جيتوڻيڪ آ ايس آ جي ڊائريڪٽر جنرل جي مقرري وارو معاملو به حل ٿي ويو آهي ۽ تحريڪِ لبيڪ جي اسلام آباد ڏانهن مارچ وارو خطرو به في الحال ٽري ويو آهي. پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم پنهنجي روايتي حريف هندوستاني ٽيم کي شڪست ڏيڻ کان پوءِ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي به هارائي صدرِ مملڪت جي بقول نيوزيلينڊ جي ٽيم کان پاڪستاني دورو منسوخ ڪرڻ وارو پلاند ورتو آهي. پر ان هوندي به اهو نه سمجهڻ گھرجي ته هاڻ سڀ ڪجهه ٺيڪ ٿي ويو آهي. آ ايس آ سربراهه جي مقرري واري معاملي تي سامهون آيل اختلافن کان پوءِ “سڀ هڪ پيج تي آهيون” واري دعوى اوتري سچي نه رهي آهي جيتري اڳ هئي.
جهڙي نموني هن ڪائنات ۾ تضاد موجود آهن، ائين ئي انساني سماج ۽ ان جي هر ڏيک ۾ به تضاد ڪم ڪندا رهن ٿا. ڪڏهن اهي ماٺا ٿي ويندا آهن ڪڏهن تيز. ڪڏهن اسان کي لڳندو آهي سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي پر خرابي اندران ئي اندران پنهنجو ڪم ڪري رهي هوندي آهي. ايتري تائين جو نيٺ هڪڙي ڏينهن سڀ ڪجهه ٺيڪ جو ڀرم ٽُٽي پوندو آهي ۽ خرابي پنهنجو اظهار ڪندي آهي. سڀ ڪجهه برباد ٿي ويندو آهي. ويجهڙ ۾ سامهون ايندڙ واقعا ظاهر ڪن ٿا ته پاڪستان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ وفاقي حڪومت وچ ۾ به معاملا ايترا بهتر نه رهيا آهن. سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ۽ حڪومت جي رڌڻي ۾ رولو ضرور آهي. ان ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن راڪيٽ سائنس جي ضرورت ڪانهي. ايترو ئي ڪافي آهي ته نواز ليگ جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ ٺهرايل لبيڪي تحريڪ هاڻي به سرگرم ٿي وئي آهي. ڇاڪاڻ ته اسٽيبلشمينٽ جڏهن به ڪنهن معاملي ۾ منجهندي آهي، جڏهن به ڪنهن پريشانيءَ جو شڪار هوندي آهي ته ملان اسلام آباد ڏانهن پنڌ پوندا آهن. حڪومتون اينديون وينديون رهنديون آهن پر تاريخ شاهد آهي ته ڪنٽينر قائم دائم آهن.
هلندڙ مهيني جي ڇهين تاريخ تي آ ايس پي آر اعلان ڪيو هو ته آ ايس آ جي هاڻوڪي سربراهه ليفٽيننٽ جنرل فيض حميد کي پشاور جو ڪور ڪمانڊر مقرر ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ان جي جاءِ تي ڪراچيءَ جي ڪور ڪمانڊر ليفٽيننٽ جنرل نديم انجم کي آ ايس آ جو سربراهه مقرر ڪيو ويندو. ان اعلان جي جواب ۾ اطلاعات جي وفاقي وزير چئي ڏنو ته آ ايس آ جي سربراهه جي مقرري وزيرِ اعظم جي اختيار ۾ آهي. جنهن کان پوءِ اهو معاملو ويو اينگهندو ۽ شدت اختيار ڪندو. فواد چوڌريءَ وارو بيان اصولي طور تي ته درست هو پر پاڪستان ۾ اصولي ڳالهيون ۽ عمل اڳ ڪڏهن ٿيو آهي جو هاڻي ٿيندو.
