اٿس ته اسان بلوچستان جي وڏي وزير ڄام ڪمال کي ھٽائي ڪرسيءَ جي ھڪڙي ٽنگ ڀڃي ڇڏي آهي. اسان جو ساٿ ڏيو ته عثمان بوزدار کي ڊاهي ڪرسيءَ جي ٻي ٽنگ ٽوڙي ڇڏيون. ان لاءِ شرط اھو آھي ته اسان جي خطائن کي درگذر ڪريو. پي ٽي آ يعني حڪمران تحريڪ انصاف ۾ به اسان بغاوت ڪرائي ڇڏي آهي. رڳو اھو ٻڌايو ته باقي پوڻا ٻه سال اوھان جي مسلم ليگ حڪومت ڪندي يا نه؟ چون ٿا ته نواز شريف ورندي ڏني آهي ته ديانتدار ٽيڪنو ڪريٽس تي ٻڌل نگران حڪومت ٺاهي ايندڙ ڇھن مھينن اندر عام چونڊون ڪرايو جن ۾ ھڪڙو به ووٽ چوري ٿيو ته اسان اليڪشن جي نتيجن کي مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏينداسين. پاڻ کي ڄاڻ آهي ته جھانگير ترين به عمران خان کان پنھنجي بيعزتي جو پلاند وٺڻ لاءِ ڦٿڪي پيو. ھو کنڊ جا ناجائز نموني اگھه وڌائڻ واري اسڪينڊل ۾ مکيه جوابدار ھو ۽ عمران خان کيس سزا ڏيئي خوار ڪرڻ جا گھاٽ گھڙيا پر سگهاري ڌر کيس ھوائي جھاز ۾ سلامتيءَ سان چاڙهي لنڊن روانو ڪيو ھو. ھاڻي ھو جنھن وڏي پٺ جي آشيرواد سان ٽياڪڙي ڪري رهيو آهي، ان جو نتيجو اوس اھو نڪرندو ته ڪاٺ جو گھڙيل گڏو پنهنجن جنن ڀوتن سوڌو ايندڙ ٻن ٽن مهينن اندر ڪرسيءَ جي ٻي ٽنگ ٽٽڻ شرط ڦھڪو اچي ڪندو ۽ کيس سياسي شھيد بنجڻ جو موقعو به نه ملندو.
اپولوجي آف چيف منسٽر:
ھڪڙي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان آهي جنهن جي چيف ٽن ججن واري بينچ آڏو سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي شارٽ نوٽيس تي عدالت ۾ گهرايو. مراد علي شاهه عدالت جو حڪم مڃي ھڪدم پھچي ويو. ان کان پوءِ چيف جسٽس گلزار احمد ۽ چيف منسٽر سنڌ وچ ۾ سوال جواب شروع ٿيا.
اسان ان کي مڪالمو يعني ڊائلاگ به چئي سگهون ٿا. سپريم ڪورٽ جي ڪراچيءَ واري رجسٽري معنى ڪورٽ ۾ ڪل ٽي جج ھئا، جن سنڌ جي ظاھري حڪمران مراد علي شاهه کان آڏي پڇا ڪئي. مون کي اھي سوال جواب پڙھندي خبر ناهي ته ڇو The Apology of the Socrates ياد اچي وئي، جيڪا مون چاليهھ سال اڳ پڙھي ھئي. مراد علي شاهه جي اپولوجي ته گذريل پنجن سالن کان پڙھندا آيا آھيون. ھر ڀيري ھو ھڪڙو ئي دليل پيش ڪندو آهي ته وفاقي حڪومت اسان کي پيسا نه ٿي ڏئي. ھن ڀيري مراد علي شاهه فقط 350 ارب رپيا وفاق ڏانهن رھيل ٻڌايا ۽ ٻي فرمائش اھا ڪيائين ته نجي هائوسنگ اسڪيم کان وصول ڪيل رقم سنڌ جي آھي سا ڏيو ته گجر نالو ۽ ڪراچيءَ جي ٻين نالن تي انڪروچمينٽ (حددخليون) ڪري گھر ٺاھيندڙ خلق کي بيدخل ڪريون ۽ کين ڪنهن ٻئي ھنڌ گھر ٺاهي ڏيون. چيف جسٽس گلزار احمد انھيءَ فرمائش جي جواب ۾ فرمايو ته، انهن زمينن جا پيسا سنڌ جي عوام جا آهن ۽ نه ڪي سنڌ سرڪار جا. ڪراچيءَ جي گھٽي گھٽي کان واقف چيف جسٽس کي ڄاڻ آهي ته جيڪڏهن ھي رقم سنڌ حڪومت حوالي ڪنداسين ته سنڌ جي اصل حڪمران زرداري جي پرڏيهي اڪائونٽس ۾ موڪلي ڇڏيندا. ان مان خدا جي خلق جو ڀلو ڪونه ٿيندو.
