تاج صحرائي سنڌ جو هڪ انتهائي ڏاهو، جاکوڙي ۽ قدرآور عالم ۽ محقق ٿي گذريو آهي، تاج صحرائي صاحب جو پورو نالو تاج محمد ميمڻ آهي. پاڻ 14 سيپٽمبر 1921ع تي شڪارپور ۾ ڄائو ۽ بعد ۾ سندس والد جي سيوهڻ ۾اچڻ جي ڪري پاڻ دادو شهر ۾ اچي سڪونت پذير ٿيو ۽ پڇاريءَ تائين دادوءَ ۾ ئي رهيو. 81 ورهين جي ڄمار ۾ 28 آڪٽوبر 2002ع ۾ وفات ڪيائين.
ٻي مهاڀاري جنگ جي زماني ۾ پاڻ خاڪسار تحريڪ ۾ سالار ڀرتي ٿيو ۽ ڪراچيءَ ۾ خاڪسارن تحريڪ ۾ وڏو بهرو ورتائين ۽ انهيءَ دور ۾ جڏهن بنگال ۾ ڏڪار پيو ۽ خاڪسار جو جٿو هتان بنگال ويو ته تاج صاحب به انهن سان گڏ ڏڪاريل ماڻهن جي مدد لاءِ اتي پهتو ٿوري وقت کان پوءِ پاڪستان ٺهڻ جو اعلان ٿيو ۽ خاڪسارن جا جٿا دهلي ويا ۽ ورهاڱي خلاف نعرا هنيا ته خاڪسارن کي جيل ۾ وڌو ويو. تاج صاحب به گرفتار ٿيو. پر جلد ئي آزاد ٿي سيوهڻ پهتو. انهيءَ دوران هن بي اي پاس ڪيو ۽ سيوهڻ ۾ سنڌي ماستر ٿيو، کيس تعليم سان تمام گھڻو شوق ۽ لڳاءُ هو ۽ سندس خيال هو ته ڪو اسڪول قائم ڪجي. انهيءَ ڪم کي عملي جامو پارائڻ لاءِ سندس ڪجھه دوست جن ۾: احمد خان لانگاهه وڪيل، علي احمد قريشي وڪيل، شفيع محمد آخوند وڪيل، سيٺ شمس الدين مميڻ ۽ ٻيا شامل هئا، تن هن کي دادو گھرايو ۽ هنن گڏجي هڪ سنڌي اخبار ڪڍي جنهن جو هن کي ايڊيٽر مقرر ڪيو ويو. ان دوران انهن سڀني دوستن گڏجي دادو ايجوڪيشنل سوسائٽي جو بنياد وڌو ۽ ان تحت هڪ ننڍو اسڪول قائم ڪيو ويو، جيڪو پنجين درجي تائين هو. بهرحال آهستي آهستي اسڪول وڌندو ويو، سڀني دوستن وٽ پئسا گھٽ هئا پر پنهنجي هڙان وڙان اسڪول هلائيندا رهيا. پهرين هي اسڪول هڪ ننڍي سرڪاري عمارت ۾ کوليو ويو، بعد ۾ جڏهن اهو وڌيو ته هنن مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ سان ان جو ذڪر ڪيو، جنهن اُن زماني ۾ ڏهه هزار روپيا امداد طور ڏنا ۽ اسڪول جو نالو سائين جي نالي پويان رکيو ويو. تاج صحرائي صاحب جيئن ته هڪ تمام جاکوڙي ماڻهو هو، هن پنهنجي انهن دوستن گڏ اسڪول کي تمام مٿي کنيو ۽ اسڪول تمام بهترين نموني هلڻ لڳو ۽ جيڪو اڃا تائين دادو ۾ بهترين نموني سان هلي رهيو آهي.
تاج صحرائي صاحب کي تعليم سان گڏوگڏ آرڪيالاجي، جاگرافي ۽ تاريخ سان تمام گھڻي دلچسپي هئي. دادو ضلعي جي قديم آثارن تي پاڻ هڪ اٿارٽي هو ۽ تمام گھڻو لکيو هئائين. ان سان گڏ منڇر ڍنڍ سان سندس انتهائي درجي جي محبت رهي آهي جنهن تي انگريزيءَ ۾ هڪ شاندار ڪتاب لکيائين، جنهن بين الاقوامي مڃتا ماڻي. ان ڪتاب جو پهريون ڇاپو هن پنهنجي کيسي مان خرچ ڪري ڇپايو. ان جو ٻيون ڇاپو ڪجهه سال اڳ سنڌ ثقافت کاتي ڇپرايو آهي. ان کان سواءِ سنڌو تهذيب تي هڪ وڏو ڪتاب، دادو ضلعي جي تاريخ، جاگرافي، قديم آثارن، نئين گاج، ڪائي، نئنگ، پنڌڙي، رني ڪوٽ، پڻي لوڪ وغيره تي تمام گهڻو لکيو اٿائين، پاڻ رني ڪوٽ تي هڪ بين الاقوامي سيمينار پڻ ڪرايائين.
