اسلام آبادپاڪستان

ڪرونا 9 مريضن جون حياتيون کسي ورتيون،706 نوان ڪيس رپورٽ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي 9 مريض فوت ٿي ويا آهن، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 706 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. پازيٽو ڪيسن جي مجموعي شرح هڪ ڏهائي 42 سيڪڙو رهي. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب سڄي ملڪ ۾ 9 مريضن جي فوت ٿيڻ کان پوءِ فوتين جو انگ 28 هزار 414 ٿي ويو آهي. جڏهن ته ڪرونا جي تصديق ٿيل ڪيسز جو انگ 12 لک 71 هزار 27 ٿي ويو آهي. ان سان گڏوگڏ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 706 نوان ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. اهڙي ريت پنجاب ۾ 4 لک 39 هزار 653، سنڌ ۾ 4 لک 68 هزار 776، خيبرپختونخوا ۾ هڪ لک 77 هزار 723، بلوچستان ۾ 33 هزار 220، گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 387، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 813 جڏهن ته آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 455 ڪيسز رپورٽ ٿيا آهن. ملڪ ۾ هينئر تائين 2 ڪروڙ 6 لک 60 هزار 167 مريضن جا ٽيسٽ ڪيا ويا. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 49 هزار 486 نوان ٽيسٽ ڪيا ويا. هينئر تائين 12 لک 19 هزار 174 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن جڏهن ته هڪ هزا 408 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button