پاڪستانسنڌ

مورو ۾ مقتول نوجوان جي قاتل کي آزاد ڪرڻ خلاف مظاهرو، ڌرڻو

مورو ڀرسان ڳوٺ بجراڻي لغاري ۾ ٻه هفتا اڳ قتل ڪيل امير حسين لغاري جي گرفتار جوابدارن کي آزاد ڪرڻ خلاف مقتول جي وارثن ۽ ڳوٺاڻن پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو، مظاهري جي اڳواڻي رحيم بخش لغاري، سڪندر علي، ڍولڻ لغاري، بشير احمد ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا. هنن چيو ته گچيرو پوليس ۽ سي آ اي پوليس نوشھروفيروز قتل ڪيس لوڙهڻ چاهي ٿي، هن مھل تائين پوليس ڪا به اڳڀرائي نه ڪئي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار غلام رضا لغاري کي آزاد ڪري ڪيس سي ڪلاس ڪري ڇڏيو آھي. هنن وڌيڪ چيو ته جوابدار موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. هنن وزيراعليٰ مراد علي شاهه، آءِ جي پوليس ۽ ايس ايس پي نوشھروفيروز کان مطالبو ڪيو آهي ته گچيرو پوليس خلاف ڪارروائي ڪري جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button