تاج صاحب ۾ اها خاصيت هئي ته دادو ضلعي جي قديم آثارن تي پنڌ هلي تحقيق ڪئي ۽ منڇر ڍنڍ تي ڪيئي ڀيرا وڃي رهيو ۽ ملاحن سان ملي انهن جي حالتن ۽ مسئلن تي به لکيو.
تاج صاحب کي قلندر شهباز ۽ سندس شاعري سان به تمام گھڻو لڳاءُ هو ۽ پاڻ عمر جو ڪافي حصو قلندر شهباز ڪميٽي جو سيڪريٽري ٿي رهيو. دادوءَ ۾ هن ئي علامه آءِ آءِ قاضي لائبريري قائم ڪئي ۽ ان سان گڏ دادو هسٽاريڪل سوسائٽي پڻ قائم ڪيائين. هتي اهو ٻڌائڻ پڻ ضروري آهي ته پاڻ هڪ بهترين ۽ پختو شاعر پڻ هو. نموني خاطر سندس ڪجهه شعر هتي پيش ڪجن ٿا:
ڪڏهن در يار نچنداسين، ڪڏهن برخار نچنداسين،
قلندر تنهنجي نگريءَ ۾، سر بازار نچنداسين.
اسان جو عشق مذهب آ، اسان ڪُل خير جا قائل،
کڻي گھنگرو، ٻڌي ڇيريون، اسين هر وار نچنداسين.
زبان ڪٽجي ته ڪٽجي، سِر قلم ٿيندو ته ڇا ٿيندو؟
ضمير آدميت کي ڪري، بيدار نچنداسين.
–-*
حادثن جي خوف کان غمگين نه ٿي تون نوجوان
پاسي حرمان لڙڻ آ تنهنجي فطرت نوجوان
تون امام انقلاب آهين زماني جو مدام
قابل تسليم آهي، تنهنجي همت نوجوان.
پيشرو ۽ رهبر تون تاج آهين قوم جو،
غم سهڻ ۽ ڏک سهڻ آهي، تنهنجي دولت نوجوان.
**
اڃان تقدير جو ماتم، اڃا زندان باقي آ،
اڃا فطرت نه بدلي آ، اڃا ارمان باقي آ،
سفينن سان ٿو ٽڪرائي، اڃان طوفان باقي آ.
**
توکي فرصت ڪٿي آهي، مون کي مهلت ڪٿي آهي،
شبِ تاريخ جي ڪارنهن گهٽائينداسين، مٽائينداسين،
جهان جي ذري ذري کي اُڀارينداسين، سنوارينداسين،
متاعِ علم دانش کي وڌائينداسين، ورهائينداسين،
توکي فرصت ملي ويندي، مون کي مهلت ملي ويندي.
**
وري سينگاريو ايوانن کي، آزادي جي پروانن،
مگر معلوم آ دل کي ته پروانن تي ڇا گذريو،
عبادت گهرن تي ڇا گذريو، صنم خانن تي ڇا گذريو.
مقدس نانءُ تي، معصوم انسانن تي ڇا گذريو،
جڏهن مخمور ٿي ساقي ڪيو برخواست محفل کي،
ته پيمانن تي ڇا گذريو، مئخانن تي ڇا گذريو.
هتي اهي ڪجهه شعر ڏنا ويا آهن جن مان تاج صاحب جي شاعري جي پختگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي، تاج صحرائي سنڌ جو هڪ اهڙو يگانو عالم هو جنهن لاءِ اهو چئي سگھجي ٿو:
جان جان هُئي جيئري، ورچي نه ويٺي
وڃي ڀونءِ پيٺي ساريندي کي سڄڻين.
(شاهه)
کِرڪڻا لاهي، سک نه ستا ڪڏهين،
اوسيئڙو آهي، کاهوڙين کي پنڌ جو.
(شاهه)
تاج صاحب جي جدوجهد ۽ جاکوڙ سنڌ جي نوجوانن لاءِ سدائين روشني وانگر رهندي جنهن تي اسان جي نوجوانن کي عمل ڪرڻ گھرجي.
هتي اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته تاج صاحب جو ڪافي مواد اڻ ڇپيل آهي ۽ ڇپيل مواد ۽ ڪتاب ختم ٿي چڪا آهن. آئون سنڌ جي ثقافت کاتي کي اها گذارش ڪندس ته سندس سڄي مواد کي گڏ ڪري سهيڙي ڇپرائي ته جيئن هڪ وڏي عالم جو سرمايو جاياتو ٿي سگهي ۽ ضايع ٿيڻ کان محفوظ رهي.