ڪجهه ماڻهن جو خيال آهي ته آ ايس آ چيف جي مقرري اختلاف جو ڪارڻ نه پر اظهار آهي. اختلاف جا ڪارڻ ڪي ٻيا آهن جيڪي اڳ ئي موجود هئا. انهن ڪارڻن منجهان هڪڙو وڏو ڪارڻ پاڪستاني طالبان کي معافيءَ جي آڇ وارو بيان به آهي جيڪو سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي راضپي کانسواءِ ئي ڏنو ويو هو. چيو وڃي ٿو ته جيڪڏهن وزيرِ اعظم کي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان ڪن ڳالهين تي اختلاف به هو يا جيڪڏهن هُو سويلين بالادستيءَ جي باري ۾ سوچي رهيو آهي ته به کيس اهڙو اظهار ڪنهن ٻِي مهل ڪرڻ کپندو هو. هڪڙي ٻِي راءِ اها به آهي ته تحريڪِ انصاف جي قطعي غير سياسي قيادت کي جيڪڏهن مستقبل ۾ سياست ڪرڻي آهي ۽ خاص ڪري ايندڙ اليڪشن ۾ حصو وٺڻو آهي ته ان کان اڳ ئي کيس پاڻ تي لڳل سليڪٽيڊ وارو داغ ڌوئڻو پوندو. شايد ان ڪري به “وڏن” سان اختلافن جو اظهار ڪيو پيو وڃي. پر سوال اهو آهي ته ڇا پارٽيءَ لاءِ ممڪن آهي ته پنهنجو پاڻ کي سليڪٽرس ۽ امپائر کان ايترو پري ڪري بيهاري سگهي؟
عمران خان صاحب جو ارادو هو ته جنرل فيض حميد ئي آ ايس آ جي سربراهه جون ذميواريون ادا ڪري ها. جنهن لاءِ مخالف ڌر جو الزام آهي ته 2018ع واري اليڪشن ۾ تحريڪِ انصاف کي کٽرائڻ ۾ سندس وڏو هٿ هو. شايد ان ڪري ئي وزيرِ اعظم صاحب 2023ع جي رٿابندي به ڪرڻ پئي گهري پر اسان ڏسي سگهون ٿا ته ماضيءَ ۾ ڪنهن به وزيرِ اعظم کي اها اجازت نه ملي آهي ته اهو اداري کي نظر انداز ڪري ڪنهن هڪ فرد يا اداري جي سربراهه سان ويجهڙائي رکڻ جي ڪوشش ڪري. 1988ع ۾ محترمه بينظير ڀٽو شهيد پنهنجي مرضيءَ جو آ ايس آچيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ۽ رٽائرڊ جنرل شمس الدين ڪلوءَ کي اها ذميواري ڏني هئي پر جنرل اسلم بيگ آ ايس آ کي ئي پوئتي رکي ملٽري انٽيليجنس تي آڌار وڌايو ۽ ان کي وڌيڪ اهميت ڏئي محترمه جي رٿابنديءَ کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. اهڙي ريت ميان نواز شريف وري ليفٽيننٽ جنرل ضيا الدين بٽ کي آرمي چيف مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو پر جيئن ته انهن ٻنهي کي راولپنڊيءَ قبول نه ڪيو ان ڪري آخر ۾ انهن ماڻهن کي مايوسيءَ جو منهن ڏسڻو پيو هو جيڪي وقت جي وزيرِ اعظم جا من پسند هئا.
ماضيءَ جي انهن واقعن جي روشنيءَ ۾ چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن حڪومت ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ ان معاملي تي موجود اختلاف ختم نه ٿئي ها ته نقصان يقينن سويلين حڪومت کي ئي برداشت ڪرڻو پوي ها. خاص ڪري اهڙي صورتحال ۾ جڏهن موجوده حڪومت تاريخ جي ناڪام ۽ ڪمزور ترين حڪومت ثابت ٿي آهي. پارليامينٽ اندر حڪومت کي نه جهڙي اڪثريت حاصل آهي. بلوچستان جي وڏي وزير جيان ئي وزيرِ اعظم به هڪڙي عدم اعتماد جي تحريڪ جو کاڄ آهي. “وڏن” کي پنهنجا هٿ پير ڪارا ڪرڻ جي ضرورت به ڪانهي. انهن کي رڳو گھڙي کن لاءِ هڪڙي پاسي ٿي بيهڻو آهي. باقي ڪم ايڪ زرداري سب پي ڀاري ئي لاهي ڇڏيندس. ملڪ ۾ رڳو اندروني طور تي ڏڦيڙ ۽ مسئلا ڪونهن پر پرڏيهي صورتحال به انتهائي خراب آهي. تحريڪِ انصاف جي حڪومت کي ٽي سال گذري ويا آهن پر وزيرِ اعظم اڃان تائين پرڏيهي معاملن ۾ دلچسپي وٺندي نظر نه ٿو اچي. ائين ٿو لڳي ڄڻ هن اهو ڪم سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري پنهنجو