ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

شمشير الحيدري جي شاعري جو ڪليات

Ali Muhammad Memon

    سنڌ ۽ سنڌو ماٿري جي عظيم شاعر، ترقي پسند اديب ۽ دانشور شمشير الحيدري جي انقلابي فڪر واري شاعري تي ٻڌل ڪليات “تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو”  ڊگهي مدي جي انتظار کانپو آخرڪار شايع ٿي منظر عام تي اچي ويو. هن ڪليات ۾ شمشير صاحب جي ڇپيل ۽ اڻ ڇپيل شاعري جو وڏو خزانو پهريون ڀيرو شايع ٿي منظر عام تي آيو آهي. جنهن ۾ 1962ع ۽ 2017ع تائين سندس لکيل شاعري، ريڊيو، ٽي وي چينلن، اخبارن، رسالن ۽ ڪتابن ۾ڇپيل مختلف صنفن جي شاعري، سندس شاعري جا ڇپيل ٻه ننڍڙا ڪتاب” لاٽ” ۽ “تاريخ جو ڪچرو” (پيروڊيز )، سنڌي لئنگيج اٿارٽي جو ڇپيل “روشن تارا “ٻارن جي شاعري جو ڪتابچو ۽ ان کان سوا ڪتاب ۾ شامل وڏو حصو اڻ ڇپيل شاعري جو پڻ شامل آهي. رنگارنگ ٽائيٽل، پڪي جلد ۽ 446 صفحن تي ٻڌل آفسيٽ واري قيمتي ڪاغذ تي شايع ڪيل هن ڪتاب ۾ نظم، غزل، گيت، وايون، قطعا، دوها، ڪافيون، بيت، ٻارڙن جي شاعري ۽ پيروڊيز سميت مختلف ادارن طرفان شائع ڪيل ڪتابن ۽ سهڪاري ذريعن کان مليل ۽ هٿ آيل سمورو مواد هن “ڪليات” ۾ شايع ڪيو ويو آهي. سنڌ گريجويٽس ايسوسيئيشن طرفان “ڪليات شمشير الحيدري” کي سگا جي  50هين سالگرهه ۽ گولڊن جوبلي واري موقعي تي شايع ڪيو ويو آهي.

  سنڌ ۽ سگا جي روح روان شمشير الحيدري کي اسان کان وڇڙي به 9 سالن کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪو آهي ۽ سالن مٿان سال ان مٿان وري رهيا آهن. شمشير الحيدري جي سموري حياتي ائين گذري وڃڻ کانپو سندس ڪلام، فن ۽ هنر جا ڪتاب شايع ڪرڻ يقينن شمشير الحيدري جهڙي محسن جي سگا مٿان ميار ۽ ڪنهن حد تائين قرض لاهڻ ۽ فرض نڀائڻ وارو معاملو پڻ آهي. شمشير الحيدري جي سخن ۽ شاعري جو ڪتاب “تنهنجي نيڻن ۾ جو نهاري ويو” يقينن هڪ شاهڪار ڪتاب آهي. هن، ڪتاب جو علمي نگران سنڌ جو عظيم شاعر ۽ شمشير الحيدري جو ساٿي امداد حسيني هو. جنهن هن ڪتاب کي فني ۽ علمي لحاظ کان شاهوڪار بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.

ڪتاب تي ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، امداد حسيني جو لکيل مهاڳ، رفيق احمد جعفري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، پروفيسر خالد حسين چنا ۽ سليم حيدري جا لکيل اهم نوٽ شامل شامل آهن. “ڪليات شمشير الحيدري” جي اڄ 29 آڪٽوبر 2021ع جي شام آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان، ڪراچي ۾ مهورت ٿيڻ واري آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، محمد اسماعيل راهو صوبائي وزير خاص مهمان، صدارت رفيق احمد جعفري چيئرمين سگا ۽ اعزازي مهمانن ۾ امداد حسيني، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، تاج جويو، جامي چانڊيو، پروفيسر سليم ميمڻ ۽ هدايت بلوچ شامل آهن.

