پاڪستانسنڌ

شهري آبادي ۾ اضافو زراعت لا خطرو آهي: عالمي ڪانفرنس

شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور جي جاگرافي شعبي جا انتظام هيٺ سنڌ هائير ايجوڪيشن ڪميشن ڪراچي، فاطمه فرٽيلائيزر ڪمپني لميٽڊ ۽ روتس فار ايڪيوٽي جي گڏيل سهڪار سان موسمياتي تبديلي ۽ پاڪستان ۾ زراعت جا روايتي طريقا، اثر ۽ حل جي عنوان تي ٽن ڏينهن جي بين الاقوامي ڪانفرنس ٻئي ڏينهن به جاري رهي. پروفيسر ڊاڪٽر خليل احمد ابوپوٽو وائيس چانسلر شاھه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مختلف سيشن جي صدارت ڪئي. ناليوارن قومي ۽ بين الاقوامي محقق بارسلونا يونيورسٽي اسپين جي پروفيسر ڊاڪثر مارڪو منڊيلا، ڊاڪٽر اسٽيفنو بياگيٽي، جرمني جي ڊاڪٽر ڪيرولينا جيمينيز، ڊاڪٽر آسڪر پارڪيو، ترڪي جي ڊاڪثر اشفاق احمد ۽ پاڪستان جي ڊاڪٽر عذرا طلعت، ڊاڪٽر لبني غزل، ڊاڪٽر نور حسين چانڊيو، ڊاڪٽر ثنا الله پانيزئي، اياز لطيف سيال، ڊاڪٽر محمد دائود، ڊاڪٽر غني رحمان، ڊاڪٽر علي اسد نقوي، ڊاڪٽر لياقت علي وساڻ، ڊاڪٽر شڪيل محمود، ڊاڪٽر شجاعت علي ملڪ، صدام حسين، فاطمه سلمان اعواڻ، ايمن نثار، احسن اقبال، سدرو نور، خولا بانو، عائشه پٺاڻ، ڊاڪثر ثناالله سومرو، نثار کنڊ ۽ ٻين پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪيا. محققن پنهنجي مقالن ۾ موسمياتي تبديلي جا فصلن تي پوندڙ اثرن کي اجاگر ڪيو. هنن چيو ته موسمياتي تبديلي جي ڪري زراعت کي نقصان پهچي رهيو آهي، جيڪو انساني بقا لاءِ پڻ خطري جو باعث آهي، پاڪستان جا ڪجھه علائقا زلزلي جي خطري واري لائن تي آهن، موسمياتي تبديلي جي ڪري گليشئرز پگھرجي رهيا آهن، موسمياتي تبديلي جي ڪري زمين ۾ ڏار پئجي رهيا آهن. هنن چيو ته شهري آبادي ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو پڻ زراعت جي لاءِ خطري جو باعث آهي، ڇاڪاڻ جو شهري آبادي جي وڌڻ سان زرعي زمين گھٽ ٿي رهي آهي. هنن چيو ته زمين جي بقا لاءِ ضروري آهي ته مينگروز جي وڻن کي هٿي ڏني وڃي. هنن چيو ته موسمياتي تبديلي سڄي دنيا جي زراعت لاءِ مسئلا پيدا ڪيا آهن. زراعت جو سڄو دارومدار موسم تي هوندو آهي، موسمياتي تبديلي جو اثر فصلن تي هوندو آهي. هنن تجويزون ڏنيون ته موسمياتي تبديلي جي ڪري زراعت جي روايتي طريقن کان هٽي ڪري نوا طريقا استعمال ڪيا وڃن. نون ٻجن ۽ گھٽ وقت ۾ تيار ٿيندڙ فصل پوکيا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button