پاڻ کي رڳو پاڪستان جي اڳوڻن “ڪرپٽ” حڪمرانن جي خلاف تقريرن ۽ بيان بازيءَ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هجي. ايتري تائين جو هُو انٽرنيشنل فورمن تي تقرير ڪندي به رڳو انهن ڪرپٽ سياستدانن خلاف ئي ڳالهائي رهيو آهي. اهو سندس پسنديده موضوع بڻجي ويو آهي. پارليامينٽ جي حالت اها بڻجي وئي آهي جو حڪومت هر فيصلو صدارتي آرڊيننس ذريعي ڪري رهي آهي، اسيمبليءَ کان منظور ڪرائڻ جي نه کيس جرئت آهي نه وري مينڊيٽ. وزيرِ اعظم جي سياستدانن سان ويڙهه واري پاليسي بدتميزي ۽ گستاخيءَ واري لهجي توڙي ٻولي پاڪستان اندر اڳ ئي ڪمزور جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي ويتر ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي. رڳو پارليامينٽ کي ئي ڪمزور نه ڪيو ويو آهي پر سمورن آئيني ۽ جمهوري ادارن جي حالت خراب ۽ رحم جوڳي بڻائي وئي آهي. حڪومت مخالف ڌر سان گڏجي چونڊ سڌارا ڪرڻ بدران اليڪشن ڪميشن ۽ مخالف ڌر کي باءِ پاس ڪندي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشينن جي استعمال واري ضد تي قائم آهي. نيب چيئرمين جي مدي ۾ واڌ جي حوالي سان مخالف ڌر جي سموري تنقيد، چيئرمين جي ڪردار ۽ ڪارنامن تي عوام پاران سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ ايتري تنقيد هوندي به حڪومت سندس مقرريءَ وارو پنهنجو ضد ڇڏڻ لاءِ تيار ڪانهي. ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته حڪومت سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ سان مهاڏو اٽڪائڻ جي سٽ نه سهي سگهندي. هونءَ به خان صاحب جيستائين اقتدار ونڊي ورهائي پئي هلايو ان وقت تائين ته سندس حڪومت جي نا اهلين ۽ ناڪامين کي برداشت ڪيو پئي ويندو هو. پر جهڙي نموني هُو پنهنجو قد وڌائي رهيو آهي ته کيس هروڀرو ڇو برداشت ڪيو ويندو؟
آ ايس آ سربراهه جي مقرريءَ جو معاملو هجي، تحريڪِ لبيڪ وارن جو لانگ مارچ توڙي هندوستان ۽ نيوزيلينڊ کان ڪرڪيٽ ميچون کٽڻ واري خبر، ان سان عوام جو سڀ کان وڏو نقصان اهو ٿيو آهي ته سندس حقيقي ۽ بنيادي مسئلن تان ڌيان هٽي ويو آهي. ملڪ اندر ڳاٽي ٽوڙ مهانگائي ڪرڻ وارن حڪمرانن جي ڳچي پڪڙڻ بدران عوام غير اهم ۽ ثانوي سطح جي مسئلن ۾ منجهيل آهي. عوام کي جن مسئلن جي حل بابت جلسا جلوس ڪرڻ گھرجن انهن کان اياڻو بڻجي ڪرڪيٽ ميچن جي خوشيءَ ۾ جمالي تي ناچ پيو ڪيو وڃي.
پاڪستان آ ايم ايف جي قرض، سعوديءَ جي امداد ۽ ايف ٽي ايف جي گري لسٽ ۾ موجود آهي پر ٻئي پاسي اها گُهر به ڪئي پئي وڃي ته فرانس جي سفير کي ملڪ بدر ڪيو وڃي. اها گُهر ڪندڙن کي اها خبر ئي ڪانهي ته ملڪ هلائڻ لاءِ سکڻي ايمان جي سلامتي نه پر ٻيو به گھڻو ڪجهه گھربل هوندو آهي. وفاقي گهرو وزير درست چيو هو ته اول ته اسان جي ملڪ ۾ هن وقت فرانس جو ڪو سفير آهي ڪونه پر جيڪڏهن هجي به ته ان کي ملڪ بدر ڪرڻ سان رڳو فرانس ئي نه پر يورپي يونين ئي ناراض ٿي ويندي. ان کانسوا جيڪڏهن عقيدن جي معاملي تي سفيرن کي ملڪ نيڪالي ڏيڻ جي روايت هلي پئي ته پوءِ پاڪستان جا ته سڀ سفير واپس اچي گهر ويهي رهندا.
آخري ڳالهه اها ته حڪومت ۽ سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ وچ ۾ نظر ايندڙ تضاد عارضي طور ماٺو ٿي ويو آهي پر ان جو مطلب اهو هرگز ڪونهي ته اهو هميشه لاءِ نبري ويو هجي، اهو ٻيهر اڀري ايندو ۽ شايد سڀ ڪجهه لوڙهي ڇڏيندو.