      شمشير الحيدري يقينن، باڪمال شخصيت هو ۽ سندس همت ۽ بردباري واري زندگي، فن ۽ فڪر جا سج وانگر انيڪ رخ آهن. پاڻ، انڌيرن ۾ روشنائي کي ڪيئن پاليو ۽ سچائي کي ڪيئن ڳوليو؟ اهو عمل پڻ دلچسپ ۽ اچرج ۾ وجهڻ وارو آهي. شمشير صاحب، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن کي ساٿين سان گڏجي ٺاهيو. سگا جي تاريخ جي ڪتابن موجب،”ڪراچي جي صدر واري علائقي جي ڪيفي نيويارڪ  ۾ شمشيرالحيدري صاحب جو مهمان خانو سندس سمورن هم خيال دوستن جي گڏجاڻين جو مرڪز هو. 1971ع وارا سمورا مهينا فڪري محفلون ۽ ساڃهه وندن جا ميڙاڪا ٿيندا رهيا ۽ هر جمعي تي 3 وڳي گهڻو ملندڙ دوستن ۾ شمشيرالحيدري، ڊاڪٽر محمد سليمان شيخ، سائين بخش عباسي، مراد علي جوڻيجو، محبوب شيخ گهڻو ڪري هر گڏجاڻيءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. اهڙي ريت، جاڳرتا وارو اهو ڏيئو آخرڪار انهن محفلن مان ئي ٻري اٿيو ۽ 2 اپريل 1971ع تي سنڌ گريجويئيٽس ايسوسئيشن قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ان جا مول متا طئي ڪيا ويا. ان موقعي تي سگا جي اولين ۽ عبوري تنظيم قائم ڪئي وئي جنهن جو سيڪريٽري جنرل شمشير الحيدري  کي نامزد ڪيو ويو. اهڙي ريت، اڌ صدي گذرڻ کانپو سگا ڏيئي مان وڌي سنڌ جي روشن مشعل بڻجي چڪي آهي.

         بيشڪ! وطن ۽ قوم جي محترم هستين ۽ محسنن جي ڪاوشن، تحريرن، قلمي شهپارن، لکڻين، شاعري، ڪلام ۽ سخنن کي قلمبند ڪرڻ ۽ ڪتابن جي صورت ۾ شايع ڪري علمي مرڪزن، ساڃهه وندن ۽ هر دور جي پنهنجن نسلن ۽ دنيا تائين پهچائڻ تمام وڏو قيمتي ۽ ذميواري وارو ڪم آهي. يقينن،”ڪليات شمشير” اهڙي ئي قسم جو دستاويز ۽ شمشير صاحب جي ڪلام تي مشتمل ڪتاب آهي جنهن جي اشاعت سندس قائم ڪيل اداري سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جو فرض ۽ ان تي قرض پڻ هو جنهن کي ڪاميابي سان نڀائڻ واريون ڪاوشون ڪيون ويون آهن. ڪتاب جي پبلشر نوٽ موجب: شمشير الحيدري جي سمورين تحريرن، شاعري، ڪالمن ۽ فني شهپارن کي هٿ ڪري، سهيڙي هڪ ضخيم ڪتاب “گنج شمشير الحيدري”  جي صورت ۾ شايع ڪرڻ  واري رٿ، اداري، سنڌ گريجوئيٽس ايسوسئيشن جي ايڊيٽر علي محمد ميمڻ طرفان پيش ڪئي وئي هئي. جنهن جي اداري منظوري ڏني پر شمشير الحيدري جو سمورو مواد دستياب نه هئڻ ڪري پهرين مرحلي ۾ شمشير الحيدري جي شاعري تي ٻڌل ڪتاب”ڪليات شمشير” شايع ڪرڻ واري رٿ کي عملي جامو پارايو ويو. ايڊيٽر سگا طرفان ڪتاب جي هيڏي وڏي ڪم کي تيزي سان مڪمل ڪري شايع ڪرڻ ۾يقينن ڏينهن رات هڪ ڪري سموري اداري کي سوڀارو بڻائڻ وارو ڪارنامو انجام ڏنو آهي، هي ڪم اداري سگا لا فخر ۽ ڪاميابي جو سبب بڻيو آهي.

 “ڪليات شمشير الحيدري” جي اشاعت واري هيڏي وڏي ڪم جي سربراهي اداري جي چيئرمين رفيق احمد جعفري ۽ ڪميٽي ۾ پروفيسر خالد حسين چنا سيڪريٽري جنرل سگا، عبداللطيف ڪرٽيو، ولي محمد روشن، ڪرم الاهي چنا پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪيو. شمشير الحيدري اڪيدمي طرفان سگا کي ڪتاب جي اشاعت لا شمشير صاحب جي شاعري وارو وڌ ۾ وڌ مواد مهيا ڪيو ويو ۽ هن ڪتاب جا پروف سينيئر اديب ۽ شاعر رکيل مورائي ڏٺا ۽ اداري سگا جي سموري ٽيم طرفان ڀرپور سهڪار مهيا ڪيو ويو. اهڙي ريت هن ڪتاب کي فني لحاظ کان هر صورت ۾ شاهوڪار ۽ جامع بنائڻ جون ڪاوشون ڪيون ويون آهن. اميد ته، هن ڪتاب کي پسند ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button