پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ جعلي ڪووڊ ٽيسٽ نتيجا ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ٺاهيندڙ وڌيڪ 6 جوابدار گرفتار

ڪراچي: ايف آئي اي سائبر ڪرائيم جعلي ڪووڊ ٽيسٽ ريزلٽس ۽ ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽ ٺاهيندڙ وڌيڪ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

جوابدار هڪ منظم گروهه طور ڪم ڪري رهيا هئا، تفصيل موجب ڪراچي ۾ ايف آئي اي سائبر ڪرائيم ڪارروايون ڪري 6 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ايف آئي اي جي ذريعن ٻڌايو ته جوابدار ٻاهرين ملڪ ويندڙ ماڻهن کي سندن مرضي جا ناڪاري نتيجا ڏيندا هئا.

جڏهن ته ويڪسينيشن سرٽيفڪيٽس به ماڻهن کي سندن مرضي مطابق ٺاهي ڏنو ويندو هو، هن وقت تائين گرفتار جوابدارن جو انگ 9 ٿي ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button