اسلام آبادپاڪستانپنجاب

تحريڪ لبيڪ ويڙهاڪ تنظيم قرار،پنجاب ۾ رينجرز طلب

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت بندش پيل تنظيم تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) کي شرپسند تنظيم طور منهن ڏيڻ ۽ ان خلاف آپريشن شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ڪالهه وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اهم اجلاس کانپوءِ ميڊيا کي بريفنگ ڏيندي وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته رياست جي صبر ۽ سهپ جي به ڪا حد هوندي آهي. ٽي ايل پي احتجاج جي نالي تي 6 ڀيرا تماشو ڪري چڪي آهي، هاڻي کيس وڌيڪ تماشو ڪرڻ نه ڏينداسين. فواد چوڌري چيو ته هاڻي ٽي ايل پي کي هڪ سياسي جماعت نه پر ويڙهاڪ تنظيم طور ڏٺو ويندو ۽ جهڙي طرح ٻين عسڪريت پسند تنظيمن کي منهن ڏنو ويو، تيئن ئي ٽي ايل پي کي به منهن ڏنو ويندو. وفاقي وزير چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ رياست جي رٽ قائم رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. رياست جي رٽ کي چئلينج برداشت نه ڪيو ويندو ۽ ڪير به رياست کي بليڪ ميل ڪرڻ جي جرئت نه ٿو ڪري سگهي. هن وڌيڪ چيو ته ٽي ايل پي جي ٻاهران مدد ڪندڙن کي روڪيو ويندو ۽ سوشل ميڊيا تي فيڪ نيوز هلائيندڙن خلاف ڪارروائي به ڪئي ويندي. ان کان اڳ وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿيل وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ٽي ايل پي جا مطالبا نه مڃڻ ۽ شهرين جي رستا روڪ ڪندڙن کي سختيءَ سان منهن ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سڀني اسٽيڪ هولڊرن فيصلو ڪيو آهي ته ڪالعدم ٽي ايل پي سان عسڪريت پسند گروپ طور ڊيل ڪيو ويندو، جيئن باقي دهشتگردن جو خاتمو ڪيو ويو، اهڙو ئي معاملو انهن سان به ڪيو ويندو. ٽي ايل پي ڪا سياسي جماعت ناهي، توهان روڊ بند ڪندا رهو، اسان ڪيترو توهان کي برداشت ڪنداسين. ڪو رياست کي ڪمزور سمجهڻ جي ڪوشش نه ڪري، توهان رياست کي بليڪ ميل نٿا ڪري سگهو، ڪنهن ماءُ جي پٽ کي طاقت ناهي ته رياست کي بليڪ ميل ڪري. ٻئي طرف وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته فرانس جو سفير پاڪستان ۾ موجود ئي ناهي، ڪالعدم تنظيم جي ايجنڊا ڪا ٻي آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شيخ رشيد چيو ته ڪالعدم تنظيم جي ماڻهن ساڌوڪي ۾ پوليس اهلڪارن تي فائرنگ ڪئي، 3 پوليس اهلڪار شهيد ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن. سندس موجب اسان ڪالعدم تنظيم کي چيو ته فرانس جو سفارتخانو بند نٿا ڪري سگهون، ڪالهه به ٻڌايو هو ته عالمي طاقتون پاڪستان تي پابنديون چاهين ٿيون. ڪالعدم تنظيم وارا عسڪريت پسند ٿي چڪا آهن، ساڌوڪي ۾ پوليس تي ڪلاشنڪوف سان فائرنگ ڪئي وئي. شيخ رشيد چيو ته هاڻ به چئي رهيو آهيان ڪالعدم تحريڪ لبيڪ وارا واپس هليا وڃن، جڏهن ته مولانا فضل جو احترام ڪيان ٿو پر هو صورتحال کي سمجهي. وفاقي گهرو وزير اعلان ڪيو ته حڪومت ٻن مهينن لاءِ پنجاب ۾ رينجرز مقرر ڪري ڇڏي آهي، دهشتگردي روڪ ايڪٽ 1995 جو اختيار 60 ڏينهن لاءِ پنجاب حڪومت کي ڏنو پيو وڃي، ڪراچي جيان پنجاب ۾ رينجرز مقرر ڪئي پئي وڃي. رينجرز کي پوليس آفيسرن وارا اختيار مليل هوندا. هن چيو ته خدشو آهي ته تنظيم عالمي دهشتگردن جي لسٽ ۾ نه اچي وڃي، پو اسان جو وس نه رهندو. آئون واعدي تي قائم آهيان، ٽي ايل پي وارا خاموشي سان هليا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button