پاڪستانسنڌ
رجحان ساز

ڀلي وزيراعليٰ هائوس يا چيف سيڪريٽري جي گهر ۾ جڳهه ڏيو پر پبلڪ پراپرٽي خالي ڪرايو: سپريم ڪورٽ

ڪراچي: چيف جسٽس آف پاڪستان گلزار احمد چيو آهي ته عدالت سمورن مندرن کي بحال ڪرايو آهي، جيڪڏهن هندو جم خانا ۾ مندر هو ته ان کي به بحال ڪرائينداسين، ڪالهه سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هندو جم خانه جي بحالي جي ڪيس جي شنوائي ٿي، سپريم ڪورٽ ناپا کي متبادل جڳهه نه ڏيڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.

سيڪريٽري ڪلچر عدالت کي ٻڌايو ته مون کي عهدي تي آئي هڪ هفتو ٿيو آهي، چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته عدالت کي حڪم ڏيندي 3 سال ٿي ويا آهن ۽ اوهان ماڻهو هن معاملي کي هڪٻئي تي وجهي رهيا آهيو.

سيڪريٽري ٻڌايو ته اڳوڻي سيڪريٽري ناپا کي متبادل جڳهه جو معاملو ڪمشنر ڪراچي کي موڪليو هو.

جسٽس قاضي محمد امين ريمارڪس ڏنا ته ڀلي وزيراعليٰ هائوس يا چيف سيڪريٽري جي گهر ۾ جڳهه ڏيو پر بنا دير پبلڪ پراپرٽي خالي ڪرايو.

جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏنا ته ان وٽ سڄي جهان جون پراپرٽيز موجود آهن پر ناپا لاءِ جڳهه نه پئي ملي، هندو جم خانه جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جم خانا ۾ مندر کي اسٽوڊيو ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.

چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته جيڪڏهن مندر ختم ڪيو ويو آهي ته ثبوت ڏيو اسان سب مندر بحال ڪرايا آهن، ان کي به ڪرائينداسين.

سپريم ڪورٽ ناپا کي متبادل جڳهه ڏيڻ بابت ٻن ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪندي شنوائي ملتوي ڪري ڇڏي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button