رانديون

مهراڻ يونيورسٽي ۾ اسپورٽس گالا جي پڄاڻي

مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جي انگلش لينگويج ڊولپمينٽ سينٽر (اي ايل ڊي سي) پاران منقعد ڪرايل اسپورٽس گالا جي پڄاڻي تقريب اسپورٽس جمنازيم ۾ ٿي گذري. اڻويهين ۽ ويهين بئچ جي گرلز ۽ بوائز شاگردن /شاگردياڻين وچ ۾ ٿيل ٻن ڏهاڙن واري اسپورٽس گالا ۾ ڪرڪيٽ مقابلي ۾ اڻويهين بئچ بوائز، ڪرڪيٽ مقابلي ۾ 20 هين بئچ جي گرلزڪاميابي حاصل ڪئي، جڏهن ته بيڊمينٽن جي مقابلي ۾ 20 هين بئچ جي بوائز توڙي گرلز ٽيمن ۽ چيس ۽ ٽيبل ٽينس ۾ اڻويهين بئچ جي ٽيمن ڪاميابي حاصل ڪئي. ڪامياب ٽيمن ۾ وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد اسلم عقيلي، پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر طحهٰ حسين علي ۽ ڊائريڪٽر اي ايل ڊي سي ڊاڪٽر حبيب الله پٺاڻ شيلڊون ۽ سرٽيفڪيٽ ورهايا ۽ ڪامياب ٽيمن کي مبارڪون ڏنيون.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button