پاڪستانسنڌ

سنڌ ۾ ڪرونا ڪيسن ۾ گهٽتائي، 371 نوان ڪيس رپورٽ

ڪراچي: سنڌ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 2 مريض فوت ٿيا، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7557 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 18195 ٽيسٽون ڪرائڻ سان 371 نوان ڪيس سامهون آيا آهن.

اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس مان جاري ڪيل بيان ۾ چئي. هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا وائرس سبب وڌيڪ 2 مريض حياتيون وڃائي ويٺا آهن، جنهن کانپوءِ فوتين جو انگ 7557 ٿي ويو، جيڪو فوتين جي شرح جو 1 ڏهائي 6 سيڪڙو آهي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته 18195 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان 371 ڪيس ظاهر ٿيا، جيڪا 2 سيڪڙو موجوده تشخيصي شرح آهي. هن وڌيڪ چيو ته هيستائين 6361099 ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، جن مان 467797 ڪيس ظاهر ٿيا آهن جن مان 95 ڏهائي 9 سيڪڙو يعني 448697 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن، جن ۾ گذريل 24 ڪلاڪن ۾ صحتياب ٿيندڙ 716 مريض پڻ شامل آهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button