سپريم ڪورٽ جو چيف جسٽس گلزار احمد اڄ کان 35 سال اڳ جڏھن وڪالت ڪندو هو ته سندس آفيس به سٽي ڪورٽ ڪراچي جي آمھون سامھون بينڪ آف انڊيا بلڊنگ ۾ ھوندي ھئي. ورھاڱي کان پوءِ جڏهن اها بينڪ ھندستان شفٽ ٿي ويئي ته اتي وڪيلن جا دفتر کلي ويا. ذوالفقار علي ڀٽو صاحب پڻ سياست ۾ پير پائڻ کان اڳ سنڌ مسلم لا ڪاليج ۾ پڙهائيندو هو ۽ شام جو ھن عمارت ۾ پنهنجي استاد ۽ نامياري وڪيل ڏنگومل جو اسسٽنٽ بڻجي وڪالت ڪندو هو. بنگلاديش جي آزاديءَ کان پوءِ هو جڏهن 21 ڊسمبر 1971ع تي پاڪستان جو صدر ۽ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر مقرر ٿيو ته حيدرآباد مان ڇپجندڙ پنھنجي سنڌي اخبار “ھلال پاڪستان” کي ڪراچي منتقل ڪرائي ڇڏيائين ته جيئن سنڌين کان کسيل سندن گادي وارو عاليشان شھر ڪراچي ھڪ ڀيرو ٻيهر سنڌين جو شهر ٿي سگهي. اسان جون 1972ع ڌاري ڪراچيءَ ۾ صحافت شروع ڪئي. مون کي ياد آهي ته بينڪ آف انڊيا بلڊنگ ۾ ڀٽو صاحب جي ٽن مکيه دوستن ۽ وزيرن: ھر ھڪ، عبدالحفيظ پيرزادو، عبدالستار گبول، رفيع رضا کانسوا گلزار احمد نالي وڪيل جو به دفتر ھوندو ھو. اھو گلزار احمد روزانو لاريءَ ۾چڙهي آفيس ايندو هو. بعد ۾ ھو ميرٽ تي سنڌ ھائيڪورٽ جو جج ٿيو ۽ ھاڻي چيف جسٽس سپريم ڪورٽ آھي. جڏهن اڃا جج ھو چيف جسٽس نه ٿيو هو، تڏهن به سڀ کان پهرين جسٽس گلزار احمد ناظم آباد، لياقت آباد، گلشن اقبال، گلستان جوهر، ڪورنگي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي دھشتگردن پاران راندين جي ميدانن، پارڪن، گرين بيلٽ ۽ ٻين سرڪاري پلاٽن تي قبضا ڪري ٺاھيل پلازه، شادي ھال، پيٽرول پمپ ۽ چائنا ڪٽنگ وارا پلاٽ آجا ڪرايا. چيف جسٽس ٿيڻ کان پوءِ هيءُ پھريون انصاف پسند جج آهي جنهن بار بار ھي لفظ دھرايا ته ڇا فوج جو ڪم اھو آھي ته پراپرٽي ڊيلر، بيڪري، پيٽرول پمپ ۽ پلازه اڏين؟ ھي واحد جج آھي جنھن ايئرپورٽ سيڪيورٽي فورس، رينجرس ۽ فوجين کي مليل پلاٽن کي غير قانوني الاٽمينٽ قرار ڏيندي، انھن کي ڪينسل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. چيف جسٽس سچ چيو آهي ته نجي هائوسنگ اسڪيم وارن جيڪي پيسا ڏنا آهن سي سنڌ جي حڪمرانن جا نه پر سنڌ جي غريب مسڪين ماڻهن جا آهن.
ھونئن پاڻ ماڻهو ٿورو ويچار ونڊيون ته سنڌ جي اڳوڻي چيف منسٽر ارباب غلام رحيم 2006ع ۾ مڪليءَ جي تاريخي قبرستان سان مقابلو ڪندڙ لانڍي جي چؤڪنڊي قبرستان جي اسي ايڪڙ زمين ملڪ جي ارب پتي سوناري ڪامران ٽيسوري کي الاٽ ڪري، پنهنجو پاڻ کي خوار خراب ڪري ڇڏيو هو. اسان لکيو هو ته چيف منسٽر يا ڪنهن به سرڪاري عملدار کي آئين ۽ قانون موجب ھڪڙو انچ زمين وڪڻڻ جو اختيار ڪونھي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button